هيءُ اتر جو اُٻ آڍيو ڇوڪرو! احمد شاڪر June 2021
سڄي دنيا اندر خوف جي کوڻ هر کنڊ تي ڏهاڙي ڪري رهي آهي ۽ ان سڄي خطرناڪ خوف کانپوءِ جيڪا صورت حال جُڙي آهي. اها ايڏي ئي تڪليف ده آهي، جنهن کي “تنهائيءَ جي سئو سالن” کان به وڌيڪ وسيع چئي سگهجي ٿو!
“ڪورونا وائرس جي ڪري
هر انسان جو هنيانوَ ۾ هٿ آهي ۽
ساهه مُٺ ۾ آهي!”
ان وبائي بيماري جو علاج في الوقت اهو ئي ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن کي لاڪ ڊائون ڪري انسانن کي گهرن تائين محدود ڪرڻ! ان کانپوءِ مون به اهو ئي علاج خريدي گهر ۾ پنهنجي ڪمري اندر پنجويهن ڏينهن کان ترسيل آهيان. انهيءَ سڄي عرصي دوران مون ڪيترائي نظمَ ۽ غزلَ لکيا آهن ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مون اهي سڀئي جيل ڊائريون پڙهيون آهن، جيڪي منهنجي ڪُتب خاني ۾ موجود هيون ۽ جڏهن اهي کُٽي پيون ته مون عمر ريوا بيلا جو ناول “ماتم هڪ عورت جو” پڙهيو، اڄ ڇويهين رات گهر ۾ آهي ۽ مان ننڊ مان اٿيو آهيان، ڪجهه وقت ته کٽَ تي ئي ويٺي ڪمري جي ڇِت ڏانهن ڏسندو رهيس، ڪائي خبر ڪونه ٿي پئي ته ڪهڙي ڪيفيت حاوي ٿي وئي آهي!
گهڻي ويچار کانپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته اها عجيب ڪيفيت ان مٿين ناول جي ڪري جُڙي هئي. جڏهن مون اهو ناول پهريون ڀيرو پڙهيو هو ته ان وقت اها ساڳي ئي ڪيفيت طاري ٿي وئي هئي، جو آئون ٻه هفتا گهران نڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن نڪري ويو هئس ۽ دوستن سان کِل ڀوڳ ڪندي گذاريا هئا ته جيئن ذهن جي زمين تي هَر ڏئي ڪا نئين پوک پوکجي ۽ اڄ جڏهن ٻيو ڀيرو پڙهيو اٿم ته سخت ذهني تڪليف جي تلاءُ ۾ تري رهيو آهيان!
ان پيڙاءُ جي پاتال مان گذرندي اچي وڏو اسر ٿيو آهي ۽ ننڊ جي نوخيز ناري جي رسڻ کي جهڙوڪ ورهيه وهامي ويا هجن! مان کٽ تان اٿان ٿو ۽ ڪتابن جو ڪٻٽ کوليان ٿو. ڪيترن ئي ڪتابن جون ٻانهون مون کي ڀاڪر آڇي رهيون آهن ۽ آئون هٿ ڊگهيڙي شاعريءَ جي ڪتابن ڏانهن وڌايان ٿو ۽ منهنجي هٿ ۾ اتر جي اُٻ آڍيي ڇوڪري جي نظمن جو ڪتاب “هينئڙو اوٺي وڳ جئن” اچي ٿو!
جڏهن به ڪو شاعريءَ جو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ايندو آهي ته ايئن لڳندو آهي، جهڙوڪ سڄي دنيا جي سونهن منهنجي هٿ جي تري تي اچي گڏ ٿي ويندي آهي ۽ ان کي ڏسي ڪري منهنجي اکين ۾ جيڪا چمڪ ايندي آهي. اها چنڊ جي چانڊوڪيءَ کان چئوڻ تي خوبصورت لڳندي آهي.
شاعريءَ جي شهر ۾ داخلا هر ڪنهن کي ناهي ملندي، شاعريءَ جي شهر ۾ داخلا ان جي حصي ۾ ايندي آهي، جنهن جي سيني ۾ ان دل جي ڌڙڪن هجي، جنهن دل ۾ هر ديس جو درد سمائجي سگهي ۽ عالمِ انسانيت جي اکين جا ڳوڙها گڏائي، سامونڊي پاڻي جي شڪل اختيار ڪري ڪڪرن جي شڪل ڏيڻ جيتري سگهه هجي ۽ انهن ڪڪرن مان مينهن وسائڻ کان ويندي، هر هنڌ وسڪاري کانپوءِ مِٽيءَ مان مِٺي خوشبوءِ پيدا ڪرڻ جو ڪرشمو قابو هجي!
ڪتاب هينئڙو اوٺي وڳ جئن، مون اڳ به پڙهيو هو ۽ اڄ ٻيهر پڙهي رهيو آهيان. هيءُ ڪتاب جديد سنڌي شاعري خاص ڪري جديد سنڌي نظم جو جهڙوڪ شناختي ڪارڊ آهي. اهو مان نٿو چوان هن ڪتاب ۾ موجود نظم ٿا چون ۽ اهي اهو به ٿا چون ته هيءَ شاعري آهي. جيڪا پنهنجي جوهر ۾ گوهرِ ناياب به آهي ته واهه جي ڪَڙ تي بيٺل ڪانهه جي پينگهي تي لڏندڙ پکي به آهي ۽ انهيءَ سڄي سهڻي منظر کي پينٽ ڪندڙ علي آڪاش آهي.
علي آڪاش ڪير آهي؟
اهو سوال ايڏو ئي ڳُوڙهو آهي، جيڏو مونا ليزا جِي مُرڪ پٺيان لڪل راز!
مٿين ڳالهه ان ڪري ڪئي آهي، جو هو هن دنيا ۾ اهو اڪيلو انسان آهي، جيڪو هجومن ۾ هوندي به توهان کي الڳ ٿلڳ بيٺل نظر ايندو. پنهنجي دل، دماغ ۽ سوچ، سمجهه جو وقتائتو استعمال ڪوئي هن کان سکي. جهڙي طرح هي پنهنجي ذات ۾ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت رکي ٿو، بلڪل اهڙيءَ ئي طرح هو ادبي دنيا ۾ به هڪ کنڊ جي سڃاڻپ جو ساهس رکي ٿو.
معشوق کان صاحب ۽ وفا معشوق کان علي آڪاش تائين جيڪي به هن چوغا مٽايا آهن. اهي پنهنجي پنهنجي وقت جون حسين يادون ته ضرور آهن، پر علي آڪاش نالو هن جي حصي ۾ اهڙو آيو، جهڙوڪ ڪنهن هارايل لشڪر کي سگهارو سپهه سالار ملي وڃي ۽ فتح جو جهنڊو جهولائي ڏيکاري. هو جيڪو اڄ به قمبر واسين لئه ڪرڪيٽ جي راند ۾ انتهائي سگهارو نالو سڃاتو وڃي ٿو ۽ جيڪا ڪارڪردگي هن ڪرڪيٽ جي راند ۾ ڏيکاري ۽ پنهنجي تر ۾ نالو نمايان ڪيو. ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ ۽ چٽو نالو هن ادبي دنيا ۾ داخل ڪرايو آهي.
مون ڪيئي ڀيرا هن سان قمبر جو شهر گهميو آهي، ايئن چوڻ وڌيڪ مناسب لڳندو ته مون کي قمبر ڏيکاريو ئي علي آڪاش آهي. قمبر! جنهن جو مون وٽ ايٿنز جيان خاڪو هر وقت رهيو آهي ۽ ان ايٿنز جو سقراط مون کي ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو لڳندو آهي. هن شهر ڪيئي ڪردار سنڌ جي سونهن سينگار جي سامان ۾ حصي طور ڏنا آهن ۽ انهن ڪردارن جي انفراديت ڏسڻ وٽان ۽ اچرج وٽان آهي. مان ڪنهن به تاريخي پسمنظر ۾ پنهنجي تحرير کي گم نٿو ڪرڻ چاهيان ۽ اچان ٿو پنهنجي اصل ڳالهه تي ته هن ئي شهر جون گهٽيون، روڊ رستا ۽ راندين جا ميدان، واهه موڪون ۽ عيسيٰ پتڻ کان ويندي قمبر شهر جي ٻهراڙيءَ جي ڊگهين ٻانهن ۾ جيڪي خوبصورت نظمن جون چوڙيون علي آڪاش پارايون آهن، ايئن ان شهر کي اڳ ڪنهن به هار سينگار ناهي ڪرايو!
هو هميشه سوچ جي اونهي ساگر ۾ رهندڙ اهڙي سِپ آهي، جنهن ۾ اهڙي موتيءَ جو جنم ٿو ٿئي، جيڪو بنهه مختلف هجي ٿو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ قطع طور ڪونهي ته هن وٽ هر وقت ڪجهه نئون ڪرڻ جو خيال ڪَر موڙيندو رهي ٿو. عالمي ادب کان ويندي، سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي دنيا جِي دري کوليندڙ ۽ شاعريءَ جي اوک ڊوک کان ويندي شاعريءَ کي نوان رُخ ڏيڻ تائين هُن جيڪا به محنت ڪئي آهي، اها ڏسڻ وٽان آهي!
هينئڙو اوٺي وڳ جئن، شعري مجموعي جو مهاڳ پڙهڻ سان ڄاڻ جا پرت کلن ٿا ۽ اها ڄاڻ هنن عنوانن سان علي آڪاش ڏني آهي. شاعر جي آزادي، جنگي جماليات ۽ اهنسائي اصطلاحن کي شاعريءَ مان الڳ ڪرڻ، فرد جي ويڳاڻپ، شاعريءَ جو شهرجڻ (اربنائيزيشن)، تجنيس حرفي/اکرن جي هڪ جهڙائي ۽ اندروني قافيا، نئين اسلوب/اسلوبن جي ڳولا، نون رڌمن جي جستجو، ننڍڙا نظم، لفظن جي بچت، شاعريءَ جي فن سان پيار هي رڳو خالي عنوان ناهن، انهن ۾ اندر مڪمل شاعريءَ بابت جيڪا پچار ڪئي وئي آهي، اها نه رڳو ان کي اظهاري ٿي، پر نون لکندڙن کي ڄاڻ جي ڏيهه ۾ به هيءُ مهاڳ وٺي ويندڙ آهي.
هن ڪتاب ۾ هڪڙا اهڙا به نظم آهن، جن کي پڙهي ڪري اهو ترت فيصلو ڏئي سگهجي ٿو ته اهي نظم نه رڳو علي آڪاش جي شاعريءَ جا چمڪندڙ تارا آهن، پر اهي ته جديد سنڌي نظم جي نرالي نگريءَ ۾ خوبصورت باغيچي جي حيثيت رکندڙ آهن. انهن نظمن ۾ تون ڌرتي مان آڪاس، تون الائي ڪٿي اڄ اسان کان پري، هيءُ اُتر جو اُٻ آڍيو ڇوڪرو ۽ مايا آهن. هي نظم انهيءَ اعتبار کان به گهڻو اڳتي ويندڙ آهن ته انهن ۾ فني، فڪري ۽ جمالياتي حُسن کان ويندي پنهنجي شعري حسناڪيءَ تائين سڀني وصفين سون آهن. آئون اوهان پڙهندڙن کي هن ڪتاب مان مختلف نظمن جا حصا پڻ پڙهائڻ چاهيندس، جيڪي مون ليڪي رکيا آهن ۽ اهي پڙهڻ وٽان ۽ ياد ڪرڻ وٽان پڻ آهن.
اڄ نظر جيڪا پُراڻي ٿي وئي پَٽي جيان،
ڪلهه اُها هِن واهه جئن وهندي هئي.
*
خبردار موکي! اسين رند آهيون
اسان کان نٽائڻ چڱي ڳالهه ناهي
ايئن عام سمجهي
ٻه ٽي جام آڇي
پيالا هٽائڻ چڱي ڳالهه ناهي
*
جڙ جنهن جي آ مِٽيءَ ۾
سو سدا سائو سڀاڳو ۽ سکيو
آسمان جي آرزوءَ ۾ رُلي
سو سدائين دربدر هيکل اڀاڳو ۽ ڏکيو.
*
هر ڪو هت پرديسي آهي
دنيا دائم ديرو ناهي
پرڙا ساهڻ، ٻوليون ٻولڻ
سڀ ڪجهه هڪڙو ڀيرو آهي.
مٿيون ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ ۽ هينئڙو اوٺي وڳ جئن، تي ويچار ونڊڻ کانپوءِ مون وٽ هڪڙو خيال هلي آيو آهي، جنهن جي هٿ ۾ چٺي آهي ۽ ان تي اهو لکيل آهي ته علي آڪاش جي سڀني ڪتابن تي ترتيبوار راءِ لکجي ۽ مان ان تي عمل ڪندي. عليءَ جي سڀني ڪتابن تي ترتيبوار راءِ رکي رهيو آهيان.
شاعريءَ جي بچاءُ ۾:
اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي اندر ۾ سچيت هوندا آهن. هي مختصر ٻه اکر جنهن جي ڪم بابت لکان پيو سچ ته اهو اڪيلو انسان آهي، جنهن سان منهنجو پهريون ۽ نج تخليقي بنيادن تي واسطو جڙيو ۽ مان اڳ به سندس بابت اها راءِ ڏئي چڪو آهيان ته هي مون کي ان ڪري به عزيز آهي، جو هي اهڙي گُهٽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾، جنهن ۾ پاڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن لاءِ سوچڻ جو وقت ئي نه هجي. ان ماحول ۾ هي احساسن جي دنيا جي لئه فڪري راهون تلاشيندي نظر ٿو اچي ۽ شاعريءَ جي بچاءُ بابت سوچيندو ۽ لوچيندو ٿو اچي نه صرف سوچڻ ۽ لوچڻ تائين هي محدود آهي، پر ان جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ به اپاءُ ۽ تجويزون ڏيندو رهي ٿو، جنهن جو وڏو مثال سندس ڪتاب “شاعريءَ جي بچاءُ ۾” آهي.
هي ڪتاب توڻي جو ڪالمن جي صورت ۾ لکيل آهي، پر اها ڪماليت هن ڪتاب ۾ عيان آهي ته هر ڪالم هر ٻي ايندڙ ڪالم جي تسلسل ۾ لکيل آهي. هي ڪالم ان ڪري به اهميت جوڳا آهن، جو هنن ۾ ڳُوڙها ويچار ونڊيل آهن ۽ اهي ويچار شاعري جي موجوده سفر بابت به آهن ته ماضي سان گڏ مستقبل لاءِ به آهن.
سنڌي ادب ۾ مون کي نٿو لڳي ته ڪو اهڙو جامع ڪتاب اڳ لکيو ويو هجي. جيڪو نج شاعري جي بچاءُ/ڦهلاءُ بابت هجي. اها توهان ۽ اسان جي دور جي خوش نصيبي آهي، جو اسان کي پنهنجي دور ۾ نج تخليقڪار ۽ شاعري کي سمجهندڙ علي آڪاش مليو آهي. تمام گهٽ اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي ڪُل وقتي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندا آهن. هي انهن ماڻهن مان آهي. جيڪي پنهنجي ايندڙ دور کي فلسفي خيالن جي خدائي کان آگاهه ڪندا آهن.
هن ڪتاب جو هر مضمون هر هر پڙهڻ وٽان آهي ۽ شيخ اياز جي شاعري ۽ ان تي عام راءِ جڙڻ واري پاسي بابت ٽئي مضمون ڪارائتا آهن ۽ ان سان گڏ غزل بابت به ڪافي وڻندڙ ۽ ڄاڻ ڀريون ڳالهيون ڪيل آهن. ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب جي هر صفحي تي شاعريءَ جي اهميت تي ڳالهايو ويو آهي.
هي اهڙو ڪتاب آهي، جنهن تي هڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ اهڙا ڪتابَ هڪ دور جي تاريخ جا حوالا پڻ بڻبا آهن. مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب تيستائين نه لکيو وڃي ها، جيستائين شاعري سان دشمني اختيار نه ڪئي وڃي ها! اهو هڪ زبردست موضوع آهي، جنهن تي ڀرپور بحث ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻي مقدار ۾ غير معياري شاعري سرجي رهي آهي ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن.؟ اهي جاچڻا آهن.
پڪا رَڇ ڪنڀار جا:
سنڌي شاعري جو سفر ڪيڏو نه شانائتي انداز سان ٿي رهيو آهي ۽ ان سفر ۾ سينيئر ٽهي ۽ جونيئر ٽهي جا سٻاجها شاعر پنهنجين تخليقن ذريعي ان شانائتي سنڌي شاعري جي سفر واري شاهراهه کي روشن بڻائي رهيا آهن. سچ ته اهو آهي جو سنڌي شاعري جو هن وقت جيڪو سفر ٿي رهيو آهي، اهو ايڏو ته اثرائتو ۽ وزنائتو آهي، جو ان جي ڪارائتي هجڻ تي ڪٿي به شڪ نٿو ڪري سگهجي.
پڪا رَڇ ڪنڀار جا ڪتاب کي پڙهي ڪري اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي شاعري پنهنجي منزل تي پهچي چڪي آهي. هن ڪتاب جا نظم موضوعاتي حوالي سان نوان آهن ۽ انهن جي پيشڪش ايتري ته وڻندڙ آهي، جو پڙهندڙ اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته انهن جو قدر ۽ قيمت ڇا آهي.
هن ڪتاب جي هڪ خاصيت اها به آهي جو هن ڪتاب ۾ شامل پيرائتو مهاڳ آهي ۽ اهو مهاڳ ان ڪري وڻندڙ ۽ اثرائتو آهي جو اهو شاعري جي بچاءُ بابت لکيو ويو آهي ۽ ان مهاڳ ۾ شاعراڻي حُسن تي ۽ ان جي اهميت تي جيڪي ڳالهيون پچاريون ويون آهن، اهي ڳالهيون شاعراڻي اهميت کي اجاگر ڪندڙ آهن.
علي آڪاش اسان لئه ان ڪري به اهم آهي، جو هو هر وقت شاعري جي اهميت کي اجاگر ڪندو رهي ٿو ۽ ان جي بچاءُ بابت ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ ان جي اثرائتي ڦهلاءُ بابت ڪارائتيون ڳالهيون ڪندو رهي ٿو.
نئين ڪوتا جو بحث ۽ ٻيا مضمون:
تخليقي ادب سرجڻ ايڏو سولو ڪونهي. امداد حسيني چواڻي ته “لڙڪ کي لفظ ڪرڻ-ايترو سولو نه آ” بلڪل ايڏي ئي پيڙاءُ مان تخليقڪار پاڻ کي پار پڄائي ٿو ۽ تخليق جو تاج محل جوڙي ٿو. مون محسوس ڪيو آهي ته اسان وٽ ٻٽي غلامي جي ڪري عام ماڻهو ڏاڍو ڏکيو وقت گذاري ٿو. ظاهر آهي ته جنهن جي هٿ ۾ پنهنجا وسيلا نه هوندا ته اهو ڪٿان سکيو ستابو ٿيندو. جنهن ماڻهو جو مسئلو ماني آهي، اسان ان کي ادبي دنيا ۾ ڪيئن ٿا داخل ڪري سگهون.؟ اهو هڪ پيچيده سوال آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسان جي ماڻهو کي اڃا ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت آهي ۽ اها ضرورت خوشحالي آهي، جنهن سان هو سُک جو ساهه کڻي سگهي ٿو ۽ آزادي سان سپنا اُڻي سگهي.
مون کي چوڻو ڪجهه ٻيو هيو پر آئون چئي ڪجهه ٻيو ويو آهيان. خير اها مٿين ڳالهه به اسان ۽ اوهان بابت آهي، اها به هجڻ گهرجي، پر مون کي جا ڳالهه چوڻي آهي، اها آهي، هڪ ڪتاب بابت ۽ ڪتاب تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ جهڙوڪ ڪائنات جي اسرارن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ آهي.
مون سڄو ڪتاب پڙهيو آهي ۽ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ ڪتاب سنڌي تخليقي ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو اهم آهي ۽ اهڙن ڪتابن جي اسان کي گهڻي ضرورت آهي. علي آڪاش جي گودڙي ۾ هن ڪتاب کان علاوه شاعريءَ جي بچاءُ ۾ ايترو ڪجهه آهي، جنهن سان اسان پنهنجي تخليقي ادب جي آبياري ڪري سگهون ٿا.
درويش جي تنهائي:
اسان جا دوست الائي ڇو نقاد ان کي ٿا سمجهن جيڪو فُٽپٽي کنيو شاعري کي وزن، بحر ۾ ڏينهن رات ماپڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندو آهي.
اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته وزن بحر شاعري لئه آڪسيجن آهي ۽ ان ڳالهه کان ڪَن لاٽار نٿي ڪري سگهجي ته “ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين” سو چوڻ جو مقصد ته وزن بحر سميت قافيي رديف کان به اڳتي شاعريءَ جون گهرجون آهن، جيئن اياز چيو:
شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.
مٿين ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جا جيڪي ساٿي شاعريءَ کي وزن بحر تي بهاري بيٺا آهن، انهن کي ايم ڪمل جو هي شعر بار، بار پڙهڻ گهرجي:
سولو ھنر ته ناھي، ھي فن گھڻو پڇي ٿو
ڪو ڪو غزل لکي ٿو، باقي وزن لکن ٿا.
آئون اصل ڳالهه ڏانهن اچان ٿو، سنڌ اندر شاعريءَ تي صحيح معنيٰ ۾ جيئن علي آڪاش پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو، انهن ڳالهين کي پڙهي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ناقدانه اک ايئن ئي هوندي آهي، جيئن هو شاعري تي ڳالهائي ٿو. سندس ٻين لکڻين کي هتي حوالي طور نٿا آڻيون، رڳو تازي شعري مجموعي “درويش جي تنهائي” ۾ هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي رڳو حوالي طور پيش ڪجن ته ڪافي آهن.
علي آڪاش ڪلاسيڪل صنفن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي نه صرف ايترو، پر هُن پنهنجي شعري مجموعي ۾ به اهي ڪلاسيڪل صنفون شامل ڪري اها شروعات پاڻ کان ئي ڪئي آهي. وائي ۽ بيت سميت ڪلاسيڪل صنفن بابت علي جيڪي خيال پيش ڪيا آهن، اهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهن.
هاڻ ساڳيو جهانُ ڪٿ آهي،
تنهنجو “آڪاش” ڌيان ڪٿ آهي؟
هئن نه کيڪار مون کي ڳوڙهن مان،
ايترو منهنجو مانُ ڪٿ آهي!
واءَ ۾ ٿو اُڏيس رئو نيرو،
ٿي پڇي: آسمانُ ڪٿ آهي؟
ڪتاب ۾ شامل شاعري جو سواد نڪور آهي ۽ ان جي شاهدي طور هي ٻه نظم “ڏکيا ڏينهن” ۽ “سنڌو لُڙاٽيل جل ديوتا” پيش ڪري سگهجن ٿا.
گلابي اڳتي ويندڙ راهه:
تمام گهٽ ڪارائتا ڪتاب پڙهڻ لئه ملي ويندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته وڏي وقت کان وٺي ڳولا جي باوجود به ڪوئي ڪارائتو ڪتاب ڪونهي ملندو پڙهڻ لئه، پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، جو ڄاڻ/ڏاهپ جي ڏيهه جو مڪمل ڀنڊار ڪَني تار هٿ جي تري تائين اچي ويندو آهي. آئون هيءَ ڳالهه هتي ٻيو ڀيرو لکي رهيو آهيان ته پڙهڻ، لکڻ ۽ پيار ڪرڻ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪوبه ڪم نٿو اچي. سو مسلسل پڙهڻ دوران جيڪي ڪتاب مون کي وڻيا ۽ جن مان مون گهڻو ڪجهه پرايو آهي، هتي انهن جي لسٽ ڏيڻ مناسب نٿو سمجهان، هڪ ٻن ڪتابن کي ڳڻائجي ته بهتر رهندو. مثال طور: شاهه جو رسالو، ديوانِ غالب، مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات، منهنجو داغستان کان ويندي ڪيئي ڪتاب ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ ان سلسلي جي ڪڙيءَ ۾ اڄ هڪ ٻي ڪڙي جو به اضافو ٿيو آهي ۽ اهو ڪتاب “گلابي اڳتي ويندڙ راهه” آهي.
گلابي اڳتي ويندڙ راهه هڪ ڪتاب ڪونهي هيءُ ته ڪيئي ڪتاب آهن ۽ سچ اهو آهي ته مون وٽ جن شاعرن جو صرف نالو پهتو هو، پر هن ڪتاب ته انهن جي زندگيءَ جا ورق ورايا آهن، سندن علمي، ادبي ڪم کي وائکو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي مختصر شاعريءَ جو سليس ۽ چونڊ ترجمو پڙهايو آهي. ان گلابي راهه تي گل لڳائيندڙ اسان جو علي آڪاش آهي.
علي آڪاش جو گلابي اڳتي ويندڙ راهه جو ڏس ٿو ڏئي، ان راهه ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاعرَ پنهنجي شاعريءَ جا گلدستا هٿن ۾ کنيو بيٺا آهن ۽ جڏهن انهن جي ويجهو وڃجي ٿو ته انهن گلدستن مان خوشبوءِ ٿي اچي ۽ اها خوشبوءِ شاعري جي آهي ۽ شاعري جنهن جي ذڪر ڪرڻ سان مان هميشه مسرور ٿي ويندو آهن.
“شاعري جا منهنجو لباس آهي،
شاعري جا منهنجي آڪسيجن آهي.”
سو ڳالهه ڪئي پئي ان گلابي راهه جي جنهن جو ڏس علي آڪاش ڏنو آهي ۽ اها راهه ان منزل طرف ٿي وٺي وڃي، جتي عظيم شاعرن جي محفل آهي ۽ عظيم شاعري آهي. غزل اهڙي صنف آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ايئن لڳندو آهي ته شاعريءَ سان ملاقات ٿئي ٿي، جنهن کي ٻڌڻ سان ايئن لڳندو آهي ته شاعريءَ جي ڳلي مان سرگم جا ست ئي سُر ڇڙي پيا آهن. غزل اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ايتري سگهه ضرور آهي، جو هڪ مردي ۾ حرڪت پيدا ڪري ٿي سگهي ۽ هڪ زنده انسان کي پنڊ پهڻ بڻائي ڇڏڻ جي سگهه رکي ٿي ۽ غزل کي لکندڙ شاعر منهنجي نظر ۾ هڪ مڪمل شاعر آهي ۽ مان هميشه هڪ ڪامياب شاعر ان کي ئي سمجهندو آهيان، جيڪو غزل کي ايئن لکي، جيئن غالب لکيو آهي يا امير خسرو لکيو آهي ۽ اهڙي پد جو غزل لکڻ رات پيٽ وچ ۾ ڪونه ٿو ٿي سگهي. ان لئه ويراڳ جي واديءَ ۾ گوتم جيان چلو ڪاٽڻو پوي ٿو ۽ مسلسل درد جي دنيا جي دائري ۾ رهڻو پوي ٿو ۽ ڪربَ جي قبيلن جو لڳاتار سفر ڪرڻو پوي ٿو، تنهن بعد ئي اهڙو غزل لکڻ جي سگهه حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ جڏهن اهڙي غزل کي ڪوٺي تي ڪائي رقاصه گُهنگهرو جي ساز سان پير تي پير رکي آلاپيندي آهي ته ان غزل کي ايڏي اوچي اڏام ملي ويندي آهي، جهڙي نواب جان جي دم سان غالب جي غزل کي ملي وئي آهي!
غزل جو ذڪر ان ڪري به پنهنجي تحرير ۾ اچي پرڙا ساهي لٿو آهي، جو مون اڳيان هڪ اهڙي شاعر جا غزل تارن جيان وڇايل پيا آهن، جيڪو هن وقت نظم جي نديءَ جي ڪناري تي پکڙو اڏي ويٺل آهي ۽ سندس نظم نيري نيري نِڀ تي ڪونجن جي قطارن جيان وڻندڙ منظر ٺاهي بيٺل آهن، نه رڳو سندس نظم، پر هو هر شعري صنف کي ڇهي ٿو ته ان کي پر لڳائي ڇڏي ٿو، اهو ان ڪري به جو هن پنهنجي جوڀن جا جنوري سميت جون جا سرد ۽ گرم مهينا شاعريءَ جي ڳوٺ جون مٽيون ڀريون آهن ۽ انهن مٽين ۾ کوهه جو مٺو ۽ ٿڌو پاڻي جنهن جنهن به پيتو آهي، اهو شاعريءَ جي شهر ۾ آسانيءَ سان داخل ٿي چڪو آهي. سندس ان محنت ۽ مسلسل رياضت سان ئي هن شاعريءَ جو معراج ماڻيو آهي ۽ ان معراج تان جڏهن هو موٽي ٿو ته سندس هٿن ۾ غزلن جو گلدستو “ڪاڪ ڪناري شام” هٿن ۾ آهي ۽ هن جيڪي شاعريءَ جي ڪاڪ ڪناري تي غزلن جا گُل پوکيا آهن، انهن جي خوشبوءِ ٻين سڀني گلن کان مختلف آهي.
ڪتابن جي ڳالهين کانپوءِ هڪ ٻي ڳالهه به ونڊڻي آهي ۽ اُها اِها ڳالهه آهي، جو علي آڪاش جي شاعريءَ کي جيڪا هن وقت زبان ملي رهي آهي، ان زبان مان نڪرندڙ آواز هر ان ڪن تائين پهچي ٿو، جيڪو سوشل ميڊيا تي ويٺو آهي. هڪ وقت هو، جو شاعرَ پنهنجي شاعري فنڪارن کان ڳارائيندا هئا ۽ ان ذريعي ئي اهو شاعر ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندو هو. دور مٽيو آهي، اظهار جا ذريعا به مٽيا آهن. اهڙيءَ طرح سان علي آڪاش جي شاعري کي جيڪا زبان ملي آهي، اها انهن ننڍڙن ٻالڪن جي ملي آهي، جن جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب آهي ۽ زبان تي علي آڪاش جي شاعري آهي ۽ اهي ٻارڙا ڪامريڊ ڪومل، نصيب علي، اجي لغاري (جاڳرتا پبلڪ اسڪول ڳوٺ بجراڻي لغاري) آهن، جن جي پڙهڻي سان علي آڪاش جي شاعري وڌيڪ حافظي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ اهو هڪ تخليقڪار لئه تمام وڏو اعزاز آهي، جو ان جي تخليق ديس جي ٻارڙن جي چپن تي مُرڪ جيان اجريل عاليشان عمارت هجي. وبا جي ڏينهن ۾ جڏهن سڀ ڪوئي پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي. ملڪَ، شهرَ ۽ ڳوٺَ ويرانيءَ جي ور چڙهي ويا آهن. ان سڄي صورت حال کي جڏهن ڏسجي ٿو ته اکين ۾ رت لهي ٿو اچي!
وڻن تي ويٺل پکين جي ڪير ٻولي ٻڌي نه ٿو!
وسيع ميدانن تي ڪير راند نه ٿو کيڏي!
سنڌ جي هر چوڪ تي سواءِ لانگ بوٽن ۽ رائيفلن جي پاڇي کان سواءِ عام انسان جِي سُڌ ئي ڪونهي!
ريشم ڳليون اُداسيءَ جون اُونهيون غارو ٿيون لڳن!
ان سڄي ڪرب جي قبيلن مان گذرندڙ انساني زندگيءَ کي ڄامشوري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي، ليپ ٽاپ تي آڱريون رکي جڏهن وايون ٿو لکي ۽ اهي جڏهن فيس بُڪ تي اپلوڊ ڪري ٿو ته پڙهندڙن کي ڏُک جي ڏيهه ۾ پهچائي ڇڏي ٿو!
وبا جي ڏينهن ۾ اڄ جو انسان پاڻ کي سيڪنڊ سيڪنڊ سوريءَ تي ٽنگيل ٿو محسوس ڪري ۽ انهن ڏينهن ۾ جڏهن علي آڪاش جو جنم ڏينهن آيو آهي ته سچ پڇو مون وٽ ڪوئي گلاب جو گل به ڪونهي جو کيس آڇيان ۽ مون وٽ بيروزگاريءَ جي ڪري ايترا پئسا به ڪونهن جو کيس ڪيڪ وٺي ڏئي اچان! انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڪري، جيڪا پنهنجن شهرن جي وچ ۾ لاڪ ڊائون جي ڊگهي ديوار ڏني وئي آهي. ان جي ڪري به ميهڙ کان ڄامشوري تائين پهچڻ به ڪنهن پريشانيءَ کان گهٽ ڪونهي. ان ٻُڏ تر وارين گهڙين ۾ ميهڙ مان گهر جي اڱڻ تان بيهي، ڄامشوري ڏانهن منهن ڪري اهو ٿو چوان ته:
اي!
هوا
ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي هڪ اهڙو به انسان رهي ٿو، جنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي.
جيڪو پنهنجي خيالن جو خدا آهي ۽ قلم جو ڌڻي آهي.
سُجاتا، وديا ۽ ڪبير جو بابا آهي.
سندس گهر جو پتو:
“سينڊوز روڊ، ويجهو پي ٽي سي ايل آفيس ڄامشورو، آهي.”
کيس در تي هلڪي ٿپڪي لڳائجين ۽ جڏهن هو در کولي ٻاهر نڪري اچي ته ان کي اهو چئجين ته:
اي!
اُتر جا اُٻ آڍيا ڇوڪرا
اي!
علي آڪاش:
“جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون!”
شاعريءَ جي شهر جُون مٽيُون ڀريندڙ:
(احمد شاڪر)

