خاص

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي، جماعت اسلامي پاران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ڪراچي ۾ رٿيل مڪاني چونڊن ۽ سنڌ حڪومت جي موقف بابت غور ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جو موقف ۽ موجوده صورتحال کي سامهون رکندي ڪراچي ڊويزن ۾ رٿيل مڪاني چونڊن کي اڻڄاتل مدي تائين ملتو ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ان حوالي سان هڪ ڏينهن اڳ گھرو سيڪريٽري سان گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي. گھرو وزارت کي چونڊون پرامن طور ڪوٺائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز جي فراهمي يقيني بنائڻ جو چيو هو. گھرو وزارت چيو ته پوليس جي نفري گھٽ هجڻ جي صورت ۾ فوج ۽ رينجرز پولنگ اسٽيشنن تي ڊيوٽي نٿي ڏيئي سگھي. اليڪشن ڪميشن موجب لکت ۾ ٻڌايو ويو ته فوج ۽ رينجرز بطور ڪوئيڪ ريسپانس فورسز طور دستياب هوندي. جڏهن ته سنڌ حڪومت ٻڌايو هو ته ڪراچي جون اڪثر پولنگ اسٽيشنون حساس يا انتهائي حساس آهن، ان ڪري اليڪشن ڪميشن وٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو ته في الحال مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت اجلاس 15 ڏينهن کانپوءِ ٿيندو. ٻئي پاسي جماعت اسلامي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.