آمريڪا پاران پاڪستاني چونڊن تي تحفظن جو اظهار
آمريڪا پاران پاڪستان اندر پولنگ کان پهرين جي عمل ۾ خامين جي تحفظ واري ڇڏيا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عيوضي هيڌر ناورٽ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ووٽنگ کان اڳ واري عمل ۾ خاميون ڏسڻ ۾ آيون. انتخابي مهم دوران اظهار جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون جنهن بابت يورپي ماهرن جي موقف ۽ انتخابي عمل جي خامين تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان انهن تحفظن سان اتفاق ڪيو آهي. يورپي ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن چونڊن ۾ برابر موقعا نه ڏنا ويا. هيڌر ناورٽ چيو ته اسان کي اهڙن اميدوارن تي به تحفظ آهن جيڪي دهشتگردن سان لاڳاپا رکندڙ آهن. ان کان علاوه چونڊن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ پاڪستان جي عوام جي همت کي ساراهيون ٿا.

