مذهبي عقيدي جي اوسرَ
(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
ڊاڪٽر جي. اينڊرسن ٿامسن، جونيئر (ڊاڪٽر آف ميڊيسن) مشهور امريڪي فارسينڪ نفسياتي ماهر ۽ ليکڪ آهي. امريڪي رياست ورجينيا جي شهر چارلسٽن(Charleston) ۾ نفسياتي مريض تپاسڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي آف ورجينيا جو صحت، نفسيات ۽ پبلڪ پاليسي متعلق شعبي ۾ نفسياتي ماهر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون ارپي رهيو آهي. ڊاڪٽر ٿامسن جي تحقيق جو مک موضوع ارتقائي نفسيات آهي ۽ ارتقائي نفسيات سان لاڳاپيل ذيلي شعبن ڊپريشن، آپگهاتي دهشتگردي ۽ مذهبي عقيدن تي ٿيل سندس تحقيق پوري دنيا ۾ ڀروسي جوڳي سمجهي وڃي ٿي. سندس هي ڪتاب ”مذهبي عقيدي جي اوسر“ عالمي ناماچاري حاصل ڪري چڪو آهي.
ڪليئر اوڪو فر، طبي تحقيق دان آهي. سندس طبي سائنس متعلق ڪيترائي تحقيقي مقالا عالمي معياري رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. ڪليئر اوڪوفر، ڊاڪٽر ٿامسن سميت ٻين به ڪيترن ئي نفسيات ۽ طبي سائنس متعلق لکندڙ مصنفن سان ساٿي-مصنف جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. —سنڌيڪار
(1) عقيدي جو رجحان
”اهو سڀ کان وڌيڪ مضبوط يا سڀ کان وڌيڪ ذهين نه آهي جيڪو بچندو، پر اهي جيڪي تبديلي کي بهتر طور تي منظم ڪري سگهن ٿا.“ چارلس ڊارون
هتي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي چون ٿا ته ارتقا، عقيدي سان ٽڪراءَ ۾ آهي، يا ارتقا جا فطرتي ڪرشما ڪنهن مٿاهين ۽ داناءُ هستيءَ جا شروع ڪيل آهن. جيڪڏهن واقعي به ڪا طاقتور هستي وجود رکي ٿي ته هن تخليق ۽ انساني ارتقا ۾ ڀرپور اثرائتي شئي ڇڏي آهي: خدا کي مڃڻ جو رجحان.
قديم مصري تهذيب کان ازٽيڪي تهذيب تائين ۽ ازٽيڪي تهذيب کان رومي تهذيب تائين، گهڻ-ديوتائي پوڄارين، عيسائين، يهودين، مسلمانن، هندن، ٻڌ-ڌرمين، مشرڪن، شيطاني ماڻهن کان ويندي عقيدي جي معاملي ۾ دليل جي قائل ڌرين تائين سڀ ڄاتل سڃاتل تهذيبون هڪ خدا يا ڪنهن مرڪزي روحاني هستيءَ جي تصور سان اهڙي دائري جي چوڦير گهمن ٿيون، جنهن جو امڪاني لاڳاپو ڪنهن فطرت کان مٿاهين دنيا سان آهي. ڇو؟ اهو ڪهڙو سبب آهي جو مذهب، انسان ۽ ان جي خلقيل تهذيبن جي آفاقي خاصيت آهي؟
هاڻي اسان اهو سمجهي رهيا آهيون. گذريل ٻن ڏهاڪن کان نفسيات ۽ ادراڪي نيورو سائنس ۾ انقلاب اچي چڪو آهي. انهيءَ انقلاب منجهان ان سوال جو ارتقائي جواب مليو آهي ته ڇو انساني دماغ مذهبي عقيدا پيدا ڪري ٿو، ڇو اهو مخصوص قسم جي عقيدن کي جنم ڏي ٿو ۽ ڇو انهن عقيدن کي وري قبولڻ ۽ ڦهلائڻ جو رجحان رکي ٿو.
هاڻي اسان وٽ ٺوس نظريا ۽ دماغ جي اندرين حصن جي تصويرن سميت شاهديون موجود آهن، جن سان انهن جوابن کي تقويت ملي ٿي.
ٽڪرا پنهنجي جڳهه تي موجود آهن، هاڻي اسان اهو سمجهڻ لاءِ سائنس جو سهارو وٺنداسين ته ڇو انساني دماغ مذهبي عقيدا پيدا ۽ قبول ڪري ٿو ۽ ڇو انهن خاطر ماڻهو پنهنجا رويا تبديل ڪن ٿا ۽ مرڻ مارڻ تائين تيار ٿي وڃن ٿا.
چارلس ڊارون جو فطرتي چونڊ جو نظريو انساني ذهن جي پيدا ڪيل مک نظرين مان هڪ آهي ۽ شاهديون ان کي درست ثابت ڪن ٿيون. فطرتي چونڊ زمين تي موجود سمورن جاندارن ۽ ٻوٽن جي حياتيءَ ۽ حسناڪين جو چٽو سائنسي ثبوت آهي. اهو نظريو، انساني دماغ جي ڪم، ڪارڪردگي ۽ ساخت لاءِ به عمل جوڳي سمجهاڻيءَ سان ڀرپور آهي. انساني دماغ جيڪو خدائن ۽ ديوتائن کي جنم ڏيندڙ آهي.
پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرايو. اسين سڀ هڪ ئي جيوت سان لاڳاپو رکون ٿا: هومو سيپنس. جيتوڻيڪ اسان جون شڪليون، هاٺيون مختلف آهن، صلاحيتون مختلف آهن، پر ان باوجود ڪيتريون ئي خاصيتون موروثي آهن. اسان جون خوبيون ۽ خاميون، پنهنجن وڏڙن سان ملن ٿيون. اسين سڀ ڪاميابيءَ جو نسل آهيون.
”بقا لاءِ بهترين“ کي گهڻو ڪري چڱي نموني سمجهيو ئي ناهي ويو. ڊارون موجب موزونيت جو مقصد حالتن پٽاندر لچڪ آڻڻ، ماحول جو مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل وڌائڻ جي صلاحيت آهي. بقا جي جدوجهد ۾ اهي جاندار فنا ٿي وڃن ٿا، جن ۾ مٿين صلاحيتن جي کوٽ آهي.
حقيقت ۾ ڊاروِن کي اها سڌ نه هئي ته موروثيت هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن ڪيئن منتقل ٿئي ٿي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ اسان کي 1953ع تائين انتظار ڪرڻو پيو، جڏهن جيمس واٽسن ۽ فرانسز ڪرڪ ڊي.اين.اي کي دريافت ڪيو ۽ پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته موروثيت پيڙهي به پيڙهي پنهنجون خاصيتون منتقل ڪري ٿي.
ڊاروِن جي نظريي ۾ واٽسن ۽ ڪرڪ جي واڌاري ذريعي جينيٽڪس جي فطرتي چونڊ سان جديد ڊارونزم پيدا ٿئي ٿو. اسين ارتقائي مرحلي دوران وجود جي بقا خاطر پاڻ کي ماحول موجب تبديل ڪري وٺندا آهيون. بلڪل اهڙي طرح جهڙي ريت ڊاروِن گيلاپيڪس جي جاندارن کي پنهنجي پنهنجي ماحول موجب رلي ملي ويندي ڏٺو. گيلاپيڪس کانسواءِ دنيا ۾ ٻي ڪنهن به هنڌ سانڊو سمنڊ ۾ ناهي رهندو. ايستائين جو هڪ ٻيٽ کان ٻي ٻيٽ تائين جاندارن کي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿي پيو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي طريقي سان انهن مسئلن جو حل ٿي ڪڍيو. ايتري قدر جو هر هڪ ٻيٽ جو پنهنجو ماحولياتي نظام هو، جنهن ۾ انهن جاندارن پاڻ سموئي ڇڏيو هو ۽ ان کان به اهم ڳالهه اها ته انهن پنهنجون خاصيتون پنهنجي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون هيون.
انسان ذات سميت هر هڪ جاندار، ماحول موجب بدلجڻ جو هڪ سڌاريل مجموعو آهي يا ماحول جي پيدا ڪيل مسئلن جو حل آهي، جنهن کي فطرتي چونڊ جي ارتقائي مرحلي جو ڊگهو عرصو ماحول سان ضم ٿيڻ سيکاري ٿو. ماحول موجب بدلجڻ جي مخصوص طريقي سان سندن جين تبديل ٿيڻ جي مرحلن منجهان گذري ٿو.
ايٽم جي ننڍڙن ذرڙن کان ويندي دماغ تائين هر وک تي ڊاروِن جو فطرتي چونڊ وارو نظريو ڪم ڪندي نظر اچي ٿو.
پنهنجو پاڻ تي نظر ڊوڙايو، اوهان کي زندهه رهڻ لاءِ آڪسيجن جي ضرورت آهي. هڪ جاندار جي حيثيت ۾ اوهان لاءِ اهو ضروري هو ته ارتقا ذريعي اوهان اهڙو طريقو اختيار ڪريو، جنهن سان اوهان ماحول منجهان آڪسيجن حاصل ڪري پنهنجي جسم تائين پهچائي سگهو.
اوهان جي دل جي جوڙجڪ اوهان کي زندهه رکڻ لاءِ اوهان جي رت کي صاف ڪرڻ جي مسئلي جو حل پيش ڪري ٿي. آڪسيجن کي دماغ ۽ جسم جي ٻين عضون تائين پهچائڻ جي مسئلي جو حل وري جسم ۾ موجود پروٽين پيش ڪري ٿي. دل، رت ۾ موجود ان آڪسيجن کي صاف ڪري ٿي، جيڪا ڦڦڙن ذريعي جسم ۾ داخل ٿئي ٿي. ڦڦڙ، ماحول ۾ موجود آڪسيجن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي مسئلي جو حل پيش ڪن ٿا. ۽ ائين ان سڄي عمل کي اسان ساهه کڻڻ جو عمل چئون ٿا.
انسان جي ذهن ۽ دماغ تي به اهو جديد نظريو لاڳو ٿئي ٿو. دماغ به هڪ عضوو آهي. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي نفسيات جي ماهر ۽ تحقيقڪار، اسٽيون پنڪر جي لفظن ۾ ته ذهن اهو آهي جيڪو دماغ ڪندو آهي. جسم جي ٻين عضون وانگر دماغ به مختلف ڳُتيل شين جو اهڙو موهيندڙ مجموعو آهي، جنهن کي فطرتي چونڊ جا مختلف ڊگها مرحلا اُڪرندي، بقا جي مخصوص مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
ماحول موجب مٽجڻ جي ان خاصيت سماجي تبديلين سميت اسان جي ننڍن ٽولين ۾ زندهه رهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان جي دماغ کي ان لائق بڻايو ته هو اهڙا جينس پيدا ڪندو رهي، جيڪي سندس ساخت جا ذميوار رهن. جڏهن اوهان آئيني سامهون ٿيو ٿا ته اک جي پردي تي پوندڙ عڪس ابتو ۽ ٻه-رخو هوندو آهي. اوهان جو دماغ ان عڪس کي سڌو ۽ ٽه-رخو بنائي ڪيتريون ئي ڏسڻيون ٺاهي ٿو. جنهن ۾ رنگ، حرڪت، شڪل شبيهه ۽ عڪس جي سڃاڻپ ڪرڻ وارا جزا شامل هوندا آهن. جيڪي خاموشيءَ سان ڪجهه محسوس ڪرڻ بنا اهو پورو عمل مڪمل بڻائيندا آهن. اسان جي وڏڙن ان قسم جون ڏکيون سماجي موافقتون اختيار ڪيون هيون. جڏهن اوهان ڪو چهرو ڏسو ٿا ته ان شخص جي جنس، عمر، سونهن، حيثيت، جذباتي حالت، شخصيت ۽ ان شخص جي دماغ، سوچ، نيت، عقيدي ۽ خواهشن بابت اندازو لڳايو ٿا. گهڻو ڪري اسان انهن اندازو لڳائڻ وارين موافقتن کان بي خبر هوندا آهيون ۽ انهن منجهان ڪيتريون ئي صلاحيتون اسان جي لاشعور ۾ سدائين ڳجهيون رهنديون آهن. اهڙا فيصلا جيڪي اوهان جهٽ پٽ ڪري وٺندا آهيو، انهن جي اوسر ۾ لکين سال وقف ٿي چڪا آهن.
اسان جو ذهن/دماغ غير يقيني حد تائين پيچيدو آهي. اپولو خلائي جهاز جو ئي تصور ڪيو جو مختلف اوزارن جو مجموعو هو، جنهن ۾ هر اوزار ڪنهن مخصوص تجربي لاءِ مختص ٿيل هو ۽ ڪوئي خاص مسئلو حل ٿي ڪيائين. جڏهن ته خلاباز رڳو ڪجهه اوزارن جي ڪارڪردگيءَ جي سڌ ٿي رکي. اسان جو دماغ به اهڙي نموني ڪم ڪري ٿو.
ٿورو انهن شين تي سوچيو جن جي اوهان کي ڄاڻ آهي. اها (دماغ جي) ڪُلي نظام جي جزوي ڄاڻ آهي. جنهن جي حيثيت اوهان جي دماغ ۾ ٿيندڙ سموري چرپر آڏو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
اهو سمجهڻ لازمي آهي ته مذهب جيڪو خود موافقت نه آهي، پر اهو انهن سماجي موافقتن مان طاقت وٺي ٿو، جيڪي اسان جي چوڌاري آهن. جيئن جيئن انسانيت ارتقائي ڏاڪا چڙهندي وئي، اهي موافقتون مخصوص سماجي ۽ ذاتي معاملا حل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ اينديون ويون. گهڻو ڪري اتفاقي طور، پر لاڳيتو اثرائتي نموني انهن سماجي موافقتن مذهبي تصور، عقيدي ۽ رسمن جا بنياد وجهي ڇڏيا. مذهبي عقيدا، معمولي ڦير گهير سميت سماجي بقا جا بنيادي تصور آهن.
مذهب انهن موافقتن جي ذيلي پيداوار آهي. جيڪي ٻين سببن جي ڪري وجود ۾ آيون هيون ۽ مذهب انهن جي نه وسهڻ جوڳي قوت کي گهٽائي نه ٿو. جيئن اسان نائين باب ۾ بيان ڪنداسين ته لکڻ ۽ پڙهڻ خود موافقت نه هو، پر اهو موافقت جي ذيلي پيداوار هو، جنهن جو اصل مقصد ڪجهه ٻيو هو. هڙئي مذهب جن کي ڪائنات جي وجود، سبب، فطرت ۽ مقصد جو مجموعو چيو وڃي ٿو. ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ هستين تي ايمان آڻڻ سان شروع ٿين ٿا. انهن مڙني مذهبن ۾ هڪ اهڙو خدا يا هڪ کان وڌيڪ ديوتا شامل هوندا آهن، جيڪي اسان سان لاڳاپو رکندا آهن، اسان جي زندگين ۾ مداخلت ڪندا آهن، اسان جون دعائون ٻڌندا آهن ۽ اهي قبول به ڪندا آهن ۽ هر شئي تي سندن وس به هلندو آهي. پنهنجي مقصد کي چٽو ڪرڻ واسطي اسان رڳو هڪ خدا متعلق ڳالهائينداسين ۽ ان کي مرد قبول ڪنداسين. توڙي جو ڪيترائي گهڻ-خدائي مذهب آهن، جن ۾ هرهڪ ديوتا کي الڳ الڳ طاقت هوندي آهي، جڏهن ته ڪجهه مذهبن ۾ ديويون به هونديون آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي ٽن وڏن ابراهيمي مذهبن جو خدا هڪ آهي، تنهنڪري اسان پنهنجن مثالن لاءِ ان (هڪ خدا جي تصور) کي ڪتب آڻيون ٿا. اهو هڪ پدري خدا آهي ۽ هڪ سٺي پيءُ وانگر اسان سان غير مشروط محبت ڪري ٿو. گهڻو ڪري هو اسان جون دعائون تڏهن ٻڌندو آهي، جڏهن اسان سندس ڪثير عبادت ڪريون، سندس راهه ۾ قربانيون ڏيون، پاڻ کي خطا جو گهر سمجهون ۽ سچي دل سان سندس شڪرگذار رهون (چاهي هو اسان جون دعائون قبول ڪري يا نه ڪري) ۽ اهو به يقين رکون ته اسين سڀ بُرا پيدا ٿيا آهيون. خدا نه رڳو اسان جي دعائن جي باري ۾ فيصلو لاڳو ڪندو آهي، پر اسان متعلق ٻين انسانن جون دعائون به ڌيان ۾ رکندو آهي. جيڪڏهن هو اسان جي خواهشن ۽ ضرورتن کي رد به ڪري ڇڏي، تڏهن به اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي. توڙي جو اسان کي ظاهري طور ائين ٿيندي به ڪجهه نطر نه اچي. اڻ ڏٺي خدا جي هر ڳالهه ۾ ڪا نه ڪا رمز ضرور سمايل هوندي. اها سوچ اسان جي ذهنن ۾ پسمنظر ۾ پئي ڦرندي آهي، توڙي جو اسان ان بابت ڪجهه به نه سوچون.
نوجوانيءَ ۾ جيڪڏهن اوهان جي ماءُ، اوهان کي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جو رشتو ٻڌائي، جيڪا غير معمولي طور سهڻي هجي، حد کان وڌيڪ شاهوڪار هجي، مهربان ۽ محبت ڪرڻ واري هجي، جيتوڻيڪ اها اوهان سان ڪڏهن به نه ملي هجي، پوءِ به اوهان لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هجي ته ڇا اوهان ان تي ڀروسو ڪندا؟ خير، شايد ڪيو به، ڇاڪاڻ ته جواني، ديواني هوندي آهي، پر شايد ڪجهه منٽن لاءِ. ته پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو اسين هڪ اهڙي خدا کي مڃون ٿا، جيڪو اهو سڀ ڪجهه ۽ ان کان به وڌيڪ ڪندو هجي؟
جيڪو ڪجهه اسان جي ذهنن ۾ ٿيندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪنهن مقدس مافوق الفطرت هستيءَ تي ايمان آڻڻ سولو لڳندو آهي. خدا تي ايمان آڻڻ لاءِ اسان جو ذهن ويهن کان وڌيڪ اختيار ڪيل موافقتن کي استعمال ڪندو آهي، جيڪي فطرتي چونڊ جي هزارين ايامن کان عملي طور ظهور پذير ٿيون آهن. جنهن ڪري اسان پنهنجن ساٿي انسانن سان رلي ملي جيئڻ ۽ هن ڌرتيءَ تي برتري حاصل ڪرڻ لائق بڻيا آهيون. اڳتي ايندڙ صفحن ۾ اسين اوهان کي ٻڌائينداسين ته انساني ذهن، ڇو ۽ ڪيئن، نه رڳو اڻ ٿيڻيءَ کي قبول ڪري ٿو، پر ان خاطر مختلف فرقا ۽ مسلڪ به ٺاهي جوڙي رکي ٿو. اسين اوهان کي ٻڌائينداسين ته ڪهڙي نموني انسانن خدا تي ايمان آڻڻ، ان سان محبت ڪرڻ، ان کان ڊڄڻ، توڪل جو ترهو ڪرڻ، ان جي شڪل ۽ صورت جو خاڪو جوڙڻ، ان کان گهرڻ ۽ ملڻ جي اميد رکڻ، عبادتون ۽ رسمون تخليق ڪرڻ ۽ ايتري قدر جو ان هستيءَ لاءِ وڙهڻ ۽ مرڻ شروع ڪيو. اسين اوهان کي اهو به ٻڌائينداسين ته ڪهڙي نموني اختيار ڪيل سماجي خاصيتون، مذهبي عقيدن کي ڇڏڻ، غير معمولي حد تائين ڏکيو بڻائينديون آهن، توڙي جو اسان انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ به چاهيندا هجون. پر ان کان اڳ ارتقا جي بنيادي ڳالهين کي سمجهڻ ضروري آهي.
(هلندڙ….)


