بلاگنئون

“الوداع” منهنجا محبوب “آڪاش”

وقت جي چيچ ۾، زندگي جو ڇلو

ٿي ويو گهرگهلو، يار جلدي ملو

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،

ساهه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ

ترسندو ڀلا ڪيستائين قافلو؟

يار جلدي ملو!- (آڪاش)

اسان ڊسمبر جي مهيني کي وڇوڙن جو مهينو سڏيندا آهيون، هڪ ته سال جي موڪلاڻي هوندي آهي ۽ محبوب ماڻهن جو وڇڙڻ به گهڻو ڪري هن مهيني ۾ ٿيو آهي، اسان جي سونهاري سنڌ ڌرتي جا ڪيترائي املھ ماڻڪ علمي ۽ ادبي شخص ڊسمبر ۾ جدائي جو داغ ڏيندي غم ڏيئي ويا آهن، پر هن کان وڌيڪ  2025 جي فيبروري جو مهينو اسان لاءِ المناڪ ۽ غمناڪ ثابت ٿيو  آهي، جو سنڌ جي بهترين اديب شخصيتن اسان کي غم جو داغ ڏيئي موڪلايو آهي.

اسان سنڌ جي بهترين سينئر ۽ دوست  شاعر “ذوالفقار سيال” جي وڇوڙي جي خبر جي غم ۾ ئي هئاسين ته ٻئي ڏينهن سنڌ جو محبوب ماڻهو، عوامي شاعر، محبتي انساني ۽ سدائين مرڪون وکيريندڙ شخص “آڪاش انصاري”  کي جنهن بي دردي سان پنهنجي پاليل پٽ هٿان سنڌ ڌرتي کان جدا ڪري اسان کي غمناڪ ڪيو ويو، تنهن جو مثال نٿو ملي ۽ دل کي اڃان تائين يقين نٿو اچي ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ بند نٿا ٿين.

منهنجي وک وک تي ويرين جون واريون ٿيل

منهنجي ڪک ڪک ۾ پنهنجن جا خنجر کتل- (آڪاش)

بدين ضلعي جو آڪاش انصاري شاگردي واري زماني کان پنهنجي مزاحمتي شاعري وسيلي اسٽيجن تي نروار ٿي ترنم سان پڙهندو هو ته سڄو پنڊال تاڙين ۽ انقلابي نعرن سان گونجڻ لڳندو هو، يونيورسٽي کان شهرت ماڻيندو سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ وسندين ۽ جهر جهنگ تائين شهرت ماڻيندو اڳتي وڌندو رهيو.

جنهن نه مٽي جي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي،

تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي،

تنهن کي چئو منهنجي نگريءَ مان نڪري وڃي- (آڪاش)

شيخ اياز کانپوءِ توڙي جي ڪيترائي شاعر اسٽيجن ۽ شاعري جا بادشاهه رهيا، پر جيڪا عزت آڪاش انصاري کي ملي اها تمام گهٽ شاعرن کي نصيب ٿي. ڪيتري عرصي کان هر اسٽيج جي صدارت يا خاص مهمان جي حيثيت ۾ سنڌ جي هيءَ سدا بهار شخصيت زينت بڻجي رهيو هو ۽ سنڌ جي اديبن هن کي مانائتي موٽ ڏني هئي. آڪاش انصاري جي ٻوليءَ ۾ ميٺاج، طبيعت ۾ پنهنجائپ ۽ محبت جيڪا سمايل هئي اها به مقبوليت جو باعث بڻي. اسان جو محسن هو، جڏهن به مليو، سڪ اڪير، حب ۽ محبت سان مليو. آئون هن جي پيرن جي مٽيءَ برابر هئس، هو مهان هو، عظيم هو، مان ڏيڻ ۽ عزتون وٺڻ وارو محبتي شخص هو. منهنجي هڪ چوڻ تي هن منهنجي هڪ ڪتاب جي سنڌ گرامر اسڪول تلهار ۾ مهورتي تقريب جي صدارت ڪئي هئي، جيڪا منهنجي لاءِ اعزاز هئي. منهنجي پروگرام ۾ هن جي اچڻ تي بار بار خوش ٿي رهيو هئس ته هن محبت مان مون کي ڀاڪر ٿي پاتا ته منهنجي خوشيءَ جي حد نه پئي رهي. اهو آڪاش واقعي زمين جو آڪاش هو جنهن جو نالو آڪاش تائين پهتل هو، سنڌين جي دلين ۾ سندس وڏو مقام هو، وڏي عزت هئي، اهو آڪاش پنهنجن هٿان لٽجي ويو. آڪاش اسلام آباد جي اسپتال ۾ بيمارين سان جنگ جوٽي بيمارين کي مات ڏيئي موت کي هارائي صحتياب ٿي موٽيو هو. اهو آڪاش پنهنجي پاليل پٽ جيڪو سدائين ساڻس وڙهندو رهيو ۽ هو پٽ کي سدائين معاف ڪندو رهيو هن جي ئي هٿان بيدرديءَ سان ماريو ويو.

هن دل ڪرڻ ٿي چاهيا توسان هزار جهيڙا،

پر دل وري چيو توسان حساب ڪهڙا- (آڪاش)

ڪنهن سچ چيو جنهن آڪاش جي پيرن جي مٽيءَ کي سنڌي سرمو سمجهي اکين ۾ وجهندا هئا، انهيءَ آڪاش کي پنهنجي پٽ خنجر ۽ پيرن سان لتاڙي باهه ڏيئي ماري ۽ ساڙي ڇڏيو .

منهنجي قتل ۾ شامل ڪوئي ڌاريو ناهي،

مون کي منهنجي محافظن ئي ماريو آهي- (آڪاش)

او منهنجا خدا ڇا مان آڪاش انصاري کي مرحوم چوان؟ منهنجي دل نٿي مڃي، هو “مان ڪيئن رهان جلاوطن” لکندي لکندي مٽيءَ هيٺان جلاوطن ٿي ويو، جنهن مهل پهرين خبر انهيءَ نڀاڳي صبح مهل پئي ته ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو، دل اڃان تائين غمزده آهي، مان ڪيترو رنو آهيان ۽ ڪيترو روئان پيو اي منهنجا سائين آڪاش اها خبر هڪ منهنجي دل کي ٻي خدا کي، اکين جا ڳوڙها رڪجن نٿا، دل غمزدگي کان هٽي نٿي.

جڏهن توسان نيڻن جو ناتو ڇنو هو،

تڏهن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو،

جڏهن جيءُ جهورڻ آيون هي جدايون،

الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون- (آڪاش)

سنڌ سان محبت ڪندڙ شخصيت سائين آڪاش انصاري ڀلي تنهنجي مڙهه جو انصاف به ٿئي تڏهن به تون ته اسان جي وچ ۾ نه آهين رهيو، اسان جي سار ۾، محبتن ۽ دلين ۾ سدائين زنده رهندين، جيستائين دنيا ۾ محبتون زنده آهن آڪاش زنده آهي ۽ زنده رهندو.

ٿي سگهيو نه سفر زندگي کٽي پئي،

نه آيو ماڳ نظر زندگي کٽي پئي،

اوهان جي نيڻن سان جڙيل هئي شام،

هٽائي تو جو نظر زندگي کٽي پئي- (آڪاش)

الوداع اي منهنجا محبوب آڪاش تنهنجو اهو آخري ڀاڪر مون کان زندگيءَ ڀر نه وسرندو، جيڪو 18 ڊسمبر 2024 تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ مشاعري جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر نڪرندي مان توهان سان مليو هئس ۽ توهان ڀاڪر پائي کليا هئا ۽ مان خوش ٿي ويو هئس.

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا،

نَڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو،

نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجهاميو،

نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،

نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين،

دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا،

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا- (آڪاش).