پاڪستان هن وقت جتي ٻين ڪيترن ئي ميدانن ۾ پٺتي آهي، اتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 78 سالن جي سفر کانپوءِ به تعليم جي ميدان ۾ اڃان تائين ڪيترن ئي ملڪن کان تمام گهڻو پٺتي آهي. 29 جون 2025 تي برطانيه جي هڪ تجزيه نگار ڪمپني Quacquarelli Symonds (QS) جيڪا اعليٰ تعليمي ادارن يعني سڄي دنيا جي يونيورسٽين جا تجزيا ڪري انهن جي ڪارڪردگيءَ جي مطابق انهن جي رينڪنگ ڪندي آهي. تازي رپورٽ ۾ هن دنيا جي 350 بهترين يونيورسٽين جي لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوري پاڪستان ۾ ڪا هڪ به يونيورسٽي ان معيار کي پورو نه ڪري سگهي آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال پيش ڪري ٿي.
جڏهن ته ڪجهه يونيورسٽيون جنهن ۾قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) هائيسٽ رينڪنگ حاصل ڪري 354 ۽ 371 نمبر تي آيون آهن، پر اهي ٻئي به 350 واري نمبر ۾ شامل نه ٿي سگهيون آهن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته يونيورسٽين جي هاءِ رينڪنگ ۾ اچڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن جون ريسرچ پبليڪيشنز شايع ٿين ۽ اهي معياري هجن، جن جي سائيٽنگ تمام سٺي هجي، پر شايد اسان جي ملڪ ۾ تحقيق جي نالي تي به ڪرپشن ٿي رهي آهي. يونيورسٽين کي ملندڙ تحقيق وارا فنڊ تحقيق جي لاءِ استعمال ٿيڻ جي بجاءِ ڪرپشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جنهن جي ڪري اسان جي ريسرچ جو معيار بين الاقوامي ريسرچ ۽ سائيٽيشن واري ذمري ۾ نٿو اچي. هن وقت دنيا ۾ انٽليڪچوئل پراپرٽي ۽ نئين ايجادن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته يونيورسٽين مان پاس ٿيندڙ اسڪالر پنهنجي تحقيق جي ڪمرشل استعمال جي لاءِ ان کي پيٽنٽ ڪرائين ۽ ڪمرشل ميدانن ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪن ۽ پنهنجي ملڪ کي به پاڻڀرو ڪرڻ ۾ مدد ڏين.
ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا پي ايڇ ڊي اسڪالر هر سال پيدا ٿين ٿا، پر اسان کي مقدار جي نه معيار جي ضرورت آهي، جنهن کي شايد پوري پاڪستان جون يونيورسٽيون نظرانداز ڪري رهيون آهن. اسان وٽ اسڪالر کي به پي ايڇ ڊي جي ڊگري شايد ان ڪري گهرجي ٿي ته جيئن کيس پروموشن ملي وڃي ۽ سندس پگهار ۾ اضافو ٿئي. اسان وٽ انهن محققن جو مقصد هرگز اهو نه هوندو آهي ته اهي ڪا نئين تحقيق کڻي اچن، ڪو نئون ريسرچ پيپر لکي دنيا جي وڏن جرنلز ۾ پنهنجا اهي پيپر شايع ڪرائين ۽ ڪنهن نئين ايجاد جو يا تحقيق جو بنياد وجهن. اهڙا ريسرچ اسڪالر جڏهن استاد بڻجي شاگردن کي پڙهائين ٿا ته شاگردن جو معيار به استاد جهڙو ئي رهي ٿو. هن وقت پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي جو 350 يونيورسٽين جي ڳاڻيٽي ۾ نه اچڻ اهو ثابت ٿو ڪري ته پاڪستان جي يونيورسٽين جي بين الاقوامي طور تي شناخت انتهائي غير معياري آهي ۽ انهن کي غير معياري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو آهي. پاڪستان جي عوام جي بدقسمتي اها آهي ته اسان جي جي ڊي پي جو هڪ وڏو حصو ملڪ جي دفاع تي خرچ ٿي وڃي ٿو، پر تعليم تي اسان جي بجيٽ ۾ هميشه گهٽ کان گهٽ حصو رکيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو وڃي، ڇو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جا تمام گهڻا شاگرد ٻاهر هليا وڃن ٿا ۽ اهي پنهنجي ذاتي خرچ تي تحقيق ڪري يا اعليٰ تعليم حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون آڇين ٿا. جيستائين سرڪاري يونيورسٽين ۾ سرڪاري خرچ تي سٺي تحقيق جو رجحان پيدا نه ٿيندو ۽ ان ۾ شفافيت نه هوندي، محققن کي سٺيون پگهارون نه ڏنيون وينديون تيستائين شايد يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ بهتري نه اچي سگهندي. پاڪستان جي يونيورسٽين جو رينڪنگ ۾ معياري ثابت نه ٿيڻ نه صرف ملڪ جي بدنامي آهي، پر پاڪستان جي تعليمي نظام جي پت وائکي ڪري ٿو، بلڪه مستقبل ۾ يقينن اها شيءِ انهن شاگردن جي مستقبل تي به اثر انداز ٿيندي جيڪي انهن يونيورسٽين مان پڙهي ٻاهر نڪرن ٿا ۽ پوءِ بين الاقوامي يونيورسٽين لاءِ مختلف ملڪن ۾ اسڪالرشپن لاءِ درخواستون موڪلين ٿا. جڏهن انهن جون درخواستون پرک ۽ جاچ جي مرحلي مان گذرنديون ته انهن شاگردن جو اهڙين يونيورسٽين سان تعلق ڏسي کين شروعاتي سطح تي ئي ان ريس کان ٻاهر ڪيو ويندو. ڇو ته اسان جي يونيورسٽين جي ساک سڄي دنيا ۾ خراب ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ڪري هاڻي انهن ملڪن ۾ جتي اسان جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ويندا انهن جي قابليت تي سواليه نشان ضرور لڳايو ويندو، جيڪو پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ سٺو سنئوڻ نه هوندو. ڇو ته انهن ملڪن جون اهي اسڪالرشپون تمام گهڻيون محدود هونديون آهن ۽ اهي اهڙن شاگردن کي ڏنيون وينديون آهن جن جو تعلق ڪنهن سٺي ساک رکندڙ يونيورسٽي سان رهيو هجي.
نه صرف ايترو بلڪه شاگردن جي ويزا جي جاچ وارو مرحلو به تمام نزاڪت سان چيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ ان وقت به ان ڳالهه کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ته اهو شاگرد ڪهڙي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي شاگردن کي ويزا حاصل ڪرڻ واري سطح تي ئي روڪيو ويندو. نه صرف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، بلڪه ڪجهه ملڪ ته پنهنجن ملڪن ۾ اهڙي ساک رکندڙ يونيورسٽين مان پاس آئوٽ ٿيندڙ اميدوارن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت به ناهن ڏيندا. ڇو ته کين ان ڳالهه جو خوف هوندو آهي ته اهڙا اميدوار سندن معاشي ترقيءَ ۾ ڀرپور حصو نه وٺي سگهندا.
پاڪستان ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي معاملو آهي، پر ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ به صوبائي سطح تي تعليم جي ميدان ۾ ڪا خاص بهتر تبديلي نه اچي سگهي آهي، شايد ان جو سبب اهو آهي جو عوام به ان معاملي کي پنهنجو معاملو نٿي سمجهي ۽ ان جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن تي زور نٿي ڀري. تعليم جي تباهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر جن سببن جو سڀ کان اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو ان ۾ تعليم جي لاءِ مناسب فنڊنگ نه ٿيڻ سڀ کان اهم ڳالهه آهي. ڇو ته هر صوبو پنهنجي وسيلن جي مطابق پنهنجي يونيورسٽين جي فنڊنگ ڪري ٿو. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ معاشي طور مستحڪم صوبو پنجاب آهي، ان ڪري پنجاب جون يونيورسٽيون پاڪستان جي ٻين صوبن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن، پر هن سال رينڪنگ ۾ اهي به 350 هين نمبر ۾ شامل نه ٿي سگهيون آهن. ان کان علاوه يونيورسٽين ۾ انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل قابليت اڃان تائين محدود آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي شعبا غير معياري طور ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ هن وقت وائيس چانسلرن جي مقررين تي به هڪ سواليه نشان موجود آهي. هر صوبو پنهنجي حساب سان ڪريڪيولم جي چونڊ ڪري رهيو آهي، جيڪو پڻ تعليم جي قومي معيار کي ڌڪ رسائي رهيو آهي. ان کان علاوه اسان جي يونيورسٽين ۾ پهرين هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو هڪ اهم ڪردار هوندو هو جيڪو هاڻي گهٽجندو نظر اچي ٿو. يقينن ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي اهو اختيار حاصل آهي ته اهي تعليمي پاليسيون ٺاهي سگهن ٿيون ۽ تعليم جي لاءِ قانونسازي ڪري ان کي بهتر بڻائي سگهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جون صوبائي حڪومتون خاص ڪري اسان سنڌ حڪومت کان سوال پڇنداسين ته ان تعليم کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪري بين الاقوامي معيار مطابق آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا نه؟ بلڪه محسوس ايئن ٿو ٿئي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ صوبي جي تعليم پنهنجي معيار کان ڪيترائي ڀيرا ڪري پئي آهي.
ارڙهين ترميم جي آرٽيڪل 25-A مطابق تعليم پنجن سالن کان سورنهن سالن تائين هر ٻار جو بنيادي حق آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي اها تعليم نٿي ملي ته هو قانون جي مدد حاصل ڪري سگهي ٿو، پر ان جو نفاذ اسان کي پنهنجي صوبي ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. ان جي لاءِ عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ارڙهين ترميم کي چڱيءَ طرح سان پڙهڻو پوندو. صوبائي سطح تي حڪومت جا ڪهڙا فرض آهن ان جي لاءِ نوجوانن کي، باشعور طبقي کي تمام گهڻي سجاڳي حاصل ڪرڻي پوندي ته جيئن جيڪي درپيش مسئلا آهن انهن کي حل ڪرايو وڃي ۽ ارڙهين ترميم کي ناڪام ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ صوبي جي تعليمي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجو حصو وڌو وڃي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان مثبت انداز سان پنهنجا رايا ۽ تنقيد سنڌ حڪومت تائين پهچائيندا رهون ته جيئن تعليم جي ميدان ۾ جتي اڄ اسان پٺتي قدم وڌائي رهيا آهيون اهي قدم اڳتي وڌي سگهن ۽ هڪ ڏينهن اهو اچي جو اسان جون يونيورسٽيون رينڪنگ ۾ ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ شامل ٿي سگهن.