نئون

گلگت بلتستان ۾ 12 اسڪول ساڙيا ويا

گلگت بلتستان جي ضلعي ديا مير ۾ 12 اسڪول ساڙيا ويا جنهن مان 10 اسڪول ڇوڪرين جا آهن، جنهن ۾ هڪ آرمي پبلڪ اسڪول به شامل آهي. ديا مير جي ايس ايس پي راءِ اجمل مطابق ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي ۽ ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه اسڪولن کي ساڙيو ويو آهي ته ڪجهه کي نقصان رسايو ويو آهي ۽ ڪتابن ۽ فرنيچر کي ٻاهر اڇلايو ويو آهي. خبرن موجب انهن اسڪولن کي صبح جو سوير ساڙيو ويو ۽ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. پوليس پاران معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيمون موڪليون ويون آهن ۽ هن وقت تائين ڪنهن به ڌر هن معاملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. آسپاس جي ماڻهن چيو آهي ته انهن ڌماڪا به ٻڌا آهن پر پوليس جو چوڻ آهي ته انهن کي اهي ڪابه رپورٽ نه ملي آهي. ٻئي طرف چلاس جي عوام پاران هن واقعي خلاف احتجاج ڪندي ريلي ڪڍي مجرمن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.