خاصنئون

پي ٽي ايم کي ڏنل مهلت ختم ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي انٽر سروسز پبلڪ رليشن (آءِ ايس پي آر) ميجر جنرل آصف غفور پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) کي الٽي ميٽم ڏيندي چيو آهي ته هاڻي هنن کي ڏنل مهلت جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. جنرل آصف غفور چيو ته پي ٽي ايم  سان سڀ کان پهرين منهنجي ملاقات ٿي هئي ملاقات ۾ هنن جا مطالبا هئا ته فاٽا ۾ بارودي سرنگون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. جنهن تي اسان 48 انجنيئر لڳايا جنهن علائقي کي ڪليئر ڪيو ۽ ان آپريشن ۾ 100 کان وڌيڪ ٽيم ميمبرن جانيون به ڏنيون.  انهن جو ٻيو مطالبو هو ته چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وڃن. جڏهن ته اهي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آهن اهي پي ٽي ايم وارا ان وقت ڪٿي هيا جڏهن دهشت گرد هتان جي ماڻهن کي ماري رهيا هيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر پي ٽي ايم لاءِ ڪجهه سوال به ميڊيا آڏو رکيا. پي ٽي ايم ٻڌائي ته حوالي ۽ هنڊي ذريعي ڪيترو پئسو پي ٽي ايم کي ملي رهيو آهي. منظور پشتين جو ڪهڙو رشتيدار ڀارت جي قونصل خاني ويو؟ تحريڪ طالبان پاڪستان پي ٽي ايم جي حق ۾ ڇوٿي ڳالهائي؟ جڏهن ته اسان انهن سان جنگ ڪئي آهي. پي ٽي ايم جا اڳواڻ پاڪستان ۽ فوج مخالفن سان ڇو ملاقات ڪندا رهن ٿا؟