ادب

ڊائري جا ورق

بارش بارش ۾ ڀنل وجود يادن سان ويڙهيل رهن ٿا جن جو اندر سارو کنوڻ جيان تجلن سان ڀڙڪا ڪندو رهي ٿو.

مندن جا مينهن ساريندي هن اوچي حويلي جي ڇت تي جهوپڙي جي ٻڏڻ جي خدشي تحت بس انهيءَ جي باري ۾ سوچيو پئي..!!

هن بارش کنوڻ جي تجلن سان گڏ ماضي جي يادن جا سٿا آڻي اندر جي دنيا تي قيامت برپا ڪئي هئي.

ٻوڏ جي ور چڙهيل پوڙهن ھڏن گهر ڇڏيندي اوڇنگارون ڏنيون انهيءَ رڙ جو درد ڪونج جي رڙ کان به ڀيانڪ بڻجي پڙاڏي سان گڏ جوان دلين جو به هانءُ ساڙيو هوندو.

هيل سانوڻي مند سنڌ تي رحمت جي بدران زحمت بڻجي پئي هئي جو ورهين کان آباد انيڪ اجھا اجاڙي ڇڏيائين..!!

هاءِ هيل سنڌڙي جا ڳوٺ ٻڏا ۽ اڃان تائين شهرن کي به پاڻي گهيري بيٺو آهي..!!

هيل بارش مند ۾ آڌي جو قيامت برپا ٿي خيرپور ناٿن شاهه تي ڪڙڪي هئي. جڏهن اعلان ٿيا شهر خالي ڪرڻ لاءِ، الاس…!!! اهو درد ڪنهن پل ياد اچي ٿو ته وار ڪانڊارجي ٿا وڃن.

سنڌ امڙ تنهنجو شهر جُهڏو به ٻڏو انهيءَ درد جو اندازو اهي اکيون ئي ڄاڻن جن شهر ۾ ٻيڙيون ترندي ڏٺيون ڀلا انهن پلن ۾ اهي دليون ڪيئن پاڻ تي ضابطو ڪري سگهيون هونديون جن پنھنجا گهر ٻڏندي ڏسي شهر ڇڏيو هو.

هيلوڪي برساتن ۾ ڪيترين ئي نازڪ دلين هڪ نئون سبق پرايو آهي ته جتي قدرتي آفتون نازل ٿين ٿيون ته اتي هٿرادو ٻوڏون به اينديون آهن..!!

هيلوڪي برساتن ۾ ايترا ڪڪر ڪونه وسيا هئا جيترو اکين آگم بڻجي سڏڪن سان لڙڪ لاڙيا هئا انهيءَ دعا سان ته ”يا خدا اسان جي سنڌ امڙ جي پارت هجيوَ.“

افسوس! هيلوڪي برساتن انيڪ ڳوٺن توڙي شهرن جي سونهن اجاڙي ڇڏي…!!

هيل برسات جي ڪري پنهنجا اجھا ڇڏي دربدري جي احساس سان خيما بستي ۾ رات شناسائي سان ڪيتريون ئي اهي اکيون اوهيرا ڪري وسيون هونديون جن جي وجود ۾ شايد ڪڏهن لڙڪ نالي سان به پلئه نه پيو هجي..!!

مصيبت واقعي بردبار ماڻهو کي به پل ۾ هيڻو ڪريو ڇڏي..!!

اڃان ته ڪيترائي ٻوڏ متاثرين پنهنجي اجهن کي ساري بيوس ڏور روڊ رستن تي گذارين پيا، ڀلا هيل سنڌ جون سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا ڇا غيرآباد ٿي رهجي ويندا..!!

وقت جي گذرڻ سان گڏ اهو به احساس هر پل کائي ٿو ته ڇا هي سرسبز سنڌ سدائين ايئن ٻڏندي رهندي…!!

هيلوڪي برساتن ۾ حساس دليون ڪنهن پل ته پنهنجي ڌڙڪڻ جو احساس به وساري ويٺيون هيون.

ڳالھ ڪچي يا پڪي جي ناهي، پر اصل احساس پنهنجي اجهي جو ماڻهو کي ماري ٿو ڇڏي..!!

هزارين يا سوين ايڪڙ فصل ٻڏو ته گهوريو، پر پنهنجو تڏو ٻڏو ته سمجهو ڪجھ به ناهي بچيو نه ڀلا…!!

هن حسين سنڌ کي الائي ڪهڙي نڀاڳي اک جي نظر لڳي وئي جو فطرتي ساوڪ سان سينگاريل سمورو حُسن هاڻي ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي جي ڏيک سان تار ٿيل آهي..!!

***