پيپلز پارٽي هڪ ترقي پسند سوچ رکڻ واري جمهوري پارٽي آهي، جنهن عورتن جي لاءِ ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ هميشه سنڌ ۾ سٺي قانون سازي ڪئي آهي، اهو الڳ بحث آهي ته ان تي عمل ڪيترو ٿئي ٿو. اها به حقيقت آهي ته ٻين سياسي پارٽين جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ عورتن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ کين وڌيڪ آزادي مليل آهي. شهيد بينظير ڀٽو هن پارٽيءَ جي اڳواڻ رهي ۽ هينئر به سندس ڌيءَ آصفه ڀٽو سياست جي ميدان ۾ متحرڪ نظر اچي ٿي.
عورتن جي لاءِ هن وقت ٽرانسپورٽ جو مسئلو انتهائي اهم مسئلو آهي، ڇو ته اڄڪلهه عورتون مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي ڪري انهن جو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃڻ، انهن جي لاءِ ۽ سندن خاندان وارن جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. سنڌ حڪومت ان جي لاءِ هڪ قدم کنيو آهي، جيڪو تمام گهڻو لائقِ تحسين آهي. سنڌ حڪومت خواتين کي هڪ هزار بجلي جي توانائي تي هلندڙ اسڪوٽر جنهن کي اِي اسڪوٽر يا اليڪٽرڪ اسڪوٽر به چيو وڃي ٿو، تقسيم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اها اسڪيم بنيادي طرح شاگردياڻين ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ آهي. اهو قدم انهن لاءِ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪندو. انهن کي بهتر احساس ڏياريندو ته اها سواري سندن ملڪيت آهي. هڪ هزار عورتن ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽر جي ورهاست هڪ نئين رجحان کي جنم ڏيندي ۽ مسافري لاءِ اسڪوٽي، موٽرسائيڪل، ڪار بنا ڪنهن صنفي امتياز جي جڏهن عورت جي ملڪيت هوندي ته اسانجو سماج لازمي آهي ته انهيءَ کي قبول ڪرڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿيندو. سنڌ حڪومت روشن خيال قدم کڻي رهي آهي ته جيئن سماج جي پيڙهيل طبقي کي اڳيان آڻجي ۽ کيس پاڻڀرو بڻائجي.
شاگردياڻين ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ پنهنجي سواري جي مالڪي جي معنيٰ آهي. اها ڳالهه ائين سمجهي سگهجي ٿي ته اسانجي سماج ۾ تبديلي اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت جو انهيءَ سوچ ۾ اهم حصو آهي ته عورت جي حيثيت جي مڃتا ڪئي وڃي ۽ انهيءَ کي بااختيار بڻايو وڃي. هڪ هزار اليڪٽرڪ اسڪوٽر جي تقسيم عورت مسافرن لاءِ محفوظ، سستي ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ انهيءَ حڪمت عملي جو حصو آهي. سنڌ حڪومت سڄي صوبي جي عورتن لاءِ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽر ڏيڻ لاءِ “پنڪ اِي وي اسڪوٽي اسڪيم” جو آغاز ڪيو آهي. هن قدم جو مقصد عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ انهن جي مسافري کي بهتر بڻائڻ آهي. انهيءَ جو بنيادي شرط اهو آهي ته اهي هڪ هزار عورتون شاگرد ۽ نوڪري ڪندڙ هونديون. سنڌ حڪومت جڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ اليڪٽرڪ بسون هلايون ته ماڻهن کي سهولت مهيا ٿي ۽ هن مهانگائي جي زماني ۾ سستي ۽ بهتر سواري جي فراهمي تي ماڻهو گهڻو خوش آهن.
ڏسڻ ۾ ائين اچي رهيو آهي ته موجوده زمانو اليڪٽرڪ سوارين جو زمانو آهي. اهڙيون سواريون جيڪي بجليءَ جي توانائي تي هلنديون. جن لاءِ سنڌ سرڪار هر ضلعي ۾ اليڪٽرڪ چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ تي ويچاريو آهي. هتي اها ڳالهه ڪجي ته اليڪٽرڪ اسڪوٽي ٺاهڻ وارن چيني صنعتڪارن جي وفد سنڌ جي سينئر وزير محترم شرجيل ميمڻ سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سنڌ صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کي جديد بنائڻ ۽ اليڪٽرڪ اسڪوٽي متعارف ڪرائڻ تي گفتگو ٿي آهي. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صوبي ۾ جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتن کي عام ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي سستي سواري ملي سگهي. سنڌ حڪومت “پنڪ اِي وي اسڪوٽي اسڪيم” متعارف ڪرائي سماج کي بدلائڻ جو آغاز ڪيو آهي. سماج ۾ عورت کي مالڪي ڏيڻ ۽ انهيءَ جي اهميت کي مڃڻ اهم ڳالهه آهي، سنڌ حڪومت اهو قدم کڻي چڪي آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.
جون 2025 ۾ اِي وي اسڪوٽي سان گڏ اِي وي ٽيڪسي تي به ڪم شروع ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت جا اهي فيصلا سماج جي لاءِ اهم آهن ۽ اهي سماج ۾ تبديلي کڻي ايندا. ڪنهن به سماج جي ترقي ۾ انهيءَ جي ٽرانسپورٽ جي ذريعن جو اهم ڪردار هوندو آهي. دنيا ۾ جڏهن بحري مسافريون شروع ٿيون ته دنيا نه صرف تبديل ٿي، پر هڪ ٻئي جي ويجهو به اچي وئي. سنڌ جي صوبائي حڪومت روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي. انهيءَ جا رخ ۽ پاليسيون چِٽيون ۽ واضح آهن. اهي رخ ۽ پاليسيون سنڌ کي ترقي جي طرف وٺي وينديون. سنڌ حڪومت تعليم ۽ زراعت جي شعبي ۾ به بهتر ڪم ڪري رهي آهي. نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين ۾ هڪ هزار اليڪٽرڪ اسڪوٽر جي تقسيم انقلابي قدم آهي. اها اسڪيم سنڌ جي مستقبل تي گهرو اثر ڇڏيندي.