خاصنئون

سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه هجڻ باوجود بدين ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار

هاري تنظيمن جي اڳواڻن پاران سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه هجڻ باوجود بدين ۾ پاڻي جي کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سيو بدين ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته سيڊا پاران ڦليلي واهه تي پاڻي کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته بدين جي آبادگارن سان ظالماڻو مذاق ٿي رهيو آهي هڪ طرف دريائن ۾ ٻوڏ جو پاڻي آهي ته ٻئي طرف بدين ۾ هن وقت به پاڻي جي کوٽ آهي. هنن سيڊا تي الزام هڻندي چيو ته سيڊا جي عملدارن 6 ارب رپين جا بلاڪ ٺهرائي پاڻي کي روڪيو آهي ته جيئن پاڻي صرف بااثر ماڻهن جي زمينن کي آباد ڪري سگهي. هنن چيو ته برسات پوڻ سبب ڪجهه پاڻي جمع ٿيو هو پر هاڻي وري پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي. هنن بدين جي چونڊيل نمائندن لاءِ زور ڀريندي چيو ته اهي سنڌ جي وڏي وزير کي بدين جي دوري تي اچڻ لاءِ چون ته جيئن هو پاڻ بدين جي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائي.