عورت پوئتي پيل اسان جھڙن ملڪن ۾ مجموعي طور تي صدين جي ڊگھي عرصي ۽ سست رفتاري واري سفر کانپوءِ تعليم، سماج ۽ ترقي جي ميدان ۾ آھستي آھستي آئي آھي، نه ته 40-50 سال اڳ عورت کي يا ته رڳو گھر ۾ ڏسبو ھو يا سئنيما جي پردي تي ڏسبو ھو. سڌريل ملڪن ۾ اها صدين جي ڊگھي عرصي کان گھر کان ٻاھر مختلف شعبن ۾ نظر اچي رهي آھي، ان ڪري اھا مجموعي طور معاشي بنيادن تي مرد سان برابري ۾ نظر اچي ٿي. جائز معنيٰ ۾ آزاد ۽ خود مختيار به آھي. اوشونامي ھڪ وڏو اسڪالر چوي ٿو ته عورت کي عورت سان حسد جي فطري بيماري نه ھجي ھا ته اُھي تاريخ ۾ ڪڏھوڪيون متحد ٿي مردن ۽ ملڪن تي راڄ ڪن ھا. ھي سماج مردن جي نه عورتن جي بالادستي جو سماج ھجي ھا، ان طرح سان اسيمبلين ۾ به مردن جون خاص سيٽون ھجن ھا، عورت تعليم ۽ ٻيا موقعا نه ھجڻ ڪري اسان وٽ سڄي تاريخ ۾ مرد جي معاشي طرح غلام ۽ محتاج رھي آھي. مرد ان جي ڪمزورين جو فائدو کڻي ان جو پنھنجن مختلف فائدن لاءِ استعمال ڪيو آھي ۽ ڪري پيو، ان کي ڪمزور پوزيشن ۾ به بيھاريو بيٺو به آھي، اسان وٽ عورت جي مجموعي طور با معنيٰ آزادي کي اڃان اڌ صدي به نه گذري آھي، ان جي خود مختيار ۽ معاشي طور پاڻ ڀرو ٿيڻ واري عمل ۾ تمام گھڻي سست رفتاري آھي، ان ڪري عورت اسان وٽ مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ يا طلاق جي صورت ۾ بيواھه سڏجي ٿي، جنھن جو مطلب واضح آھي ته ان کي سنڀالڻ وارو ڪوبه نه آھي، ان جي ڪابه واھه نه آھي، ايئن نياڻين کي به بار چيو ۽ سمجھيو ويندو، اگر نياڻين کي پُٽن جي برابر موقعا ملن ته اھي، پُٽن کان وڌيڪ مائٽن جو سھارو ٿي سگھن ٿيون، ان جا سوين مثال به سامھون آيل آھن. پيرن تي بيٺل معاشي طور تي پاڻ ڀري عورت شادي کان اڳ ۽ پوءِ به پنھنجن والدين، ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀرپور سپورٽ ڪري سگھي ٿي. شاديءَ کانپوءِ ان جي ذاتي خرچ، رھائش، ڪپڙي گندي ۽ کاڌي خوراڪ جو سمورو بار قانوني طور تي ان جي مڙس مٿان ٿئي ٿو ۽ ھوءَ جيڪو ڪمائي ٿي اھو ان جي اھڙي ملڪيت آھي، جنھن کي پنھنجن مائٽن، ڀائرن ۽ ڀينرن تي خرچ ڪرڻ کان کيس ڪوبه قانون نٿو روڪي سگھي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ جتي عورت اڳيان اچي وئي آھي، اُتي عورت مرد سان نه رڳو برابري ۾ آھي، پر جسماني طاقت واري برابري سان مردن سان مقابلا به ڪري ٿي، جوڊو ڪراٽي ۽ ريسلنگ جي ميدان ۾ عورت مردن سان ڪامياب مقابلا به ڪري رھي آھي ۽ ھر شعبي ۾ مرد جھڙا ڪم سرانجام ڏئي رھي آھي. ھوءَ ان پوزيشن ۾ پنھنجي عزت ۽ غيرت واري به پاڻ آھي، مرد ان جو نه سھارو رھيو آھي نه محافظ آھي. اسان وٽ عورت کي مجموعي طور تي ڊگھو وقت لڳي سگھي ٿو جڏھن ھوءَ اھي سڀ ڪم ڪندي جيڪي ھن وقت مرد پيا ڪن.