خاص

رت ۾ شوگر جي واڌ دل جي مرضن جو سبب بڻجي سگهي ٿي: تحقيق

هڪ نئين تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته رت ۾ شوگر جي وڌيڪ مقدار جو تعلق دل جي مرضن جي خطرن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. لنڊن اسڪول آف هائيجين اينڊ ٽروپيل ميڊيسن ۽ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ ڪيل تحقيق ۾ محققن يو ڪي بايو بينڪ مان حاصل ڪيل 4 لک 27 هزار 435 برطانوين (54.2 سيڪڙو عورتن، 45.8 سيڪڙو مردن) جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. انهن ماڻهن ۾ معمولي بلڊ شوگر وارا پري ڊائيبيٽيڪس (ذيابيطس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پهرين جي دور مان گذرندڙ) ۽ ذيابيطس جا مريض شامل هئا. تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته عورتون ۽ مرد جن جي رت ۾ شوگر جي مقدار وڌيڪ هئي، انهن جي دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 30 کان 50 سيڪڙو تائين وڌيڪ هئا. اهي امڪان شوگر جي ذيابيطس جي حد کان گهٽ هئڻ جي باوجود پڻ موجود هئا. ذيابيطس ۾ مبتلا ماڻهن ۾ مردن جي نسبت عورتن جي دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هئا. محققن جي علم ۾ اها ڳالهه پڻ آئي ته رت ۾ شوگر جي مقدار جو گهٽ ٿيڻ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جهڙن قلبي واقعن خلاف بهتر هو. رت ۾ معمول مطابق شوگر رکندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ گهٽ مقدار وارن ماڻهن جي قلبي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 10 سيڪڙو گهٽ هئا.