خاص

سنڌ ۾ رمضان دوران هر قسم جي مذهبي تقريبن تي پابندي لاڳو

سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ مهيني ۾ هر قسم جي مذهبي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ رمضان المبارڪ ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائي وئي آهي. گهرو کاتي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب حضرت علي رضه جي شهادت واري ڏينهن تي مجلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائي وئي آهي. صوبي ۾ هر قسم جي مذهبي تقريبن تي پابندي هوندي. رمضان دوران مسجدن ۾ شبينو ۽ قرآن شريف جي ختم جي اجتماعن تي به پابندي هوندي. واضح رهي ته ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ ۾ 23 مارچ کان لاڪ ڊائون آهي ۽ رمضان آرڊيننس تحت لاڪ ڊائون ۾ نيون نيون پابنديون لڳايون پيون وڃن