جيئن اسان وٽ ٻه پاڪستان آهن، هڪ غريب ٻيو امير، غريب پاڪستان ان لاءِ ته جيئن پنڻ ۾ ڪم اچي ۽ دنيا کي ڏيکاري سگهن ته اسان جا ماڻهو ڪڏهن زلزلي ۾ ته ڪڏهن دريائي ٻوڏن ۾ ته ڪڏهن بارشن ۾ ته ڪڏهن غربت ۾ ته ڪڏهن ڪرونا جي وگهي، ٻين وبائن جي ڪري ۽ ڪڏهن سوڪهڙي جي ڪري مري ٿا وڃن. ان ڪري انهن غريب ماڻهن جي حالتِ زار ڏيکاري بهترين طريقي سان پني به سگهجي ٿو، جيڪو اسان ڏسندا اچون ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ڊالرن جي امداد ملي، پر غريب ماڻهن ۽ ٻوڏ ستايل اٻوجهن مان 40 سيڪڙو ماڻهن تائين به مشڪل سان پڳي هوندي. ان ڪري جو جيڪڏهن هڪ ڪروڙ ماڻهو ان ٻوڏ ۾ ٻڏا لڙهيا به هوندا ته به انهن لاچار ماڻهن تائين اهي امدادي سامانَ سئو سيڪڙو نه پڳا هوندا يا جيڪي امدادي سامانن سان نوازيا ويا هوندا اهي ٻوڏ متاثر نه هوندا جيڪي سوشل ميڊيا جي توسط سان روز پئي ڏٺاسين ته ڪيئن تر جا وڏيرا اهي سامان پنهنجن پنهنجن گودامن ۾ لڪايو ويٺا هئا يا ان اڻ ڏٺي ٻوڏ جي عذاب تَتو ڪيترائي ماڻهو ته ڳوٺ، شهر، آباديون ۽ وسنديون ڇڏي وڃي ٻين محفوظ جاين تي ٽڪيا هوندا. انهن وقتي پناھ به ورتي هوندي ته جيئن زندگي بچائي سگهجي. وري اسان وٽ ان ترقي يافتا پاڪستان ۽ ترقي پذير پاڪستان کان علاوه ٻيا عذاب به آهن، جن مان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ به هڪ آهي. معنيٰ رڳو فون سروس جي حد تائين يا رڳو آفيسن ۾ ويٺل ماڻهن جي لپ سروس حد تائين، جو انهن جي عملي جو فيلڊ ۾ ڪو ڪم ناهي. انهن وٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي بچاءُ جا اهي پيغام رڪارڊ ٿيل هوندا آهن ته اڄ هيترو مينهن وسندو يا اڄ طوفان ايندو، ان ڪري پنهنجو بچاءُ ڪيو. هاڻي ڪير اهو سمجهائي ته ان گهڙي ۾ بچاءُ ڪيئن ڪجي يا ڇا ڪجي؟ باقي ان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو ڪو عملي ڪم ۾ حصو ناهي هوندو. ڇو ته نه حڪومت وٽ زلزلي اچڻ جي ڪري ريهيبيليٽيشن جو ڪو ساراھ جوڳو عمل هوندو آهي، نه انهن ادارن وٽ ستايل ماڻهن کي وقت سر پناھ ڏيڻ جو ڪو طريقو موجود هوندو آهي، نه ماڻهن کي حفاظتي جاين تي پهچائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست به هوندو آهي. مثال طور ان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کي ڪنهن به ٻوڏ ستايل ماڻهن وٽ موجود نه ڏٺو هوندو يا ڪير شاهدي به نه ڏئي سگهندو يا انهن ڊپارٽمينٽ جو 2010 ۾ ٺهڻ جو ڪارج ڪهڙو هو؟ جنهن ڪجھ نه ڪيو حالانڪه ٽينٽ، کاڌ خوراڪ، دوائون، ٽرانسپورٽيشن ڏيڻ ان اداري جو اولين ڪم هو.