شاعري
صادق دودو
تنهنجي لئه ٿو خواب اڻان مان،
سار ۽ سپنن ۾ تون آھين،
ساڀيان ٿيندو پيار او ساٿي،
نفرت ننڊ ڪري ويندي جي،
پيار جو جيئن پاڇولو پوندو،
لوڪ کٿوري خوشبو ٿيندو،
جوڀن ۾ ڪا انڊلٺ ٺھندي،
تو کي مون کي واسي ويندي،
نيڻن ۾ جا آس آ پيارا،
موت جي منزل تائين رهندي.
***
وائي
زين کوسو
توسان پل گھاريا پرين،
سونا ڀانيان ڪُل؛
منهنجي آهن مِلڪِيَت!
تون جو اچڻي آن هتي،
دل ۾ ڦٽن گل؛
منهنجي آهن مِلڪِيَت
پاڙي ۾ جي پئي هُليا،
تنهنجا منهنجا هُل؛
منهنجي آهن مِلڪِيَت!
گهر جي آڳر تي،
ڏنا ٻارن بُل؛
منهنجي آهن مِلڪِيَت!
***
غزل
منور ھنڱورجو
عشقُ جي آڙاھَ ۾ لاٿو اٿئي
چڻنگ ڏئي تو چاھَ ۾ لاٿو اٿئي
ھڪَ نظرَ ۾ ئي کڻي دلڙي وئين
ڄڻ ٿڌي ڪنھن ساھَ ۾ لاٿو اٿئي
ڀاڳَ ڀاڪرَ تو ڏنا مونکي ڀري
واھَ جو ويساھَ ۾ لاٿو اٿئي
تو ڪري مونکي مريدُ مٺا پرين
ديدَ جِي درگاھَ ۾ لاٿو اٿئي
ٿو منور چئي ھنڱورجو ھينئڙا
رمزَ جي تو راھَ ۾ لاٿو اٿئي
***
غزل
حنيف بگٽي
اچڻو اٿئي اچ نه ته مري ويندس
هاڻي ڳڻتين منجھ ڳري ويندس
ھي مهينو جون ناهي جنوري آ
اتر جو واءُ آ ۽ سي ۾ ٺري ويندس
تنهنجي بي زخي جو ڏک اٿم پر
نيٺ ڪڏهن تارن ۾ تري ويندس
ھي موسمون رخ ته موڙينديون
مان به ته گڏ تن سان وري ويندس
توکي جهليم ته ايڏي محبت نه ڏي
پيار ۾ پرين مان کري ويندس
هي تنهنجا صدمان سهي حنيف
هڪ ڏينهن مان به ته سري ويندس
***
غزل
ممتاز علي ٿرواسي
چُور آهن آرســـي جا خاب سارا
جاڳ ڳولي عاشقي جا خاب سارا
ماڳ ماضي جا سنڀاري بستري تي
روئندا رَت سانوري جا خاب سارا
ڊيل ڊوڙائي اوهان مرڪ جي آ
واٽ مشڪل واپسي جا خاب سارا
ڇال ڪائي حال اوري ٿي هوا سان
چنڊ چمي ٿو چاندني جا خاب سارا
مڌرتا سان راڳ آلاپي مسافر
باهه آهن بانســـري جا خاب سارا
ٿَڪ ۾ آهن پاڻهياري جا وچين جو
اڌ هٿن مان گاگهري جا خاب سارا
***
غزل
وسيم سومرو
پوپٽ، گل ۽ رنگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
ٽاريءَ ٽاريءَ انگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
ڪير هئا هو پريمي جن جي پاڇن سان هُو
چئن چپن تي چنگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
خوشبو خوشبو ٿي دل جي آزاديءَ جهڙا
ديدن جا ڪي دنگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
خوابن جهڙي خالي هڪڙي بينچ مٿانهان
يادن جا ڄڻ جهنگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
ڪڪرن اڀ تي راند ڪئي پئي ٻارن وانگر
وڄ جا چمڪي ونگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
آئون وسيم اڃارو بيٺو هوس وڻن ۾
سيرون ٿي سارنگ نچيا پئي ڦُلواڙيءَ ۾
***
غزل
ساحر راهو
بيحس بُتن جي سامهون، ايئن نه رول موتي،
اي دل سنڀال پنهنجا، انمول ٻول موتي.
کوٽا سِڪا هُئا پر، تنهنجا پرين سنڀالي،
نادان دل رکيا ها، هر بار قول موتي.
منهنجي ته ضبط جا ها، درياھ سڀ ٽُٽي ويا،
تنهنجي نه ها اکين ۾، آيا ٻه ڍول موتي.
تاريخ ٿي ٻُڌائي، مُرِدار سوچ ٻاريا،
بارُود جي بٺيءَ ۾، پارسِ رتول موتي.
باسي ڳڀا ته هوندا، ٻارن بُکِين لئه ليڪن،
ڪِچِري جي ڍير تان تون، ملندئي نه ڳول موتي.
سجدا ڪيا خدا کي، مون رات با وضُو ٿي،
تحليل ٿيا مِٽيءَ ۾، بيخود امول موتي.
صدين جو ٿَڪُ هوندو، چهري جي آ گُهنجن ۾،
شهڪار تجربن جا، ساحر ڇڇول موتي.
***

