ٽي ٽي پيءَ جو اڀار

افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته اتي مڪمل امن امان ٿي ويندو ۽ جيڪي ڪجهه افغانستان آمريڪي جنگ دوران وڃايو آهي، ان جي بحالي ممڪن ٿي ويندي، پر جنهن ملڪ ۾ لاڳيتو 20 سال جنگ هلندي هجي ۽ اها ويڙهه نه رڳو افغانستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن کي به متاثر ڪندي هجي، اتي امن جي بحالي ايتري تڪڙي نٿي ٿي سگهي. اهو ئي ساڳيو منظر گذريل سال کان دنيا افغانستان ۾ ڏسي رهي آهي، جتي هاڻ طالبان جي حڪومت آهي. جنهن لاءِ اتان جا ۽ پاڪستان جا ماڻهو دعائون گهري رهيا هئا.

طالبان حڪومت ته ماڻي ورتي، پر ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ انتظامي گُر ۽ جديد ترين سفارتڪاريءَ کان وٺي بهتر معاشي پاليسين جي ضرورت هوندي آهي. اهي ٽيئي معاملا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. تازو طالبان حڪومت عورتن جي تعليم تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هاڻ ملڪ ۾ ڪٿي به عورتون تعليم نٿيون پرائي سگهن. ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن افغانستان جي سرڪاري ٽي ويءَ تان اهو اعلان ڪيو ويو ته هڪ خط يونيورسٽين ۽ ڪاليج ۾ پڙهي ٻڌايو ويو ته ڇوڪريون هاڻ تعليمي ادارن ۾ اچڻ جي تڪليف نه ڪن، جنهن کان پوءِ انهن جي مائٽن اهڙي فيصلي خلاف احتجاج به ڪيو، پر حڪومت ڪن لاٽار ڪندي انهن تي پوليس هٿان لٺيون وسايون.

تازو ئي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي (پاڪستان تحريڪ طالبان) جون ڪارروايون زور وٺي رهيون آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿيون آهن. جن ۾ آپگهاتي بم حملي کان وٺي گوليون وسائڻ جون ڪارروايون شامل آهن.

بنون ڪينٽ وارو واقعو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي بم حملي سوڌو ٻيا واقعا به ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته هڪ ڀيرو وري دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن ۽ انهن پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) نه رڳو ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، پر امن امان جي حوالي سان بيچين صوبي بلوچستان جي علائقي مڪران جي هڪ ويڙهاڪ ٽولي ٽي ٽي پي جي بيعت ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه ليکي پئي وڃي ته بلوچستان مان ڪهڙا ٽولا آهن، جيڪي ٽي ٽي پيءَ سان گڏجي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. جڏهن ته امن امان جي حوالي سان بلوچستان جون حالتون ڪي ايتريون بهتر ڪونه آهن. بلوچ ويڙهاڪ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪارروايون ڪندا رهيا آهن. هن سال ئي ڪراچيءَ ۾ چيني عملدارن تي هڪ بلوچ ويڙهاڪ ڇوڪريءَ پاران آپگهاتي حملي کان پوءِ ادارن لاءِ اها ڇرڪائيندڙ ڳالهه هئي ته بلوچ ويڙهاڪ به آپگهاتي حملو ڪري سگهن ٿا.

بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ترجمان محمد خراساني موجب بلوچستان جي مڪران ڊويزن سان تعلق رکندڙ شدت پسندن ٽي ٽي پيءَ جي امير ابو منصور عاصم، مفتي نور ولي جي هٿ تي هجرت ۽ جهاد جي بيعت ڪئي آهي.

ٽي ٽي پي مڪران جي حوالي سان بيعت ڪندڙن جي باري ۾ جيڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته مزار بلوچ جي اڳواڻي ۾ بيعت ڪندڙ هي جماعت مثبت موٽ چاهي ٿي.

ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي مامرن جي ماهر ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر محمد عامر راڻا چيو ته اهي ايترا ڄاتل سڃاتل ماڻهو ڪونه آهن، جن ماڻهن جو ٽي ٽي پي ذڪر ڪيو آهي. اهي اڳ ڪنهن سرگرميءَ ۾ ملوٽ ڪونه رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اڳ به طالبان سپورٽ نيٽورڪ هو، پر اهي ان سان باقاعده لاڳاپيل ڪونه رهيا آهن.

بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر تجزيي نگار شهزاده ذوالفقار جو چوڻ هو ته اهي ڪي ايڏا مشهور ماڻهو ڪونه آهن. مڪران ۾ مذهبي ماڻهو ۽ اڳواڻ آهن، پر ڪنهن مذهبي جماعت مڪران مان ڪنهن چونڊ ۾ هيستائين ڪاميابي ڪونهي ماڻي.

هو چوي ٿو ته ايڪڙ ٻيڪڙ مذهبي لاڙو رکندڙ ماڻهو انفرادي طور چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻيندا آهن، پر ڪنهن مذهبي تنظيم کي هتي ڪا ڪاميابي ناهي ملي.

ٽي ٽي پي جيڪا هن وقت پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته افعانستان ۾ هاڻ آمريڪا ڪونهي رهيو ۽ ان کان سواءِ طالبان يا ٽي ٽي پي خلاف ڪاررواين جو سلسلو به بند ٿي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ان دوران اهي شدت پسند پنهنجي مرضيءَ سان ڪارروايون ڪونه پئي ڪري سگهيا. ڊرون حملي وسيلي ڪيترائي ٽي ٽي پي اڳواڻ مارجي چڪا هئا ۽ جيڪي بچي ويا هئا، انهن هڪ اهڙي وقت جو انتظار پئي ڪيو، جڏهن اهي هڪ ڀيرو وري نروار ٿي ڪارروايون ڪري سگهن. شايد انهن لاءِ اهو وقت هاڻي آيو آهي، جڏهن اهي پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ کان به ڪيٻائي نه رهيا آهن.

ڪن تجزيي نگارن جو اهو خيال به آهي ته ٽي ٽي پي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن اها آمريڪا جهڙي اجگر ملڪ کي شڪست ڏئي سگهي ٿي ته ان جي آڏو پاڪستان جون فورسز ته ڪجهه به ڪونه آهن، پر هڪ غلطي ٽي ٽي پي اها ڪري رهي آهي ته آمريڪا سان ويڙهه دوران اها انهن جي اتحادي هئي، جن خلاف هاڻ اها ويڙهه ڪري رهي آهي. تنهنڪري هي معاملو دوست کي دشمن بڻائڻ جو آهي.

امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان ان ڪري به آهن جو ٽي ٽي پيءَ جا سليپر سيلز ڪنهن وقت به سرگرم ٿي سگهن ٿا ۽ ممڪن آهي ته اهي هاڻوڪين ڪاررواين کان پوءِ سرگرم ٿي به ويا هجن. تنهنڪري انهن ڪاررواين کي ڪهڙي ريت منهن ڏنو ويندو ۽ ملڪي امن امان کي ڪيئن بحال رکيو ويندو. اهو پاڪستان جي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ کليل چيلينج آهي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments