نئون

 پاڪستان ايندڙ ٻن سالن ۾ هڪ خلا باز خلا ۾ موڪليندو

 پاڪستان ايندڙ ٻن سالن ۾ هڪ خلا باز خلا ۾ موڪليندوپاڪستان ايندڙ ٻه سالن ۾ چين جي مدد سان پنهنجو هڪڙو خلا باز خلا ۾ موڪليندو. اسلام آباد ۾ ايئر ٽيڪ 2017 ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هوائي فوج جي چيف سهيل امان چيو ته هڪ خلا باز کي خلا ۾ موڪليندو. هن چيو ته هيءُ هڪ تجربو هوندو جيڪو ملڪ جي لاءِ نيڪ نامي جو سبب بڻبو. ۽ ان کان علاوه تحقيق جو نئون باب پڻ کوليندو. . هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين جي سهڪار سان نئين ٽيڪنالاجي جا هوائي جهاز تيار ڪري رهيو آهي پاڪستان هر سال 15 کان 20 جي ايف ٿنڊر جهاز ٺاهي رهيو آهي، جيڪي هر لحاذ کان آمريڪي ايف-16 کان بهتر آهن.