ايڊيٽوريل

برسات رحمت آهي، پر سنڌ جي شهرن لاءِ حڪومت جي نااهلي ڪري اها زحمت بڻجي ٿي

برسات فطرت جي حسن کي اجاگر ڪندي آهي. وڻ ٽڻ ڌوپجي ويندا آهن. برسات جي موسم مان انسان ته لطف وٺندو آهي، پر پکي پکڻ ۽ جانور به انهي موسم جو مزو ماڻيندا آهن، بهتر فصل ٿيڻ جو امڪان بارش جي ڪري وڌي ويندو آهي، پر ڇا ڪجي صوبي سنڌ جي شهرين جي حالت اها آهي، جو جڏهن آسمان تي ڪڪر ڏسندا آهن ته بجاءِ برسات پوڻ جي لاءِ دعا گهرڻ جي اهي برسات نه پوڻ جي دعا گهرندا آهن.
ان جو سبب اهو آهي ته بارش کانپوءِ جيڪا ويڌن شهر ۽ شهرين سان ٿئي ٿي. اهو اذيتناڪ عمل هوندو آهي. گهٽيون، روڊ پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن ۽ ماڻهو ويچارا ٻاهر نڪرڻ جي حالت ۾ نه هوندا آهن، جيتوڻيڪ انهن کي روزي روٽي جي لاءِ ضرور ٻاهر نڪرڻو هوندو آهي. اسانجي سڀني شهرن ۾ بارش جي پاڻي جي نيڪال جي لاءِ هڪ نظام جڙيل آهي، جيڪو مختلف حڪومتن جي نااهلي جي ورچڙهيل آهي. برساتي پاڻي جي وهڪرن جا اهي لنگهه ڪٿي مٽي سان ڀريا ويا آهن ته ڪٿي وري انهن جي مٿان قبضه گيرن قبضا ڪري دڪان ۽ گهر ٺهرائي ڇڏيا آهن. جنهن جي ڪري بارش جي پاڻي کي نيڪال نه ٿو ملي ۽ پاڻي روڊن تي بيهي روڊن کي درياءَ بڻائي ڇڏي ٿو، جتان نه پيادل گذري سگهي ٿو، نه بائيڪ وارو ۽ نه ئي ڪار وارو.
هن بارش به ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ساڳي حالت ڪري ڇڏي، جيڪا ماضي ۾ ٿيندي رهي آهي. ماڻهن کي گاڏيون وچ رستن تي ڇڏي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻو پئجي ويو، ڇو ته گاڏيون بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي ويون هيون. ڪراچي شهر جو مصروف ترين روڊ شاهراهه فيصل هجي، يونيورسٽي روڊ هجي يا ڊفينس ۽ ڪلفٽن جا پوش علائقا، هر طرف پاڻي نظر آيو.
اربين رپيا گجر نالي جي صفائي تي خرچ ٿيا. اتان قبضا به هٽايا ويا، پر ان جو فرق ته نظر نه آيو. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم تي الزام ڏئي پئي، ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي تي الزام ڏئي رهي آهي. انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ايم ڪيو ايم چائنا ڪٽنگ جي نالي تي انهن برساتي گذرگاهن کي وڪرو ڪري اتي پلازه ۽ گهر ٺهرائي ڇڏيا هئا، پر هاڻي گذريل پندرنهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪمراني آهي. ان جي باوجود صوبي ۾ بارش جي پاڻي جي نيڪال ۽ گٽرن جي بروقت صفائي ۽ برسات جي موسم کان پهرين ڪيل تياريون، ادارن ۾ ويٺل نااهل ماڻهن جي ڪري ڪراچي سميت صوبي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ظاهر ٿين ٿيون.
اسان کي اهو نظر ٿو اچي ته هر جاءِ تي ويٺل ماڻهو چاهي اهو ميونسپل ڪارپوريشن جو عملدار هجي يا ڪنهن ڪينٽونمينٽ بورڊ جو عملدار هجي، ان کي عوام جي سهولت جي ڪابه پرواهه نه آهي. ان کي ان ڳالهه جي به ڳڻتي نه آهي ته برساتن جي پاڻي جي اُٿلڻ جي ڪري جيڪو گهرن کي نقصان پهچي ٿو، روڊن ۽ رستن تي پاڻي جمع ٿئي ٿو ۽ ننڍا ملازم نوڪرين تي وڃڻ وارا، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ٻار ڪيترو پريشان ٿين ٿا. رڪشائن جا ڪرايا وڌي ٿا وڃن، ماڻهن جون ذاتي گاڏيون جيڪي اڄ ڪلهه مهانگي پيٽرول سبب رکڻ ۽ هلائڻ مشڪل ٿي ويون آهن. انهن جي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي ۽ سفيد پوش ماڻهو وڌيڪ مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿئي ٿو. هن وقت سڀني سياسي پارٽين اليڪشن جي مهم جي سلسلي ۾ تمام گهڻا نعرا ڏنا آهن، پر هن ننڍي بارش انهن سڀني نعرن جي قلعي کولي وڌي آهي. جيڪي حڪومتون شهرن مان بارش جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جون اهل نه آهن، اهي ماڻهن کي خواب نه ڏيکارين.
سڀئي سياسي پارٽيون جلسن، جلوسن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيون آهن، پر هڪ ٽيڪس ڏيندڙ عام شهري کي مينهن جي ڪري روڊن تي هلڻ ۾ جيتري پريشاني ٿي آهي، ان جو احساس ڪير ڪندو. انهيءَ جو سدِباب ڪير ڪندو. هنن سڀني پارٽين کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ته ماڻهن کان مليل ٽيڪس جو ناڻو انهن جي آسائشين ۽ سهولتن جي لاءِ خرچ ٿيڻ کپي. بارشون بجاءِ زحمت ٿيڻ جي رحمت ٿين ۽ ماڻهو بارش پوڻ جي دعا گهري.