بلاگنئون

سنڌ، هند جو ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي

موتي رام جوتواڻي جي ديھانت کانپوءِ 20 جنوري 2008 تي تاج جويو پنھنجي  ھڪ مضمون ۾ لکيو هو ته، ”صبح جو 8  لڳي 20 منٽ ٿيا هئا، موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي، ادا تاج! ڏک ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي، رات پُوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي، سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو.” تاج لکيو آهي ته، “مون کان رڙ نڪري وئي، الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.” شاھ لطيف جو عاشق، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ  ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي 13 جنوري 1936 ڌاري سکر ۾ ڄائو هو، سندس پورو نالو موتي رام واڌو مل جوتواڻي آهي، سندس وڏا حلوائي جو ڪم ڪندا هئا.  هن جو والد ئي هو، جيڪو پنھنجي خاندان مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. کيس جيڪب آباد ۾ شيوا رام اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو هو، جنھن کانپوءِ کيس ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ تعليمدان طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو. هن پنھنجي پٽ ڊاڪٽر جوتواڻي کي به اعليٰ تعليم ڏياري جيڪو ذڪر هن پنھنجي  آتم ڪهاڻي ۾ پڻ ڪيو آهي  جيڪا 2006ع ۾ ڇپي هئي. هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ شادي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، “سندس شادي 21 مئي 1961ع ۾ ٿي،  سندس گهر واريءَ جو نالو راج آهي. شاديءَ وقت راج جي عمر 19 سال ۽ سندس عمر 25 سال هئي.”  ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي شروعاتي دور ۾ 1962ع تائين اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع کان 1965ع تائين آل انڊيا راجڪوٽ ۾ سروس ڪيائين. 1965ع ۾ ديش بندو ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو. موتي رام کي وزيٽنگ اسڪالر طور برٽش ميوزيم لنڊن ۽ هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو، هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، هلائي ۽ سيول ۾ هندستاني ادب تي ليڪچر ڏنا. کيس ٽي پٽ ٿيا، جن مان وڏي ۾ وڏو پٽ 29 سالن جي عمر ۾ 13 اپريل 1993ع تي گذاري ويو، جنهن جو غم هو آخر تائين وساري نه سگھيو.

ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي پنهنجو ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي “وير ارجن” جي نالي سان ڇپي، سندس ٻي ڪهاڻيءَ جو نالو “مڪتي” هو. ان زماني جا مسئلا سنڌي جاتيءَ جا اهم مسئلا هئا. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. تاج لکيو آهي ته سندس 55 جي لڳ ڀڳ ڪتاب سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ “شاهه لطيف هز لائيف اينڊ ورڪس” عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ کي 2002ع ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو صدارتي ايوارڊ “پدم شري” ڏنو ويو، جيڪو کانئس اڳ پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي به مليو هو. ڊاڪٽر صاحب 2004ع ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي دعوت تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ آيو. ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪيائين. 2004 جون ساروڻيون لکندي سائين تاج جويو لکيو آهي ته، “مون کي اهو منظر به ياد آهي، جڏهن اسان لطيف جي درگاهه جو ميلي دوران درشن ڪرڻ وياسين. رش تمام گهڻي هئي، ان ڪري مون بهتر سمجهيو ته سائين غلام رضا “رضا لطيفي” سان ملاقات ڪري، موتيءَ کي آرام سان درگاهه جو ديدار ڪرائجي. سائين غلام رضا، پنڃل سائينءَ کي اسان سان گڏي ڏنو، جيڪو ڪجهه خادمن سان گڏ هليو ۽ درگاهه ۾ ميلي وقت موجود رش کي هٽرائي، دادا موتي رام ۽ دادي راج جوتواڻيءَ کي آرام سان لطيف سائين ۽ شاهه حبيب جي مرقدن ۽ لطيف سائينءَ جي حويليءَ ۽ کٽ جو ديدار ڪرايائين. ان وقت اتي موجود دوست شاهدي ڏيندا ته موتي لطيف جي اڱڻ ۾ نوجوانن وانگر تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، ڄڻ ته ڊوڙندو رهيو. دادي راج کيس روڪيندي چيو “موتي! آهستي هل، طبيعت نه خراب ٿي پوي!” موتيءَ ٻهڪندڙ چهري سان کيس وراڻيو: “راج! منهنجيءَ دل جي اڄ وڏي ۾ وڏي آشا پوري ٿي آهي. مرشد لطيف جي اڱڻ ۾ دل جي ڌڙڪن درست ٿي وئي آهي” انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجا جي دعوت تي سنڌي شعبي ۾ “شاهه ۽ سنڌيت” تي ليڪچر ڏنائين، جتي کيس ۽ سندس گهرواريءَ کي وڏو مان مليو. جڏهن سائين جي ايم سيد  1984 ۾ پنهنجي دوست خان عبدالغفار خان جي عيادت لاءِ دهليءَ ويو هو، تڏهن لطيف شناسن مان خاص ڪري ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻيءَ کي گهرائي ساڻس ملاقات ڪئي هئائين، جنهن جو ذڪر موتيءَ پنهنجن ڪيترن لکڻين ۾ ڪيو آهي. هن شاهه، سچل، سامي، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترائي مقالا پڻ لکيا. سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي هڪ اهڙو ليکڪ شاعر ۽ اسڪالر هو، جنهن تي سنڌ ۽ هند واسي فخر ڪن ٿا. هن  جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي. شاھ لطيف جي هن عاشق جي ديھانت تي محسن ڪڪڙائي لکيو ته:

ابول! ڪيڏو نه “موتي”  فقير ماڻهو هو،

ابول! پنهنجي سنگت مان به هڪڙو يار کٽو.