پابلو پڪاسو ويهين صديءَ جو عظيم تجريدي مصور ۽ مجسمي ساز هو. هن جو جنم اسپين جي شهر ملاگا ۾ 25 آڪٽوبر 1881ع تي ٿيو. هن کي ٻه ڀينرون هيون، هي والدين جو اڪيلو پٽ هو. پڪاسو کي مصوريءَ جو عِلم سندس والد جوز لائزبلاسڪو کان ورثي ۾ مليو، جيڪو هڪ بهترين مصور هو. هن جي ماءُ جو نالو ماريا پڪاسو هو. پڪاسو ننڍي هوندي کان ئي غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن جو مصوريءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. جنهن جي ڪري هن اسڪول کي ڇڏي ڏنو. هن مصوري جي شروعات 8 سالن جي عمر ۾ ڪئي، هن پورٽريٽ آف اوينٽيپا 14 سالن جي عمر ۾ سائنس اينڊ چيئرٽي 15 سالن جي عمر ۾ تيار ڪيا. شروع ۾ ته هن جون تصويرون ڪير وٺڻ لاءِ تيار نه هو، ان وقت پڪاسو ۽ سندس دوست ميڪس جيڪب گڏ رهندا هئا. ٻنهي وٽ هڪ بسترو هو، ميڪس جيڪب رات جو آرام ڪندو هو ۽ پڪاسو ڏينهن جو آرام ڪندو هو ڪڏھن ڪڏھن ته پڪاسو سردي کان بچڻ لاءِ پنهنجون پينٽنگس ٻاري سيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن جي مصوري ڏسي سندس والد پينٽنگ جو سڄو سامان هن جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ پينٽنگ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڇڏيو. پڪاسو جي مصوري ان وقت جي نالي وارن مصورن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. پڪاسو جو خاندان 1891 ۾ ڪوريونا لڏي اچي ويٺو جتي سندس پيءُ ريوئز اسڪول آف فائن آرٽ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. پڪاسو ايل گريڪو جي فن مان متاثر ٿيو. پڪاسو جي فن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ پهريون شروعاتي دور 1899 کان 1900 تائين ٻيون بلو دور 1901 کان 1904 تائين هن دور هو جنهن ۾ پڪاسو پنهنجي پينٽنگ ۾ گهڻي قدر نيرو رنگ استعمال ڪيو آهي. هن دور جي شروعات سيلف پورٽريٽ سان ڪئي، هن دور ۾ هي پئرس ويو جتي هن جو بهتريون دوست ڪارلوس ڪاسا گماس هو جنهن جو هڪ جرمن ڇوڪري سان عشق هو. عشق جي ناڪامي ۾ ڪارلس خودڪشي ڪري ڇڏي هن جي موت جو پڪاسو تي تمام گهڻو اثر ٿيو. ان دور ۾ هن جي پينٽنگ تي ڏک ۽ اڪيلائي جو احساس واضح نظر اچي ٿو. هن دور جي بهترين پينٽنگ دي اولڊ گٽاريسٽ 122.9 سينٽي ميٽر 82.6 سينٽي ميٽر آهي. ٽيون روز دور 1904 کان 1906 تائين هن دور جي تصويرن ۾ پڪاسو جي فني اهميت نروار ٿي. بواءِ ليڊنگ اي هارس 220.6 سينٽي ميٽر ×131.2 سينٽي ميٽر، چوٿون آفريڪي آرٽ 1907 کان 1909 تائين، پنجون دور ڪيوب ازم 1909 کان 1919 تائين، ڇھون دور سوريل ازم 1919 کان 1929 تائين، ستون دور سول وار 1930 کان 1939 تائين. هن عظيم مصور هزارن جي تعداد ۾ فن پارا تيار ڪيا. انهن غير معمولي صلاحيتن جي ڪري کيس عالمي شهرت ملي ۽ سڄي دنيا ۾ سندس نالو روشن ٿيو. ڪيوب ازم آرٽ جي شروعات پڪاسو ۽ جيورگيس باراڪ 1907 کان ڪئي، جيڪا تجريدي آرٽ جي شروعات هئي. جنھن ۾ سائو، ناسي ۽ ڀورو ناسي رنگ استعمال ڪيا ويا. پڪاسو کي 1950 ۾ لينن امن ايوارڊ ڏنو ويو هن پڪاسو جو چوڻ آهي ته مصوري رڳو گهرن جي آرائش يا سونهن جي لاءِ نه پر دشمن جي خلاف هڪ تحريڪ آهي. فن جو مقصد اسان جي روح تي روزاني زندگيءَ جي چڙهيل مٽيءَ کي ڌوئڻ آهي. پڪاسو جي مشهور پينٽنگ وومين آف الجيريز 1955ع ۾ 179.36 ملين ۾ وڪرو ٿي. پڪاسو جا چار ٻار هئا جيڪي هن کي آخري وقت ۾ اڪيلو ڇڏي ويا. هي 91 سالن جي عمر ۾ 8 اپريل 1973ع آچر جي ڏينهن دل ۽ ڦڦڙن جي بيماريءَ جي ڪري هميشه لاءِ وڇڙي ويو. هن جي پونئرن مان هن فن سان ڪوبه وابسته نه رهيو.