هاڻي سي پيڪ منصوبو گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ پڻ دير ٿي رهي آهي يا انهن کي مڪمل طور تي روڪيو پيو وڃي. ساڳي جاءِ تي چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ نون منصوبن جي مالي مدد ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آهن. حقيقت ۾ حڪومت هڪ غير معمولي قرضن جي دٻاءُ ۾ ٻڏل آهي ۽ مالي ڊيفالٽ جي ڪناري تي پهتل آهي. ان کان علاوه چين 6 ارب آمريڪي ڊالر جي بيل آئوٽ پئڪيج پروگرام جي بحالي لاءِ بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سخت شرطن کان به خوش ناهي، جيڪي پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي وڌائي سگهن ٿا ۽ چيني قرضن جي جاچ ڪري سگهن ٿا. آءِ ايم ايف جي ڊيٽا موجب چين پاڪستان جي ڪل 126 ارب آمريڪي ڊالر جي پرڏيهي قرضن مان تقريبن 30 ارب آمريڪي ڊالرن جو حصو رکي ٿو. دير سان ٿيندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۽ نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ جي باوجود پاڪستان جي جدوجهد ڪندڙ معيشت ۽ نئين مالي مدد فراهم ڪرڻ ۾ چين جي ظاهري طور تي بيچيني جي ڪري سي پيڪ جو مستقبل تاريڪ نظر اچي ٿو. سي پيڪ 2013 ۾ 62 ارب آمريڪي ڊالر جي شروعاتي بجيٽ سان شروع ڪيو ويو هو. جڏهن ته گذريل ڏهاڪي دوران چين سمجهي ٿو ته پاڪستاني رياست جي بيوروڪريٽڪ ڪرپشن، اندروني بي چين سياست، بلوچستان ۽ سنڌ صوبن ۾ وڌندڙ سيڪيورٽي جي خطرن جي ڪري سي پيڪ منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي، ان جي ڪري چين پاڪستان کي فنڊن جو مسلسل وهڪرو فراهم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستي هاڻي وڏي دٻاءُ هيٺ آهي. سي پيڪ منصوبن ۾ باقاعده دير ۽ نتيجي ۾ چيني سيڙپڪارن کي مالي نقصان چين جي سيڙپڪاري جي لاءِ سٺو ناهي.
گوادر پورٽ جنهن کي سي پيڪ جو تاج سمجهيو وڃي ٿو، پر هڪ ڏهاڪي کانپوءِ به مڪمل طور تي ڪم ناهي ڪري سگهيو. ساڳئي طرح گوادر ۾ چيني مزدور ۽ سي پيڪ سان لاڳاپيل سرگرميون مقامي بلوچ آباديءَ ۾ انتهائي غير مقبول ٿي ويون آهن. گذريل ٻن سالن ۾ علائقي ۾ وڌندڙ چيني عملي جي موجودگي جي جواب ۾ ڪيترائي پرتشدد روڊ احتجاج پڻ ٿيا آهن. چيني ڪمپنيون کڻي رياستي ملڪيت هجن يا خانگي يا ڪنهن ڪاروبار وانگي منافعي بخش هجن. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي باوجود سي پيڪ منصوبن سان لاڳاپيل مالي نقصانن کي منظم ڪرڻ جي حوالي سان بيجنگ جون ڪجھ حدون آهن. ڪيترائي تجزيا نگار دليل ڏين ٿا ته سي پيڪ جو بنياد بنيادي طور تي غلط هو، اهو فرض ڪندي ته انفرااسٽرڪچر جهڙوڪ: روڊ، رستا، پُليون ۽ بجلي صرف پاڪستان ۾ ترقي ۽ روزگار پيدا ڪندا. اهو قابل ذڪر آهي ته پاڪستاني انجنيئرن کي ڄاڻي ٻجهي سي پيڪ جي وڏن منصوبن جي ڊيزائين ۽ ساخت کان پري رکيو ويو آهي، جيڪو پاڪستانين لاءِ سکڻ جو موقعو ٿي سگهي ٿو، پر اهو هڪطرفو معاملو بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته چين پنهنجي سامراجي رجحانن جي پيروي ڪندي پنهنجي گهريلو افرادي قوت کي پاڪستان موڪليو.
سڀ کان اهم ڳالھ اها به آهي ته چين پاڪستان کي پنهنجي مالي قرضن تي مڪمل شفافيت جي اجازت ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته سي پيڪ قرضن جي شرطن ۽ ضابطن تي ڪوبه اوپن سورس ڊيٽا موجود ناهي. عالمي مالي ادارو جهڙوڪ آءِ ايم ايف ۽ ملڪ جهڙوڪ آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي، پر چين پاڪستاني حڪومت کي انتباھ ڪيو آهي ته هو هن معاملي تي خاموش رهي ڇو ته اهو پاڪستان اندر سي پيڪ جي خلاف سخت مخالفت پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. چين کي پاڪستان سان غير اخلاقي طريقن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، جن ۾ اڪثر آزاد بجلي پيدا ڪندڙن (آءِ پي پي) معاهدن کي مختصر ڪري وڪرو ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي جعلي سمجهيا وڃن ٿا ۽ ٽيڪس ۾ رعايتون حاصل ڪرڻ شامل آهن. گذريل سال سي پيڪ تحت ڪم ڪندڙ 30 کان وڌيڪ چيني ڪمپنيون، جهڙوڪ: توانائي، مواصلات ۽ ريلوي وغيره جن فوري طور تي تقريبن 300 ارب رپين جي ادائگين تائين پنهنجا آپريشن بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. مستقبل جي ادائگين جي حوالي سان سي پيڪ آءِ پي پيز جي چيني قرض ڏيندڙن جي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت پيرا (پاڪستان انرجي ريوالونگ) جي اڪائونٽ ۾ ترميم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ان کان علاوه چين مان ڊيوٽي فري درآمدات پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مقامي ٺاهيندڙن کي منفي طور تي متاثر ڪيو آهي ۽ انهن کي چيني قرضن جي ڄارن جي حڪمت عملي تحت ڏيوالپڻي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. 2019 ۾ هڪ عوامي خطاب ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ اڳوڻي آمريڪي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ “ايلس ويلز” سي پيڪ تي وڌيڪ خرچن ۽ شفافيت جي کوٽ، پاڪستان تي وڏي قرضن جو بار وجهڻ ۽ پاڪستان تي اقتصادي فائدن جهڙوڪ نوڪريون پيدا نه ڪرڻ جهڙي تنقيد ڪئي هئي. انهن مسئلن جي باوجود پاڪستان ۾ پاليسي سازن مقامي ڪاروبار ۽ عام آبادي کي سي پيڪ جي بهترين تصوير پيش ڪري رهيا آهن.
اپريل 2022 ۾ شهباز شريف جڏهن ملڪ جي نئين وزيراعظم طور عهدو سنڀاليو هو ته پاڪستان جي معيشت ۾ چين جي تعاون جي تعريف ڪئي ۽ صدر شي جن پنگ جو شڪريو ادا ڪيو هو ۽ هن منصوبي کي ملڪ لاءِ هڪ گيم چينجر سڏيو هو. دلچسپ ڳالھ اها به آهي ته نومبر ۾ شهباز شريف ان ڳالھ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چين جو دورو ڪيو (۽ هاڻي زرداري صاحب) جن سي پيڪ جي بحاليءَ لاءِ دٻاءُ وڌو. سي پيڪ جي سست رفتاري لاءِ اڳوڻين حڪومتن تي الزام لڳائڻ کانسواءِ شهباز شريف ۽ سندس وزيرن ڪيترن ئي رڪجي ويل منصوبن تي ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آهي. پاڪستان جي خراب معاشي صورتحال کي ڏسندي اهو ممڪن نظر نٿو اچي ته سي پيڪ جا منصوبا وقت تي مڪمل ٿين ۽ هن وڏي پيماني جي ناڪامي پوري چين جي “بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو” کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.
چين پهريون ڀيرو مئي 2013 ۾ ڪوريڊور منصوبي جي تجويز پيش ڪئي هئي. چيني صدر شي جن پنگ پوءِ اپريل 2015 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پنهنجن لاڳاپن کي سدا بهار سمجهي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ تائين وڌايو ۽ اتفاق پڻ ڪيو. ”شي جنگ پن“ جي دوري دوران ٻنهي ملڪن 46 ارب ڊالر جي اندازي مطابق قيمت تي 51 معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون، پر سي پيڪ هاڻي عملدرآمد جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 6 مئي 2016 تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر سکر ۾ هڪ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي، جڏهن سکر ۽ ملتان شهر جي وچ ۾ هاءِ وي جي هڪ حصي تي تعمير شروع ٿي هئي، اهو هاءِ ويز جي هڪ نيٽ ورڪ جو حصو هو، جيڪو پشاور ۽ ڪراچي شهرن کي ڳنڍيندو. هي نيٽ ورڪ سي پيڪ جي انفرااسٽرڪچر جي توسيع جي منصوبن جو هڪ اهم جز قرار ڏنو ويو هو، جيڪو ٻنهي قومن جي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ حاصل ڪيل ترقي کي اجاگر ڪري ٿو. ان کان علاوه 13 نومبر 2016 تي چيني سامان جي پهرين وڏي شپمينٽ گوادر جي بندرگاھ ذريعي آندي وئي هئي، جنهن سان هڪ اميد اڀري آئي هئي ته هي پروجيڪٽ پاڪستاني عوام جي لاءِ ۽ خاص بلوچ قوم جي لاءِ وڏي ڳالھ ثابت ٿيندو، پر ٿيو ڪجھ به نه، تنهن هوندي به چين انهن ترقياتي قدمن کي ٻنهي ملڪن لاءِ استحڪام ۽ خوشحالي جو هڪ امڪاني ذريعو سمجهي ٿو. چيني نقطهءِ نظر کان سيڪيورٽي ۽ اقتصاديات جي شعبن ۾ تعاون هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪ پاسي جي بهتري ٻئي کي بهتر بڻائي سگهي ٿي. اهو تقريبن ائين آهي جيئن سيڪيورٽي ۽ معيشت هڪ ئي گاڏي تي ٻه الڳ الڳ ڦيٿا هجن ۽ ٻنهي کي شين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گھمڻ جي ضرورت پئي ٿي. چين جو خيال آهي ته اقتصادي ترقي پاڪستان جي اندروني استحڪام کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، اهڙي طرح انفرااسٽرڪچر منصوبن ۾ سيڙپڪاري سان گڏ تيل ۽ گئس پائيپ لائينن جي تعمير ذريعي ايندڙ معيشت کي ٻيهر مضبوط ڪري سگهي ٿي.
مڃون ٿا ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيو آهي، پر منصوبي کي ڪيترن ئي سيڪيورٽي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روايتي طور تي چين- پاڪستان اسٽريٽجڪ ۽ سياسي سطحن تي گهڻو تعاون ڪيو آهي. هاڻي ٻئي قومون اقتصادي طور تي پنهنجن ٻطرفي تعاونن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي تعمير هڪ سنگ ميل آهي، جيڪا هڪ تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ان جي بنياد تي سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ توانائي، هاءِ وي ۽ بندرگاھ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ هڪ وڏي پيماني تي شروعات آهي. هن شروعات کي ٻنهي ملڪن ۾ چڱي طرح قبول ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو مسئلن کان خالي ناهي. تنهن هوندي به چين ۽ پاڪستان سي پيڪ کي پنهنجي لاڳاپيل قومي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ امڪاني هم آهنگي جو هڪ نئون ذريعو سمجهن ٿا، جيڪو ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ويجهي سياسي تعاون کي گهڻ رخي اقتصادي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ، باهمي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ ڪاميابي جا نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. اقتصادي راهداري کي پنهنجي صلاحيت تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ سياسي چئلينجز آهن، جن کي حل ڪرڻ گهرجي.