سپريم ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي کي بري ڪري ڇڏيو آھي، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪندي حڪم جاري ڪيو. عدالت پاران شاهزيب قتل ڪيس ۾ ٽن ٻين جوابدارن کي به بري ڪيو ويو آھي. وڪيل لطيف کوسا موجب ڌرين ۾ پهرين ٺاهه ٿي چڪو آهي، جوابدارن طرفان دهشت پکيڙڻ جو ارادو نه هو.
Post Views: 450