موتي رام جوتواڻي جي ديھانت کانپوءِ 20 جنوري 2008 تي تاج جويو پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو هو ته، ”صبح جو 8 لڳي 20 منٽ ٿيا هئا، موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي، ادا تاج! ڏک ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي، رات پُوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي، سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو.” تاج لکيو آهي ته، “مون کان رڙ نڪري وئي، الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.” شاھ لطيف جو عاشق، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي 13 جنوري 1936 ڌاري سکر ۾ ڄائو هو، سندس پورو نالو موتي رام واڌو مل جوتواڻي آهي، سندس وڏا حلوائي جو ڪم ڪندا هئا. هن جو والد ئي هو، جيڪو پنھنجي خاندان مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. کيس جيڪب آباد ۾ شيوا رام اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو هو، جنھن کانپوءِ کيس ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ تعليمدان طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو. هن پنھنجي پٽ ڊاڪٽر جوتواڻي کي به اعليٰ تعليم ڏياري جيڪو ذڪر هن پنھنجي آتم ڪهاڻي ۾ پڻ ڪيو آهي جيڪا 2006ع ۾ ڇپي هئي. هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ شادي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، “سندس شادي 21 مئي 1961ع ۾ ٿي، سندس گهر واريءَ جو نالو راج آهي. شاديءَ وقت راج جي عمر 19 سال ۽ سندس عمر 25 سال هئي.” ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي شروعاتي دور ۾ 1962ع تائين اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع کان 1965ع تائين آل انڊيا راجڪوٽ ۾ سروس ڪيائين. 1965ع ۾ ديش بندو ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو. موتي رام کي وزيٽنگ اسڪالر طور برٽش ميوزيم لنڊن ۽ هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو، هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، هلائي ۽ سيول ۾ هندستاني ادب تي ليڪچر ڏنا. کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان وڏي ۾ وڏو پٽ 29 سالن جي عمر ۾ 13 اپريل 1993ع تي گذاري ويو، جنهن جو غم هو آخر تائين وساري نه سگھيو.