نئون

سي پيڪ بابت وڏي مدي جو پلان 18 ڊسمبر تي پڌرو ڪيو ويندو

سي پيڪ بابت وڏي مدي جو پلان 18 ڊسمبر تي پڌرو ڪيو ويندوپلاننگ ۽ ڊولپنگ واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ بابت وڏي مدي وارو پلان 18 ڊسمبر تي پڌرو ڪيو ويندو. ان قسم جي پلان کي پڌرو ڪرڻ لاءِ احسن اقبال جون مهيني کان واعدو ڪيو هو. هن ٻڌايو ته چين جيڪو هن وقت پاڪستان لاءِ ڪري رهيو آهي اهو اصل ۾ افغان جنگ کانپوءِ آمريڪا ۽ يورپ کي ڪرڻ گهرجندو هو، هن چيو ته افغان جنگ سوويت کي افغانستان مان ڪڍيو ۽ ان کي ٽوڙي جرمني جي برلن وال کي به ڊاهي پٽ ڪيو هو ۽ يورپ کي به پرامن بڻايو هو. سي پيڪ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سي پيڪ اهري خطي ۾ آهي جتي دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي موجود آهي، جيڪو دنيا جي ڪاروبار لاءِ به هڪ نئين راهه هموار ڪندو. سي پيڪ جي اچڻ کانپوءِ چين جون ساڍا اٺ ڪروڙ نوڪريون گهٽ اجرت ڪارڻ چين کان ٻاهر منتقل ٿينديون. پاڪستان کي به ان مان هڪ خاص حصو ملڻ گهرجي.