ادبنئون

ڊائري

6 آگسٽ، 2002
امان جي وفات کانپوءِ اندر ۾ جيڪو خلا پيدا ٿي پيو آهي، اهو ڀرجي نٿو اها ڪمي اهڙي آهي جو ڪوبه ڪم نه پيو ٿئي، لکڻ، پڙهڻ به ڇڏائي ويو آهي.
***
8 ڊسمبر 2002
رب العالمين جا لکين ڪرم منهنجي مولا ڪريم جا هزارين احسان جو اسانجي فرزند سارنگ جي شادي خانه آبادي تمام گهڻي سهڻي انداز ۾ ٿي گذري. بلڪه ڀرپور نموني انتهائي جوش جذبي سان شاندار ۽ باوقار انداز ۾، کل خوشين سان بغير ڪنهن ڪمي يا پريشاني جي هر لحاظ کان اعليٰ ترين شادي مڪمل ٿي. مسلسل ٽن ڏينهن جا بهترين پروگرام ٿيا، جمعي ڏينهن مهندي تي برڪت شاندار ميوزيڪل پروگرام ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا فنڪار ۽ فنڪارائون ڳائڻا ۽ چار پنج رقص ڪندڙ ڇوڪريون به هيون، جن رات دير تائين بهترين پروگرام پيش ڪيو، ٻي ڏينهن ڇنڇر تي اسانجي دعوت هئي، اها ڊنر جيڪا ايڏي ته سٺي ۽ ڀرپور هئي جو هر ماڻهوءَ ماني، انتظام ۽ سينگار جي تعريف ڪئي. اٺ سئو ماڻهن ماني کاڌي ۽ پوءِ به ٻه ديڳون بچيون. آچر ڏينهن نڪاح ٿيو ۽ ڊنر برڪت طرفان ٿي. اهو ڪاڄ، شاندار ۽ باوقار نموني ٿي گذريو. مطلب ته مولا جي ڪرم سان اسان جو ڪاڄ هر لحاظ کان ڀرپور هو. گهوٽ ڪنوار سارنگ ۽ سورٺ ڏاڍا سهڻا پي لڳا.
***
20 ڊسمبر، 2002
سقراط-افلاطون: 469 کان 399 قبل مسيح.
سقراط جو ڪمال اهو آهي ته هن اخلاقيات ۾ جز کي ڪُل کان ڌار ڪيو. سقراط صرف اخلاقيات جي خدمت نه ڪئي، پر الهايات جي به خدمت ڪئي. سقراط چيو اخلاقي تصورات انسان جي فطرت ۾ شامل آهن، هر انساني نفس حاصل صداقت آهي، تعليم ڪابه اهڙي شئي پئدا نٿي ڪري جيڪا اڳ انسان ۾ موجود نه هجي. سقراط انسان جي فطرت ۽ ذات جي ممڪنات کي جيڪا معنيٰ ڏني اها درست آهي ۽ قطعي طور صداقت، شرافت نفس جو دليل آهي، جنهن جو ثبوت خود سقراط جو ايٿنز جي ظالمانه عدالت پاران سزا ۾ زهر جو پيالو پيئڻ آهي، اهو ئي عمل هن کي سچو، شريف ۽ عظيم ٿو بڻائي. هن خير و شر کي واضح ڪيو ۽ چيو ته نيڪ انسان بد کان وڌيڪ طاقتور آهي. ان ڪري بد، نيڪ کي نقصان نٿو ڏئي سگهي. نيڪي جو انعام طلب نه ڪجي ڇو ته نيڪي بذات خود سعادت آهي. سقراط اخلاقيات کي عقيدي کان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان کي خودمختيار بنايو. سقراط جو نظريو صوفين سان مشابهت نٿو رکي.
افلاطون جو خيال آهي ته جيڪو ماڻهو خوبصورت شين کي پسند ڪري، نيون تصويرون ڏسي، نوان ڊراما ڏسي، موسيقي ٻڌي اهو فلسفي نه آهي، فلسفي اهو آهي جو صرف حسن سان محبت ڪري، جيڪو مطلق حسن جو ذوق رکي اهو بيدار آهي. جيڪو صرف حسن سان پيار ڪري اهو صرف خواب ٿو ڏسي. افلاطون، علم ۽ راءِ جي فرق کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ماڻهو ڪنهن شئي جو علم ٿو رکي، معنيٰ اها شئي موجود آهي، حقيقي طور تي علم ۾ غلطي جي گنجائش گهٽ ٿي هجي. مگر راءِ ۾ غلطي جو امڪان وڌيڪ آهي، راءِ وجود رکڻ ۽ نه رکڻ واري ٻنهي شين جي متعلق ٿي سگهي ٿي، عقل حق آهي.
***
24 ڊسمبر 2002
مال، دولت، روحاني سڪون جي لاءِ اهم نه آهن. خوش بختي لاءِ مادي لوازم اهم نه آهن. ڇاڪاڻ ته مادي شيون بدلجندڙ آهن. مادي دنيا فاني آهي. دولت و ثروت، سعادت، خوش بختي جو سرمايو ته آهي، پر اهو صرف ضروريات جي لاءِ هڪ ذريعو آهي، مال دولت جيڪڏهن عقل و اعتدال سان استعمال ڪجي ته سڪون قلبي جي ذريعن مان هڪ ذريعو آهي. مال دولت جي حاصلات لاءِ حد کان وڌيڪ مشغوليت، روحاني اعتدال کي ختم ٿي ڪري. خوش بختي حرص و طمع سان نه ملندي.
***
27 ڊسمبر 2002
ٻار تي بيجا تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، جيتري ضرورت هجي اوتري تنقيد ڪجي، حد کان وڌيڪ نه. ۽ جي ٻار پنهنجي غلطين کي مڃي وٺي يا سمجهي وڃي ته پوءِ تنقيد بند ڪجي.
***
28 ڊسمبر، 2002
مراقبو-ماڻهو کي نوجوان ٿو بڻائي.
مراقبو-ڪل هستي جي قلبي ماهيت آهي.
مراقبي جو تعلق ذهن سان نه، پر هستي سان آهي.
مراقبو-وقت کان ماورا وٺي وڃڻ شروع ڪندو آهي.
مراقبو-سڀ تناءُ سڀ پريشانيون، سڄو بار ختم ڪري، پرسڪون ٿو بڻائي.
مراقبو-زندگي جي صفات کي ظاهر ڪرڻ واري سائنس آهي.