سنڌي ٻولي رڳو رابطي جو وسيلو نه، پر هڪ زنده تاريخ، فڪري تسلسل ۽ تهذيبي حافظو آهي. هن ٻوليءَ جي هر لفظ ۾ لوڪ جي ساھ جي سڳنڌ سمايل آهي، هر ڪهاڻيءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد ۽ هر بيت ۾ صدين جو تجربو محفوظ آهي. ٻولي تڏهن زنده رهندي آهي، جڏهن قوم جي سڃاڻپ سلامت رهندي آهي ۽ جڏهن ٻولي ڪمزور ٿيندي آهي، تڏهن قوم جو فڪر، شعور ۽ تاريخ به آهستي آهستي ڌنڌلي ٿيڻ لڳندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت، واڌ ويجھه ۽ جديد دور سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ذميواري بنيادي طور تعليمي ادارن، ادبي تنظيمـن، سرڪاري ادارن ۽ سماج جي باشعور طبقن تي لاڳو ٿئي ٿي. بدقسمتيءَ سان عملي صورتحال اها آهي ته ڪيترن ئي شعبن ۾ اها ذميواري نڀائي نه پئي وڃي، جنهن جا اثر اڄ ٻوليءَ جي مجموعي حالت ۾ چڱيءَ طرح نظر اچي رهيا آهن.
تعليمي سطح تي لاپرواهي: ٻوليءَ جي بقا جو بنياد تعليم سان جڙيل آهي. مادري ٻوليءَ کي پرائمري سطح تي لازمي بڻائڻ، درسي ڪتابن ۾ خالص ۽ معياري ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ استادن کي ٻوليءَ جي صحيح استعمال بابت خاص تربيت ڏيڻ بنيادي ضرورتون آهن، پر عملي طور مادري ٻولي تعليم جي مرڪز بدران حاشيي تي بيٺل نظر اچي ٿي. نتيجي طور ٻار ٻوليءَ سان جذباتي لاڳاپو پيدا ڪرڻ کان اڳ ئي ان کان پري ٿي وڃن ٿا.
ميڊيا، ڊجيٽل دنيا ۽ لساني بگاڙ: ٽي وي، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا جديد دور جا سڀ کان اثرائتا اوزار آهن، پر هتي به ٻوليءَ جي درستگيءَ کي گهڻو ڪري نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. غير ضروري پرڏيهي لفظن جي ڀرمار، جملن جي بيهڪ ۾ بگاڙ ۽ لهجي جو مسخ ٿيڻ، ٻوليءَ جي فطري حسن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. جيڪڏهن يوٽيوب، پوڊڪاسٽ ۽ بلاگن ذريعي خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري مواد تيار ڪيو وڃي ته اهو نوجوان نسل کي ٻيهر ٻوليءَ سان ڳنڍي سگهي ٿو.
ادبي ادارا ۽ وسرندڙ ورثو: سنڌ ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ٻيا ادبي ادارا نظرياتي طور سنڌي ٻوليءَ جا محافظ سمجهيا وڃن ٿا، پر عملي طور سندن ڪردار گهڻن سوالن کي جنم ڏئي ٿو. خاص طور سنڌي لوڪ ادب، ڪهاڻي، شاعري ۽ فڪري ورثي جا ڪيترائي انمول ڪتاب وقت جي وهڪري ۾ ناپيد ٿي چڪا آهن، جن کي ٻيهر ڇپرائڻ لاءِ ڪا منظم ۽ سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي. سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جي اجتماعي شعور جو ترجمان آهي. جنگ ناما، مولود، مناقبا، ڪافيون، سورهيائيءَ جا داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون صرف ادبي صنفون نه، پر تاريخ، عقيدي، مزاحمت ۽ جماليات جو گڏيل اظهار آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي محقق، سنڌ جي ڳوٺن ۽ وسندين مان لوڪ ادب گڏ ڪري چاليهن کان وڌيڪ جلدن ۾ محفوظ ڪيو، پر اڄ اهي بنيادي ڪتاب اڻلڀ بڻجي چڪا آهن. سوال اهو آهي ته اهڙي ناياب علمي سرمايي کي مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ ادبي ادارن جي ذميواري هئي يا غفلت؟
فيض محمد فيض حيدري ۽ ناپيد شاهڪار: ساڳي ناانصافي سنڌي ڪهاڻي ۽ شاعريءَ سان به ٿي آهي. فيض محمد فيض حيدري، جيڪو سنڌي ادب جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ حساس شاعر هو، سندس ڪتاب “فرياد عورت ڪهاڻيون” ۽ “اوڇنگارون” اڄ ناياب بڻجي چڪا آهن. انهن ڪتابن تي مخدوم طالب الموليٰ ۽ غلام محمد گرامي جهڙن وڏن نالن جون تقريظون ان ڳالھه جو ثبوت آهن ته اهي تخليقون فني ۽ ادبي شاهڪار هيون. جڏهن اهڙا شاهڪار پڙهندڙن کان اوجهل ٿي وڃن ٿا، ته پوءِ ادبي ادارن جي موجودگيءَ جو جواز به سوال هيٺ اچي وڃي ٿو.
اميد جو روشن مثال: ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي: اهڙي مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اميد جي روشن ڪرن بڻجي سامهون اچي ٿو. هي ادارو بنا ڪنهن شور ۽ ڏيکاءَ جي، خاموشي سان سنڌي علمي ورثي جي حفاظت ۾ مصروف آهي. هن اداري سنڌ، ننڍي کنڊ ۽ اسلامي دنيا سان لاڳاپيل ناياب ۽ قيمتي ڪتابن کي ڊجيٽل صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي.
ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ جي ڊجيٽل لائبريري ۾ لڳ ڀڳ نو هزار ڪتاب محفوظ ڪيا ويا آهن، جيڪي تاريخ، ادب، لوڪ ادب، لسانيات، تصوف، سماجيات ۽ ٻين علمي شعبن تي مشتمل آهن. هي ڪم صرف ڪتابن کي اسڪين ڪرڻ نه، پر علم کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جو شعوري عمل آهي. جديد ٽيڪنالاجي کي روايت سان جوڙي، هن اداري ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيت صاف ۽ مقصد واضح هجي، ته ٻولي ۽ ثقافت کي جديد دور ۾ به محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو سوال صرف ڳالهائڻ يا پڙهائڻ تائين محدود ناهي، پر ان ادبي ورثي جي حفاظت سان جڙيل آهي، جيڪو ايندڙ نسلن جي حوالي ڪرڻو آهي اهو ورثو جيڪو گذريل نسل پنهنجي رياضت، فڪر ۽ قربانين سان تخليق ڪيو. ٻولي ٻين ڌارين ٻولين جي اثر کان تڏهن بچي سگهي ٿي، جڏهن اها هر صورت ۾ زنده سلامت استعمال ٿيندي هجي. هر پابنديءَ کان آزاد هجي.
جيڪڏهن ادبي ادارا وسرندڙ ڪتابن کي ٻيهر جيارڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارين ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال جيڪا وقت جي ضرورت آهي، جيئن ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ جهڙو ادارو ڪري رهيو آهي، اختيار ڪن ته سنڌي ٻولي نه رڳو محفوظ رهندي، پر نئين دور ۾ وڌيڪ سگهاري ٿي سامهون ايندي. ڇو ته ٻولي پنهنجي علمي ۽ ادبي ورثي سان جيئري رهي ٿي ۽ ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ انهن ادارن جو فرض آهي جنهن جي لاءِ اهي ادارا ٺاهيا ويا آهن.