18 هين ترميم ختم ڪئي وئي ته سياسي بحران پيدا ٿيندو: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم پارليامينٽ جي اتفاق راءِ سان پاس ٿي هئي ۽ سڀئي سياسي جماعتون آئيني اصلاحاتي ڪميٽي ۾ شريڪ هيون. خدا کي خبر آهي ته ڪنهن جي ايجنڊا تي ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ ترميم آڻڻ جي باري ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيڪڏهن ارڙهين ترميم کي ختم ڪيو ويو يا ان ۾ رد و بدل ڪئي وئي ته سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ٿيندو. مولانا جو چوڻ آهي ته ڪنهن هڪ شق کي به ختم ڪيو ويو ته ان لاءِ وري نئين سر قانون ساز اسيمبلي تشڪيل ڏيڻي پوندي آهي. قوم ستر سالن کان وڌيڪ وقت ڪاٽي چڪي آهي ۽ ملڪ اهڙن نون تجربن جو متحمل نٿو ٿي سگهي
