ادب

مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ جن ستن سورمين جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ستن سورمين ۾ مومل به هڪ آهي. مومل راڻي جي قصي جو تعلق هن ريت آهي ته پندرهين صديءَ جي ابتدا ۾گُجر ذات جو هڪ هندو راجا نند ميرپورماٿيلي واري رياست تي حڪومت ڪندو هو، جنهن کي نوَن (9) نياڻين جو اولاد هو. انهن سڀني نياڻين ۾ مومل عقل ۽ ڏاهپ ۾ سرس هئي. جنهن ڪري سندس پيءُ جو وڏو اعتماد هو. هڪ ڏينهن راجا پنهنجي اميرن سان گڏ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي جانورن جو شڪار ٿي ڪيو ته سندس نگاھ وڃي هڪ ندي پار ڪندڙ جانور تي پئي جنهن کي ڏسي حيرت ۾ اچي ويو! ڇاڪاڻ جو جيئن جيئن جانور پاڻيءَ مان ٿي گذريو، تيئن تيئن اتان پاڻي درياءَ مان سڪندي ٿي ويو ۽ پوءِ راجا انهيءَ جانور کي ماري وڌو. سوچيائين ته جانور جي ڪهڙي عضوي ۾ اهو راز رکيل آهي، جنهن کانپوءِ اهو ڳجھ سمجھ ۾ آيس ته اهو راز جانور جي ڏند ۾ رکيل هو ۽ پوءِ اهو ڏند کيسي ۾ وجهي، ندي پار ڪري گهر اچي پنهنجو قيمتي خزانو درياءَ ۾ هڪ نشان ڪري محفوظ ڪري رکيائين. ڏند پنهنجي ڌيءَ مومل کي ڏنائين ته انهيءَ کي هٿيڪو ڪري رکجان ۽ ضرورت پوڻ تي کيس واپس ڪندو.

ڊاڪٽر اياز حسين قادري لکي ٿو ته: ”راجا نند گجر ذات جو هڪ راجا سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي حڪومت ڪندو هو. راجا کي ٻن ڳالهين سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي، هڪ دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ ٻيو شڪار ڪرڻ. هڪڙي ڀيري شڪار ڪندي راجا نند پنهنجو گهوڙو هڪ سوئر جي پويان کڻي ڇڏيو، جيڪو ڀڄي وڃي پاڻيءَ ۾ گهڙيو، راجا هي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ته سوئر ڀڄندو وڃي ۽ درياءُ ان کي رستو ڏيندو وڃي. راجا سوئر جي پٺيان هلندو رهيو، تان جو سوئر ۽ راجا ٻئي وڃي درياھ جي ٻئي ڪناري تي پهتا. پويان درياءَ وري ساڳي نموني وهڻ لڳو. راجا وڏي ڪوشش سان سوئر کي ماريو ۽ اهو ڏسڻ لاءِ ته سندس ڪهڙي عضوي ۾ راز رکيل آهي. سوئر جو سَنڌ سَنڌ وڍيندو پاڻي ۾ وجهندو ويو. جڏهن سوئر جو ڏند درياءُ ۾ وڌائين ته پاڻي انهيءَ هنڌان پنهنجي جاءِ ڇڏي ويو.“ (قادري، 1991)

ڪجھ وقت کانپوءِ انهيءَ ڪرامتي ڏند جي خبر ڪنهن فقير کي پئجي وئي. هڪ لڱا راجا نند جي غير موجودگيءَ ۾ اچي راجا جي محل آڏو آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳو انهيءَ اُڀ ڏاريندڙ صدائن تي مومل دريءَ کان ٻاهر نهاريو ۽ اتان ئي انهيءَ درويش کان آهن ۽ دانهن ڪرڻ جو سبب پڇيو جنهن تي فقير وراڻيو ته ”سانئڻ! آئون هڪ موضي مرض ۾ مبتلا آهيان گهڻو ئي علاج ۽ پيرن فقيرن کان دعائون سڳا ڦيڻا ڪرايا اٿم، ليڪن ڪٿان به ڪو ڇوٽڪارو نه ٿو ملي، آخر هڪ ڏينهن ڪنهن الله لوڪ فقير کان ڏس پتو مليو آهي ته اوهان وٽ ڪنهن جانور جو ڏند رکيل آهي جنهن جي گهوٽي پيئڻ سان هي منهنجو مرض لهي ويندو. انهيءَ فقير جي آهن تي ڪهل ڪندي مومل اهو ڏند وڃي فقير کي ڏنو ۽ فقير وڃي انهيءَ ڏند جي حڪمت سان اهو سمورو خزانو درياءَ مان ڪڍي وڃي ڏورانهين ڏيھ روانو ٿيو.

هڪ ڏينهن راجا کي پنهنجي دل ۾ خزاني جي سارسنڀال لهڻ جو خيال پيدا ٿيو ۽ اچي مومل کان ڏند گهرايائين جنهن تي مومل اها سموري ڳالھ پيءُ کي چئي ٻڌائي ته اهو ڏند مون فقير کي ڏئي ڇڏيو آهي! راجا نند ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مومل کي مارڻ تي هو ته سندس ڀيڻ سومل وچ ۾ اچي وئي ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين ته بابا اهو سمورو خزانو جيڪو اوهان جو فقير ڪڍي ويو آهي، سو آئون پورو ڪري ڏينديس، مومل کي ڪجھ نه چئو، انهيءَ لاءِ ڪجھ وقت جي مهلت گهرجي. سومل جادوءَ جي فن جي ماهر هئي. ڀينرن ۽ ٻانهين کي ساڻ ڪري جيسلمير جي ويجهو لڊاڻي شهر اچي ديرو ڄمايائين ۽ ڪجھ مهينن کانپوءِ اچي هڪ نهر جي ڪنڌيءَ تي ڪاڪ محل جو جادوئي رنگ محل رچايائين. انهيءَ محل جي آس پاس هڪ اهڙو ته خوبصورت رنگ برنگي باغ رکرايائين جنهن جي گلن جي هٻڪار هر ڪنهن دل کي مستو مست ٿي ڪيو. محل جي اڳيان هڪ طلسمي چمڪيلي چشمي جو بنياد وڌو ويو، جنهن جون رنگ برنگي لهرون لوڏا ڏسي هر ڪو ٿي ڪنبيو. دروازي وٽ ۽ محل جي چوطرف ڪُنڊن تي جادوئي شينهن بيهاري ڇڏيائين، جن جي گجگوڙن جو آواز عرش ٿي ڏاريو. محل جي اندر رنگين روشنيءَ جا ڪرڻا طلسمي چشما نڪري محل جي اندر رکيل هڪجهڙين ستن کٽن تي ترورا ٿي وڌا. انهن ستن کٽن مان ڇھ کٽون ڪچي سُٽ سان واڻيل هيون ۽ انهن مان هر هڪ جي هيٺان هڪ کوھ کوٽيل هو، باقي هڪڙي کٽ صحيح سلامت رکيل هئي، جنهن ۾ ڪابه اٽڪل بازي يا هيرڦير رکيل نه هئي. انهيءَ رنگ برنگي طلسمي محل ۾ ڪنواريون هار سينگار ڪري عاشقن جو شڪار ڪرڻ لاءِ هروقت تيار هونديون هيون. انهيءَ محلات ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ شرط رکيل هوندو هو ته ”جيڪو شخص چشمو پار ڪري ۽ شينهن کان پاڻ بچائي، اچي کٽ تي ويهندو سو مومل ماڻيندو. ”لڊاڻي“ وارو اهو نهر وارو علائقو ڄڻ ته هڪ تيرٿ آستان هو ۽ گهڻيئي شاهوڪار، وڻجارا ۽ راجڪمار اتي ياترائن تي اچي سڀ ڪجھ لُٽائي ڦُرائي ويندا هئا.

ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چِٽاڻو چوڌار،

مَنجِهين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجِهين باغَ بهارَ،

ڪانهي ٻي تَنوارَ، مِڙوئي مينڌِرو.“

(سر مومل راڻو)

مومل جي باغ جي منهن ۾ هڪ وڏو نغارو رکيل هو، جيڪو مومل جو طلبگار ملاقات لاءِ ايندو هو، سو ان تي ڏونڪو هڻندو هو ۽ پوءِ مومل جي ٻانهي ناتر سندس آجيان لاءِ ٻاهر ايندي هئي. ناتر جي پٺيان جيئن ئي طلبگار ايندو هو، تيئن ئي هو اڳتي هلي گوهي ڏئي گُسائي گُم ٿي ويندي هئي. پوءِ ايندڙ عاشق ويچارو طلسمي واٽن تي پاڻ وڃائي هوش ۽ حواس خطا ڪري مومل جي مجاز ۾ بيهوش ٿي پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي واپس ٿيندو هو. هن طلسمي محل ۾ ڪيئي پاڻ ڦرائي ڪنگال ٿي هليا ويا. جيڪڏهن ڪو قسمتي محل اندر پهچندو هو ته سُٽ جي اڻيل کٽ تي ويهڻ شرط هيٺان کوٽيل کوھ ۾ ڦهڪو ڪري ڪري مري ويندو هو. پوءِ انهن عاشقن جون کوٽيل نهر واري ڪنڌيءَ ڀرسان کوٽيل قبرون ڏسي به ڪيئي عاشق، مومل جي حاصلات لاءِ هلي ايندا هئا.

جڏهن ڪاڪ محل جي ڪناري اهو جادوئي محل تيار ٿيو هو ته سومل هڪ اعلان ڪيو هو، ”جيڪو شهزادو باغ مان گذري سهي سلامت مومل وٽ پهچندو، انهيءَ جي شادي مومل سان ٿيندي، نه ته ٻي صورت ۾ وٽس جيڪو مال ۽ سامان هوندس تنهن تان هٿ کڻڻو پوندس. مومل جي حسن ۽ جمال جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي شهزادا ڪاڪ محل آيا ۽ پنهنجا لاش ڪاڪ ڪنڌيءَ حوالي ڪيائون ۽ جيڪي زنده بچي ويا، سڀ ڪجھ ڦرائي ڪنگال ٿي موٽي ويندا هئا، سي جتي ڪٿي مومل جي محلات جي راڻين ۽ ڪاڪ محل جي حُسن جي ساراهه پيا ڪندا هئا، ڇوته انهيءَ ۾ هن طرح جا رنگ شامل هئا:

گُـــجَرِ کَــيِ گَــجَمَيلَ جُــونِ، تـاَرَن ۾ تَبَرُون

هَــــڻي حَــاڪمَن کــي، زَورَ ڀــَريُون زَبَــرون

ڪَاڪ ڪَـــنڌيءَ قَبَرُون، پَسَو پَرَڏيهيُن جُون.

هي انهيءَ زماني جي ڳالھ آهي جڏهن عمرڪوٽ تي همير سومرو راڄ ڪندو هو. کيس ٽي خاص وزير هئا ڏؤنر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو جن سان همير جي ڏاڍي لڳندي هئي يعني سندس دل گهريا دوست هوندا هئا، هي چارئي دوست شوق شڪار جا ڪوڏيا هئا. ممتاز مصطفيٰ ”دوست“ لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي شڪار ڪندي بر ۾ هڪ ”بابو رنگ ڀڀوت“ گذريو سندن سج ورنو روپ پسي کيس کيڪار ڪيائون ۽ کانئس رڻ ۾ ڀٽڪڻ جو ڪارڻ پڇيائون. هن وراڻيو ته ”آئون به هڪ شهزادو هيس، پر معشوق مومل مون سان هي ڪار ڪئي آهي“ سواميءَ جي واتان مومل جي سونهن جو حيرت انگيز بيان سُڻي، سندن دلين ۾ عشق جو ڪان لڳو.“ (ممتاز، 2022: 57)، انهيءَ کانپوءِ سندن دل ۾ دود دکڻ لڳو ۽ من ۾ آس لڳائي ڪاڪ محل ڏي رخ رکيائون. آخرڪار ڪاڪ ڪنڌيءَ جون مڙئي حرفتون هڻي، کين منجهائي رکيو، پر چئني يارن مان راڻو سڀني کان عقل ۾ سرس هو جنهن اڳيان مومل جي خاص نوڪرياڻي ۽ حرفت باز ناتر جي هڪ به نه هلي ۽ سڀئي چالاڪيون مٽيءَ ۾ ملائي راڻو سوڀارو ٿيو. سڀئي طلسماتي مانڊاڻ پار ڪري اصل کٽ تي راڻي جو ويهڻ، زهريلو طعام نه کائڻ، محل جي راڻين مان مومل کي سڃاڻڻ کان ويندي سمورين دشوارين کي پار ڪري وڃي مومل ماڻيائين.

هن وقت مومل جي ماڙي: مومل جي ماڙي هڪ افسانوي محل هو جنهن جا صرف کنڊر باقي آهن. مومل جي ماڙي جا قديم کنڊر، گهوٽڪي کان 11 ڪلوميٽر اوڀر طرف ميرپورماٿيلو ۾ آهن. هي ماڙي يا حويلي 15 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ ٽڪريءَ تي واقع آهي. مومل راڻي جي قصي متعلق ڪيترن قصي گو شاعرن ۽ ليکڪن توڙي تاريخ جي ڪتابن ۾ مختلف مختلف نمونن سان هن قصي کي بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ لکن ٿا ته هن پنهنجي شهر جي پاسي ۾ هڪڙي عاليشان ماڙي جوڙائي هئي ۽ انهيءَ جي هيٺان هڪڙو جادوئي درياءُ وهائي ڇڏيو هئائين ۽ انهيءَ خوبصورت ۽ من موهيندڙ منزل جي دروازي تي جادوءَ جا شينهن بيهاريل هئا.

آرميل يا همير: ”سومرن جو پويون حاڪم آرميل يا همير نهايت ظالم ۽ بدڪردار حاڪم هو ۽ رعيت کي نهايت گهڻو تنگ ڪيو هئائين. اهي حالتون ڏسي ڪڇ کان سمن جي هڪڙي زبردست ٽولي سنڌ ۾ آئي. سمن همير کي سندس گهر وڃي قتل ڪيو ۽ ان جي سِسِي قلعي جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيائون. ان وقت کان وٺي سومرن جي حڪومت پوري ٿي ۽ سمن جي حڪومت شروع ٿي.“ (مؤلف، 2015: 291) مومل جيڪا پنهنجي پيءُ راجا نند جي ملڪيت هڪ ٻهروپيئي جي هٿان لٽجڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ ”ڪاڪ محل“ جوڙي ٿي، جتي ڪيئي شهزادا اچيو پنهنجو سر مال ملڪيت لُٽائين ٿا. ليڪن هن جي سوالن جا جواب نه ٿا ڏئي سگهن. آخرڪار همير سومري جو وزير مينڌرو ”راڻو“ هن جا سوال به پوراڪري ٿو ۽ پنهنجي مردانه وجاهت سان هن کي پاڻ تي موهت ڪري ٿو وجهي.“ (قاضي، سال نه آهي: 145)

مومل راڻو جي داستان جي مقبوليت: هن داستان جا چرچا ۽ ڳالهيون هر باشعور ماڻهوءَ جي ڪنين پيل آهن، هي داستان ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي انهيءَ ڪري ٻڌندڙن جا احساس اڀارڻ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندو رهيو آهي. هن داستان ۾ سنڌ جي تاريخ پڻ سمايل آهي، ڇاڪاڻ جو هن داستان جي سورمي مومل آهي، جنهن وٽ سونهن، عقل ۽ ٽئين خوبي بهادري ۽ شجاعت واري آهي. انهن سمورين خوبين جي باوجود مومل کي عشق جي لڳل چوٽ سڀ متيون منجهائي رکي ٿي ۽ آخر ۾ راڻي جي پٺيان ڀٽڪندي سڙِي مري ٿي.

هن داستان جا مکيه ڪردار: جيڪي پنهنجي خاص اهميت سان سڃاتا وڃن ٿا: مومل، راڻو، همير ۽ ناتر جن جي چوڌاري ڪهاڻي سفر ڪري ٿي. ”مومل جي طلسماتي ڪاڪ محل کانسواءِ ٻيو ڪو طلسم ڪونهي، هن طلسم جو واسطو: سائنسي ڏاهپ (Scientific wisdom) سان آهي، جيڪا هن داستان کي وچولي دور جو داستان ثابت ڪري ٿي.“ (قاضي، سال نه آهي: 154)،

مومل جي ڪاڪ جو ڏيک: ”مومل سومل جي صلاح سان هڪ عاليشان باغ ٺهرايو جنهن جي چوڌاري يعني چئن ڪنڍن سان چار چيتا شينهن ٻڌائين. باغ جي چوڌاري هڪ نهر کوٽايائين جنهن ۾ جادوءَ جي زور سان رت جهڙو ڳاڙهو پاڻي وهندو هو. باغ جي محل جون ڏاڪڻيون ڪاريگرن اهڙيون جوڙيون جو ماڻهو سارو ڏينهن پيو انهن ۾ ڀٽڪندو هو، پر مومل تائين پهچي نه سگهندو هو. آخرڪار هلاڪ ٿي ڦري ڦري اندرئي اندر مري ويندو هو.“ (قاضي،…: 146)، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه سر مومل راڻي ۾ مومل جي خوبصورت انداز کي سهڻو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن جو ڪو مٽ ثاني آهي ئي ڪونه، مومل ۽ ان جي سهيلين جي هار سينگار جا مثال شاهه صاحب جا بيت ئي آهن جيڪي من کي موهي ٿا رکن. انهيءَ مومل محلات جي خوشبوءِ ولايت واسي ڇڏي آهي. ڪيترائي گلاب جي گل جهڙا شهزادا انهيءَ مجازي محلات جي راڻيءَ تي موهت ٿي مست ۽ عليل ٿي سڀ ڪجھ لُٽائي ڇڏيائون، پر مومل ماڻي نه سگهيا. انهيءَ محلات اندر ڇاهو، لطيف سائين فرمائي ٿو:

سون ورنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديون ڪَــنِ،

اَگر اوطاقُن ۾، کَٿُورِي کَتُنِ،

اوتيائُـون عَبِيرَ جا، مٿي طـاقُ تَـڙَنِ،

ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَـــڌِيُون، پَـسئو سُونهن سَـڙنِ،

ٿيا هاهوتِي لطيفُ چئي، پَسَڻ لَئه پِـــرينِ،

اِجهي ٿا اَچنِ، ڪاڪِ ڪڪورِئا ڪاپَڙِي.“

(سر مومل راڻو)

مومل جي محلات ۾ اهڙيون ته راڻيون ٻيون به هيون جن کي پنهنجي حسن تي ناز هو ۽ ايندڙ جڏهن انهن راڻين کي ڏسندا هئا ته سندن هوش اڏامي ويندا هيا ۽ اهي سونن روپين سان رانديون ڪنديون هيون. ”مومل واهه جي حسين هئي، سندس ساهيڙيون به سهڻيون هيون. راجائي گهر هو تنهنڪري راجائي گهر جون ٻايون هين، ٻانهيون به وٽن جهجهيون هيون. انهن ۾ به ڪمي ڪانه هئي. جهڙيون هيون سونهن ۾ سرس، تهڙيون هيون عقل ۽ اٽڪل ۾ ڀڙ.

ٻاروڄاڻيون ٻانهيُون ڪهڙي چال چلن؟

مٿن پوتيون پٽ جون، گهگها ساڻ گُلن.“

(گلراجاڻي، 1994: 123)

مومل پنهنجين ساهيڙين ۽ ٻانهين سان وڏي ٺٺ ٺانگر ۽ ٺاھ ٺوھ سان هزارين دلين تي راڄ ڪندي هئي. مومل سڀن ۾ گلاب جي گُل وانگر پئي ٻهڪندي هئي، سندس شڪل شباهت مان خوشبوءِ پئي ڦهلبي هئي. سندس ويس وڳن ۾ بت پيو بکندو هو. وري جو سندس ڪو اکين ۾ نهاري ته قيد انهيءَ جو مقدر بڻجي ويندو هو. مومل جي اکين ۾ ڪو اهڙو جادو هو، ڪا اهڙي چمڪ هئي جو هر هڪ جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجي ويندو هو ۽ اهو دل ڏئي ويهندو هو. مومل کي ماڻڻ لاءِ وقت جا وڏا وڏا حاڪم، جوان ۽ شهزادا پيا سڌون ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو مومل جي اکين ۾ هڪ خاص ڳالھ رکيل هئي، جنهن ڪري هزارن دلين تي راڄ ڪندي هئي:

”مومل کي مجاز جا اکيُن ۾ انبور،

هَڻِي حاڪمن کي پَٽِ نهاري پُور.“ (گلراجاڻي، 1994: 124)

مطلب ته مومل جي جوڙيل ماڙيءَ تي طرح طرح جا تال رکيل هئا. هرڪو تال جي چال ۾ ٿي ڦاٿو. انهيءَ تال ۾ ناتر واري چال جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي.

”ڪـــاهي آيـــا ڪاڪ تـــي، ڏٺـــائــون نــاتـــر

گهوٽن وسريا گهر، گهوُر پهريائين گهائيا.“

(گلراجاڻي، 1994: 128)،

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”انهن ظاهري ساٺن سينگارن کانسواءِ مجازي حسن جي جملي کي پڻ ڀٽائي صاحب واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ته ”مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس“ ۽ پڻ ”مومل کي مجاز جون تبرن ۾ تارون“ (بلوچ، 2014: 95)،

”مُــومَلَ کــي مَــجازَ جا اَکِيُن ۾ الماسَ،

نه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا“ (شاه: راڻو)

اهائي مومل هئي ۽ اهائي ڪاڪ محل هئي، جڏهن راڻي سان نينهن ناتو جوڙيائين ته، سڀ رنگ محل اجڙڻ لڳا ۽ مومل جيڪا ناز نخرن جو پتلو هئي آخر باهه جي آڙاھ ۾ جلي راک ٿي وئي. اڄ سندس قصو يادگار طور باقي رهندي دنيا تائين قائم دائم ۽ ڪتابي ڳالهين زبانن ۾ ڳائبو رهبو. اها ڪاڪ، اهو نينهن جنهن کي ڪابه جهل پل نه هئي، نه رات، نه ڏينهن هرڪا پرينءَ کي پسي نيڻ ٺاريندي هئي، سا ڪاڪ به خاڪ ٿي وئي.

بـــــيکارِيءَ کـــي بـــَرَ ۾ وئـــِو ڪَـــيفُ چَــڙهِـــي،

ڳالهيُون ڪندي ڪاڪ جون ڳوڙها پَيسِ ڳَڙِي،

ڪــــاجـــا اَنــگھَ اَڙِي، جِــيئن ڇُـــٽا ڦـَٽَ ڇُڙِي پيا.

نتيجو: مومل راڻي جي قصي جي مطالعي مان جا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته هي هڪ طلسمي داستان آهي، جنهن کي سائنسي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته ان قصي جي حقيقت واري زندگيءَ سان واسطو گهٽ نظر اچي ٿو. ها البت اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو ادبي ڪمال آهي جو هن قصي جي حيثيت کي فوق فطري عنصرن جي روشنيءَ ۾ ان جي جنهن نموني سان اڻت ڪيل آهي، سا ڪمال جي آهي. هن قصي جو ٺاهيل جادوئي ڪاڪ محل پڙهندڙن جي دل و دماغ کي معطر ڪري ٿو ڇڏي. هن قصي جو طلسمي باغ، جادوئي محل، پاڻيءَ جو چشمو، مومل، سومل، ناتر ۽ راڻي جون حرفتون، حسناڪيون، چالاڪيون ۽ بهادري ڏسي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڪڏهن اڌ جسم پٿر ٿيو وڃي. هن داستان ۾ پيش ڪيل عجيب و غريب ڳالهيون جن کي عقل تسليم نٿو ڪري، پر انهيءَ دور جي حساب سان اهڙن پراسرار واقعن ۽ دلچسپ ڳالهين کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جو رواج عام هو. اهو زمانو اهڙو هو جنهن ۾ اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي ورتي ويندي هوندي، پر اڄ جي دور ۾ اهي ڳالهيون ۽ واقعا جن کي عقل ۽ سائنسي بنيادن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ته، پورا نه ٿا لهن.

حوالا

قادري، اياز حسين، ڊاڪٽر، (1991)، ”مومل راڻو“ (مضمون)، ٽماهي ”مهراڻ“ (لوڪ ادب نمبر)، جلد، 41، ايڊيٽر: ميرزا ڪاظم بيگ، سال: آڪٽوبر-ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.

ممتاز مصطفيٰ ”دوست“ (2022)، -شاھ لطيف ادب، ٻولي ۽ فن-لطيفيات، (ڇاپو پهريون)، ڪنول پبليڪيشن، گاڏي کاتو، حيدرآباد.

نظاماڻي، نورمحمد، مولوي ۽ ٻيا، (2015)، (سنڌ جي تاريخ)، ڇاپو اداري پاران پهريون: سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، سنڌ.

قاضي، خادم، (ڪتاب تي سال نه آهي)، سنڌي جا نثري داستان (تحقيق ۽ تنقيد)، سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي جي لاءِ پيش ڪيل مقالو: (دفعو پهريون)، انڊس پبليڪيشنز، ڪراچي.

گلراجاڻي، ڄيٺمل پرسرام، (1994)، شاھَ جون آکاڻيون (سمجهاڻيءَ سميت ٽن ڀاڱن ۾)، مرتب: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

***