اڄوڪو بنگلاديش جيڪو 1947ع ۾ پاڪستان جو حصو هو ۽ اوڀر پاڪستان سڏرائيندو هو، جيڪو 16 ڊسمبر 1971ع تي اولهه پاڪستان کان ٽٽي ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، سياسي ۽ معاشي اڻبرابري، ثقافت ۽ ٻولين جو تضاد ۽ ان جي لاءِ بنگالي ٻوليءَ کي اها حيثيت نه ملڻ جيڪا اتان جي ماڻهن جي گهر هئي شامل آهن. 1971ع ۾ ان وقت جي اوڀر پاڪستان مٿان مليٽري ڪريڪ ڊائون جنهن بنگال جي نوجوانن اندر بغاوت جو جذبو پيدا ڪري ڇڏيو ۽ اتان جو نوجوان هڪ اهڙي موڙ تي اچي بيٺو جو 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش جو جنم ٿيو. بنگلاديش جي تاريخ به تمام گهڻي دلچسپ آهي. 2024ع ۾ بنگلاديش جي نوجوانن بنگلاديش يونيورسٽي ۾ حسينه واجد جي خلاف هڪ بغاوت شروع ڪئي، جنهن ۾ سندن گهر اها هئي ته سرڪاري نوڪرين جي معاملي ۾ جيڪو ڪوٽا سسٽم آهي ان کي بهتر بڻايو وڃي، ڇو ته ان ڪوٽا سسٽم ۾ حسينه واجد عوامي ليگ جي وفادارن کي فائدو ڏيندي سندن ڪوٽا وڌيڪ رکي هئي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اتان جي نوجوانن گهر ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو پنهنجيون قيمتي زندگيون وڃائي ويٺا ۽ پوءِ گوڙ وڌندو رهيو تان جو حڪومت انٽرنيٽ جي مٿان به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ 32 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. حڪومت طرفان ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، ايتري حد تائين جو بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ به حسينه واجد جي ڪوٽا سسٽم واري فيصلي کي رد ڪيو، پر ان فيصلي به نوجوانن جي جذبات کي ٿڌو نه ڪيو ۽ نيٺ 5 آگسٽ 2024ع تي احتجاج ڪندڙن کي آخري ڪال ڏيڻي پئي ۽ اهي ڍاڪا جي رستن تي نڪري آيا، جنهن آخرڪار شيخ حسينه واجد کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ تاريخ ان جي گواهه آهي ته ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جا مجسما ٽوڙيا ويا، ان جي گهر کي باهه ڏني وئي ۽ ان جي خاندان وارن کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻو پيو. هن وقت وزيراعظم جي عهدي تي ڊاڪٽر محمد يونس چيف ايڊوائيزر جي طور تي عبوري حڪومت هلائي رهيو آهي. فطري طور تي پاڪستان ۽ بنگلاديش هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ٻنهي جو عوام هڪٻئي سان گڏجي هلڻ چاهي ٿو، هڪٻئي وٽ سياحت لاءِ وڃڻ چاهي ٿو، هڪٻئي سان واپار ڪرڻ چاهي ٿو، پر جيئن ته اسان جي خطي ۾ جتي اسان جا تعلقات نه صرف ڀارت سان خراب رهيا آهن، پر اتي بنگلاديش سان به ساڳي صورتحال رهي آهي.
شيخ حسينه واجد جي وڃڻ کانپوءِ ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهي ۾ جيڪا عبوري حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ان پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ وڏي تبديلي آندي آهي. ڊاڪٽر محمد يونس پاڪستان سان پنهنجي خراب لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ سڌيءَ ريت واپاري لاڳاپا هن وقت بحال ٿي چڪا آهن، پاڪستان مان پهريون مال ڍوئيندڙ جهاز بنگلاديش جي لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ اوڀر پاڪستان سانحي کانپوءِ هي پهريون ڀيرو واپاري لاڳاپو سڌيءَ ريت بحال ٿيو آهي. بنگلاديش پاڪستان جي ٽريڊنگ ڪارپوريشن جي ذريعي مجموعي طور تي 50 هزار ٽن چانور خريد ڪندو جنهن جو معاهدو فيبروري ۾ ئي ڪيو ويو هو. ٻئي مرحلي ۾ بنگلاديش پاڪستان کان 25 هزار ٽن چانور خريد ڪندو PNSC جو مال ڍوئيندڙ جهاز سرڪاري مال کڻي پهريون ڀيرو بنگلاديش جي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندو. هي ٻنهي ملڪن جي لاءِ تمام گهڻو خوشيءَ جو موقعو آهي، ڇو جو پاڪستان ۽ بنگلاديش جون حڪومتون ٻئي اهو چاهين ٿيون ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ويجهو اچي پنهنجن سماجي ۽ معاشي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن وقت بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪو معاشي معاهدو ٿيو آهي اهو تمام ننڍي سطح جو آهي، پر جيڪڏهن اهو مستقل بنيادن تي قائم رهيو ته اڳتي هلي ان جي مقدار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان جا ڪيترائي سرمائيدار هن وقت بنگلاديش ۾ موجود آهن، جيڪي خاص طور تي ڪپڙي سازي ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ ناڻو لڳائي اتي ڪم ڪري رهيا آهن، ان جو مقدار به ڪو گهڻو وڏو ڪونه آهي، پر مستقبل ۾ اهو به ممڪن آهي ته بنگلاديش جو سرمائيدار پاڪستان ۾ اچي هتي پنهنجي مفاد مطابق ڪنهن به هنڌ سرمائيڪاري ڪري. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ تمام گهڻا موقعا آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي سرمائيدارن لاءِ هڪٻئي جي ملڪن ۾ سرمائيداري جو موقعو، سياحت اهي ٻئي اهڙا وڏا موقعا آهن جتي گڏجي تمام گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ معاشي ۽ سماجي لاڳاپن کي ڳنڍڻ جي لاءِ هڪ نئون دور شروع ڪري سگهي ٿو.
ان ڳالهه کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ته ماضيءَ ۾ به پاڪستان جي ٽوڙڻ ۾ ڀارت جو هڪ وڏو ڪردار رهيو ۽ هينئر جڏهن بنگلاديش ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن ته ان وقت به انهن جو پاڻ ۾ واپار ڪرڻ ۽ پنهنجا بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ يقينن ڀارت جي مفاد ۾ نه هوندو. ان کانسواءِ 1971ع وارو واقعو به اڃان تائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهڙو مسئلو بڻيل آهي جو شايد ٻنهي جون دليون هڪٻئي جي لاءِ مڪمل طور تي صاف نه ٿيون آهن، پر جيئن ته رياستن کي پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکندي بهتر فيصلا ڪرڻا پوندا آهن جن سان انهن کي وڌ کان وڌ معاشي فائدا ملي سگهن ۽ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻه تعلقات رکڻ سان دفاعي بجيٽ ۾ به گهٽتائي اچي ٿي، ڇو ته امن امان کي قائم رکڻ جي لاءِ تمام وڏو بجيٽ جو حصو ان تي خرچ ڪرڻو پوندو آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ خوشحالي اچڻ جي بجاءِ غربت ۾ اضافو ٿيندو آهي. اميد آهي ته اسان جي حڪومت به پنهنجن سڀني پاڙيسري ملڪن سان بهتر دوستاڻه لاڳاپا قائم ڪري انهن سان ڪاروبار ڪندي، سياحت ۾ اضافو ڪندي ته جيئن نه صرف رياستن جي وچ ۾، پر ڪاروباري طبقو به انهن پاڙيسري ملڪن سان پنهنجا واپاري لاڳاپا وڌائي فائدو حاصل ڪري سگهي جنهن جو فائدو يقينن ملڪ جي هر شخص کي پوندو ۽ معاشي حالتون بهتر ٿينديون.