ارشد شريف جا پوسٽ مارٽم فوٽيج ليڪ، موت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف
پمز اسپتال جي ليڪ ٿيل پوسٽ مارٽم فوٽيج ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. پمز اسپتال جا ليڪ ٿيل فوٽيج ظاهر ڪن ٿا ته موت کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪ ارشد شريف تي بي رحماڻو تشدد ڪيو ويو. واضح رهي ته سينيئر صحافي ارشد شريف کي 23 آڪٽوبر تي ڪينيا ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت جي جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي اپيل ڪئي هئي. خط جي متن ۾ وزيراعظم چيو ته ڪميشن 5 سوالن تي خاص طور تي غور ڪري سگهي ٿي، ارشد شريف جي ٻاهرئين ملڪ روانگي ۾ ڪنهن سهولتڪاري ڪئي؟ ڪا وفاقي يا صوبائي ايجنسي ارشد شريف کي ملندڙ ڌمڪي کان آگاهه هئي؟ جيڪڏهن ارشد شريف جي حياتي کي خطري جو اطلاع هو ته بچاءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ ڪهڙيون حالتون ۽ سبب هئا، جنهن جي بنياد تي ارشد شريف کي دبئي کان ڪينيا وڃڻو پيو؟ فائرنگ جي واقعن جي اصل حقيقت ڇا آهي، جن ۾ ارشد شريف جو موت ٿيو؟ ڇا ارشد شريف جو موت واقعي غلط سڃاڻپ جو معاملو آهي يا وري اهو ڪنهن مجرماڻي راند جو نتيجو آهي.

