خاص

صدر جي صحيح کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل قانون بڻجي ويا

صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، صدر جي صحيح کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل قانون بڻجي ويا، قومي اسيمبليءَ پنهنجو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي، سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪرڻ تي اپوزيشن سان گڏ تڏهوڪا حڪومتي اتحادي به سراپا احتجاج بڻجي ويا هئا.