خاص

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو جڙانواله ۾ ڪرسچن ڪالونيءَ جو دورو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا جي متاثرن سان ملاقات ڪئي. ساڻس سندس اهليه به گڏ هئي. ان موقعي تي گفتگو ڪندي هن چيو ته هن واقعي کي 3 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر متاثر ٿيل گهٽيون اڃا تائين صاف نه ڪيون ويون آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي ڪمشنر تي ناراضگي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ڪرسچن ڪالونيءَ جي گهٽين جي صفائي جو جلد ئي بندوبست ڪيو وڃي. هو دانش اسڪول ۾ متاثرن سان ملاقات کانپوءِ اتان روانو ٿي ويو.