نئون

ملڪ اندر اسٽنٽس جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

سپريم ڪورٽ پاران ماهر ڊاڪٽرن جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ملڪ اندر اسٽنٽن (Stents) جي گهٽتائي جي سببن کي جاچيندي. جيڪي خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ رکيا ويندا. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پاران ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند کي پيش ٿيڻ جو چيو ويو جيڪو انهن اسٽنٽن جي تياري ڪرڻ واري پروجيڪٽ جو سربراهه هو. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند اها وضاحت ڪندو ته ملڪ اندر اسٽنٽ ٺاهڻ لاءِ مليل 3.7 ڪروڙ رپيا هن ڪيئن خرچ ڪيا. واضح رهي ته هي معاملو سپريم ڪورٽ پاران اهڙين رپورٽن تي ورتل پاڻ مرادو نوٽيس بعد اٿيو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ملڪ ۾ ڪجهه اسپتالن ۾ دل جي اهڙن مريضن کي اسٽنٽ لڳايو ويو هو جنهن کي ان جي ضرورت نه هئي ۽ انهن کان هڪ اسٽنٽ جي لاءِ 180000 رپيا ورتا ويا هئا، جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو ته 2004 ۾ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند کي مليل 3.7 ڪروڙ رپين جي مالي آڊٽ ڪرائي وڃي. هڪ وضاحت ۾ چيف جسٽس پاران چيو ويو ته اسٽنٽ کانپوءِ ڪڊني جي بيماري هيپاٽائيٽس سي جي علاج جا مامرا ڪورٽ آڏو پيش ڪيا ويندا. چيف جسٽس چيو ته علاج جي معاملي کي ٻين ڪاروبارن وانگر نه هلايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽنٽ جي قيمتن کي اهڙي گهٽ ليول تي آندو ويندو جنهن سان سٺي ڪوالٽي جا اسٽنٽ عام ماڻهو جي پهچ ۾ اچي سگهندا.