ادب

ڪراچي کان ڪيٽي بندر

اڄ تاريخ 08.06.2022 اربع جو ڏينهن آهي آئون ۽ منهنجي گهر واري ڪجھ ڏهاڙا اڳ جي پلاننگ تحت صبح جو تيار ٿي چانهه پاڻي پي ۽ نمره کي چانهه پيئاري حسب معمول چمين ۽ دعائن سان موڪلائي چڪرا ڳوٺ ڪراچي سنڌ کان صبح جو پوري پنجين بجيKKW 4322 تي ڪيٽي بندر جي سير تي نڪتا آهيون، سوير انهيءَ جي ڪري ته جيئن جيڪو به سير سفر ڪجي سو سولائي، تسلي ۽ سڪون سان ڪجي ٻيو ته رستن تي ٽريفڪ جي گهڻائي هجڻ سبب آئون بائيڪ 50 جي اسپيڊ کان مٿي نه هلائيندو آهيان ۽ اهو به ته ٻه ڦيٿڙي سواري ٻين گاڏين جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي ننگي ۽ ڏکي گاڏي آهي، سو صبح جي پهر ۾ رستو خالي آهي ۽ اسان پنهنجي عام رفتار سان ڪورنگي، لانڍي، دائود چورنگي، قائدآباد کان ٽپي نيشنل هاءِ وي تي چڙهيا آهيون، هتي هوٽل کليل آهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڊمپر ۽ ٽرالر اسان کي ڪراس ڪندي اڳتي وڌي رهيا آهن اسان به پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا، سفر کان لطف اندوز ٿيندي هن چوڪنڊي قبرستان منجھ جتي سنڌ جي ٻن ڀلوڙ شاعرن تاجل بيوس ۽ شمشير الحيدريءَ جون مزارون آهن، رزاق آباد، پورٽ قاسم موڙ، اسٽيل ٽائون موڙ کان وڌي گلشن حديد رسيا آهيون، گلشن حديد نهايت ئي بهترين علائقو آهي ۽ ڊفينس وانگر بنگلا ٽائيپ آهي، اڳتي وارو کاٻو روڊ ڪاٺوڙ ڏانهن وڃي ٿو، جتان گاڏيون ڪراچي ۽ حيدرآباد طرف پنهنجي منزل تي وڃن ٿيون ۽ اسان بنا بريڪ هلندي، سسئي ٽول پلازه لنگهي گهگهر ڦاٽڪ واري برج تي بريڪ ڏنو آهي، هتي هڪ جهونو مسجد جي چندي خاطر پيتي رکيو ويٺو آهي ۽ اسان به حسب توفيق الله پاڪ جي گهر جي تعمير ۾ حصو ڳنڍيو، دعا آهي ته شل قادر قبول ڪري.

اسان زال مڙس صبح جي ٿڌڙي پهر ۾ ڌاٻيجي (هتان ساڄي طرف ڀنڀور ساڍن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي جتي سسئي پنهون گڏيا ۽ وري جدا ڪيا ويا هئا) جتان اسين هاڻي گهارو ۾ پهتا آهيون (هن وقت صبح جا پورا ڇھ وڄي ڏھ منٽ ٿيا آهن) هتان سڌو روڊ ٺٽي وڃي ٿو، پر اسان بائيڪ کي ساڄي طرف واري رستي ڏي موڙيو آهي، جتي ڪلوميٽرن وارو بورڊ لڳل آهي جنهن تي ساڪرو 22 ڪلوميٽر، ڪيٽي بندر 90 ڪلوميٽر

لکيل آهي، سو جيئن ته اسان ڪيٽي بندر گهمڻ لاءِ نڪتا آهيون ته پوءِ گهمڻو ئي پوندو جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

اچ ڪينجهر تي ڪيٽي بندر تي

سو اسان به هلي ڏسون ته آخر ڇا آهي ڪيٽي بندر ۾ جو شاعر پنهنجي محبوب کي ڪيٽي بندر تي ملڻ جو پيو چوي. خبر ناهي ته ڪهڙي بنياد تي شاعر پنهنجي شاعري ۾ ڪيٽي بندر کي ڪتب آندو آهي لڳي ٿو ته شاعر ايئن ئي ٻڌ سڌ تي يا وري لفظن جي ميلاپ ڪارونجهر ننگر ڪينجهر ڪيٽي بندر تحت هن علائقي جي نالي کي شامل ڪيو آهي، جڏهن ته هتي بند تي ويهڻ لاءِ هڪ بئنچ به ناهي جو ٻه 2 پيار ڪندڙ اڪيلا ويهي دل جا حال احوال ۽ ڏک سک اوري سگهن رستا به خراب آهن ڪو سريلو ريسٽورينٽ به ناهي جو ماني کائجي يا چانهه بوتل پيئجي ۽ نه وري ڪي سامونڊي لهرون ئي آهن جو لهرن مان لطف اندوز ٿجي.

گهارو ۾ ڪوسٽ گارڊ وارن جي پوسٽ ڪراس ڪري اوسي پاسي جي زمينن فصلن تهذيب ۽ ثقافت ماڻهن، مال، وڻن ۽ واهن جو جائزو ۽ نظارو ڪندي ڄام برانچ ليٽ اسٽاپ ساڪرو، لڌيا شهر ۽ بگهياڙ کانپوءِ ميرپور ساڪرو پهچي اتان وقت ۽ حالات کي نظر ۾ رکندي گاڏي ۾ 500 جو پئٽرول ڀرايو آهي، هيسيتائين هي جيڪو ۽ جيترو سفر ڪري آيا آهيون سو نهايت ئي بهترين سفر هو، هر طرف ساوڪ واهن ۾ پاڻي ته ڪين هو، پر پوءِ به زمينن ۾ نظر نهار تائين مختلف فصل نظر ٿي آيا، ڪٿي ڪيلا ۽ ناريل ته ڪٿي پان جا فارم ته ڪٿي تورين جا پيلا گل ته وري ڪٿي وونئڻن ۾ اڇا گل جنهن کي ڪي ڦٽيون چون ته ڪي ڪپھ سڏين ماشاءَالله دعا آهي ته سنڌ سدا ايئن سرسبز رهي ۽ مٺڙا ماروئڙا سدا مرڪندا رهن آمين.

ميرپورساڪرو کان اڳتي اسان هڪ ريگيوليٽر ڏٺو، جنهن جو نالو هو دٻو ڪريڪ گهوڙا ٻاري آف فال ريگيوليٽر ٺٽو ڊويزن جتي ڪافي تعداد ۾ ٻيڙا بيٺل نظر آيا ۽ ڪجھ ميربحر/مهاڻا/ملاح ڄارن سان مڇي جو شڪار ڪري رهيا هئا. اتان جي منظرن کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪري اڳتي وڃي ڳاڙهو شهر ۾ بريڪ ڏنوسون جتي شعيب خان ريسٽورينٽ تي چانهه پيتيسون، هتي اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافي خاطر ايترو چوندس ته اهو هوٽل پٺاڻن جو هو ۽ اتي بيرا وري سنڌي هئا مطلب ته ڌاريا مالڪ ۽ ڌرتيءَ ڌڻي نوڪر سو خبر ناهي ته اسان جي سادڙي سودڙي ۽ اٻوجهڙي قوم ۾ شعور ڪڏهن ايندو، ايندو به الائي جي نه.

ڳاڙهو کان اڳتي ٻگهاڻ تائين اسان کي پان جون نرسريون يا فارم ججهي تعداد ۾ نظر آيا، جتي ڪجھ پل وقفو ڪري انهن نرسرين بابت معلومات ورتي ۽ پان جي پوک جو جائزو ورتوسون اتي پان جي نرسرين تي ڪم ڪندڙ اڪثر مزدور پنجاب جا سرائڪي آهن. ٻگهاڻ هڪ ننڍڙو شهر آهي هتي ضروري بنيادي شين جا دڪان موجود آهن ۽ پوليس ٿاڻو پڻ آهي، هتان کٻي هٿ تي ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جنگيسر جو شهر آهي (ٻگهاڻ کان ڪيٽي بندر 29 ڪلو ميٽر)، پر اسان جي منزل جيئن ته ڪيٽي بندر آهي ان ڪري ئي بنا بريڪ هلي ۽ وڌي رهيا آهيون، ٻگهاڻ تائين رستو لاجواب آهي، پر اڳتي وارو گس ڪافي خراب آهي، رستي تي پليون ته تعمير ٿيل آهن ۽ پٿر به وڇايل آهن، پر شايد ٺيڪيدار ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي، ها هونئن به هتي اڪثر ڪري ٺيڪيدار ايئن ئي ڀڄي ويندا آهن يا وري نالي ماتر ڪم ڪرائي ويتر ئي ٻين لاءِ تڪليفون پيدا ڪندا آهن ۽ اهو به هڪ ڪڙو سچ آهي ته اسان سنڌي سنڌ ۽ سنڌين جا ازلي ويري ۽ دشمن آهيون اهڙيءَ ريت اسان جي بائيڪ جا ڦيٿا ڦرندا ڪيٽيءَ طرف وڌي رهيا آهن، هر طرف رستي جي ٻنهي پاسن کان سمنڊ جي پاڻيءَ سبب نظر نهار تائين تمر جا ننڍا ۽ وڏا وڻ موجود آهن جن کي اتان جا ڳوٺاڻا تمر جا پن مال جي چاري ۽ ڪاٺيون چلھ جي ٻارڻ خاطر استعمال ۾ آڻين ٿا، هتي ڪوسٽ گارڊ وارن جو هيڊڪوارٽر به موجود آهي، ها هو ڏسو سامهون بند نظر پيو اچي، هر طرف ڪکاوان ۽ پڪا گهر موجود آهن، ها اهو ئي ڪيٽي بندر آهي، بند تي دڪان آهن، بند جي پاسن کان ڪڪا (سنڌي) يا ڪيڪڙا (اردو) جا ڪافي سارا فارم آهن، ها بلڪل ايئن جيئن مڇيءَ جا فارم ٿيندا آهن، سو اهي ڪيڪڙا به مڇيءَ وانگر وڪيا وڃن ٿا، معلومات تي پتو پيو ته اهي ڪيڪڙا 300 رپين کان 400 رپين تائين وڪامجن ٿا. هتي اسان کي رڳو هر طرف غربت نظر آئي بيٺل ٻيڙيون، تمر جا وڻ، رورل هيلٿ سينٽر، سرڪاري اسڪول، ڪوسٽ گارڊ وارا ۽ پيٽرول پمپ (اسان هتان 500 جو تيل ڀرايو) ڪجھ وقت بند تي گذاري بعد ۾ ننڍڙي سوڙهي ۽ تنگ بازار جو چڪر هنيونسون، جتي خاصخيلي هوٽل تي عابد خاصخيليءَ بهترين چانهه پيئاري اتان ئي 50 کن جا پڪوڙا ورتاسون هتان کان گهارو تائين ويگن سروس هلي ٿي بند تي جيسيتائين نظر ٿي وئي تيسيتائين ملاحن ۽ ٻين مختلف ذاتين وارن جا ڪي پڪا ڪي ڪچا ڪي اڌ ڊٿل گهرڙا آهن، جيئن سمنڊ جون لهرون ڪراچيءَ ۾ ڏسبيون آهن ۽ لهرن سان دل وندرائبي آهي، تيئن هتي اسان هڪ به لهر نه ڏٺي نه وري ڪو ترندڙ ٻيڙو نظر آيو، ها مگر سمنڊ جي آلي مٽيءَ منجهان مرد مايون ٻار چند روپين جي خاطر کپريون ڪڍي رهيا هئا اهو هينئن ته جتي جتي آلي مٽيءَ ۾ کين سوراخ نظر ٿي آيو اتي اتي لوڻ ٿي وڌائون، سو لوڻ جي ڪري کپري ٻاهر نڪري ٿي آئي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي اتي موجود ٻارڙن ٻڌايو ته اها کپري اسان کان دوڪاندار 40 يا 50 رپيا ڪلو جي حساب سان خريد ڪندا آهن ۽ هو وري مهانگي اگھ تي وڪرو ڪندا آهن.

ڪيٽيءَ تي اسان پوري 09:50 تي پهتا آهيون ۽ پوري 11 وڳي واپس ٿيا آهيون، واپسيءَ تي هڪ مزار جنهن تي ڄاڻ يا معلومات خاطر ڪو نالو لکيل ناهي ۽ نه وري اهڙو ڪو ماڻهو نظريو جنهن کان ڪا معلومات وٺجي ۽ هڪ مسجد به آهي اتي رکيل مٽن منجهان پاڻي پيتو آهي، هيءَ مزار ڏسي ڪري مون کي سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي ويجهو روپاماڙي ياد آئي جتي دودي ۽ چنيسر جي مزارن کان علاوه ويراني هئي، بس رڳو ايترو فرق هو ته روپاماڙي جي چوڌاري ڪارو ڪلر هو ۽ هتي سمنڊ جي چاڙھ ۽ لاھ سبب دُٻن جي صورت ۾ پاڻي ۽ تمر جا ٻوٽا آهن ۽ اتان هلندي اچي اسان ڳوٺ محمد علي ٻرج ۾ بريڪ ڏنو آهي، هتي تورين جو بهترين فصل تيار آهي. ڪجھ همراھ ڪانبو ٻڌي تورين جي پٽائي ڪري رهيا آهن، اسان انهن کان ڀاڄيءَ خاطر ڪجھ توريون ورتيون، پر انهن ڪافي زور ڀرڻ باوجود به پيسا نه ورتا، هتي انهيءَ ڳوٺ جو ذڪر ان ڪري ڪريان پيو ته هتي هڪ خوبصورت مسجد آهي، جيڪا سڄي جا سڄي ڪاٺ جي سنهين پٽين سان تعمير ڪئي وئي آهي، جنهن جو منارو يا گنبذ ۽ صحن وارو ڇپر به ڪاٺ جو آهي ايترو ئي نه، پر ان مسجد کي مختلف رنگن سان ويتر ئي دلڪش ۽ خوبصورت بڻايو ويو آهي، جتي ان ويل ٻارڙا ۽ ٻارڙيون قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، هن علائقي ۾ سم ۽ ڪلر سبب اڪثر جايون ڪاٺ جون تعمير ٿيل آهن ۽ هتي اسان پيٽ پوڄا خاطر ماني کاڌي ۽ پوري ٻارهين بجي اتان اٿي روانا ٿيا آهيون.

پيٽ کي چانورن جي ماني ۽ ڪيٽيءَ منجهان ورتل ٿڌن پڪوڙن سان راضي ڪري وري سفر بخير شروع ڪيو آهي. رستي منجھ منهنجي گهر واري زمين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪندڙ عورتن سان عليڪ سليڪ ڪري کانئن فصل بابت معلومات ورتي ۽ چڱو وقت انهن سان ڪچهري پڻ ڪئي، ايئن وري بنا روڪ ٽوڪ جي ناريلن جا وڻ رستي جي ٻنهين پاسن کان بيٺل سنڌي ۽ انگريزي ٻٻر ڏسندي ٻگهاڻ کان لنگهي ڳوٺ محمد يوسف پيروزاڻيءَ ۾ بريڪ ڏنو آهي ڇو ته هتي هتان جي علائقي واسين ۽ غريب ماڻهن جي علاج معالجي خاطر ابو نصر محمد بن محمد فارابي جي طرفان 30 بسترن واري اسپتال آهي، جيڪا ايتري وڏي يا ويڪري ته ناهي پر خوبصورت هجڻ سان گڏ غريبن جي دردن جو دارون ۽ درمان ڪري رهي آهي (الفارابي اسپتال ماءُ ۽ ٻارن لاءِ) ڪاش جي اسان جي ملڪ جا حاڪم هر ڳوٺ، هر ننڍي شهر ۽ ڏورانهن علائقن منجھ اهڙيون اسپتالون ٺاهن ۽ پابند عملو مقرر ڪن ته هوند سنڌ دوزخ جو ڏيک نه ڏئي ها، پر افسوس جو هتان جا والي مانگر مڇ بڻجي سڀ ڪجھ هڪ ئي ڳيت سان ڳڙڪائي اوڳرائي به ناهن ڏيندا.

هتان گهارو 53، ڪراچي 116، ٻگهاڻ 08 ۽ ڪيٽي بندر 37 ڪلوميٽرن جي وقفي تي آهن. گهاري کان ٻگهاڻ تائين ڪافي هنڌن ۽ نمايان جڳهن تي الصلوات و السلام عليڪ يا رسول الله جا نهايت ئي سهڻا سائي رنگ وارا بورڊ نظر اچن پيا، سچ ته دل باغ بهار ٿي رهي آهي ڇو ته اهڙي نيڪ عمل سان دل کي سڪون ميسر ٿيندو آهي ته وري مغيري جنرل اسپتال گلشن حديد ڪراچي جي به ڪيترين ئي جاين تي ايڊورٽائيز ٿيل آهي ان جو مطلب ته مغيري اسپتال ڪافي مشهور آهي. اسان الفارابي اسپتال بعد ٻهارا شهر ۾ پهتا آهيون، هتي هن شهر جي ڀڪ ۾ ڪاٺين منجهان هٿرادو ڪوئلا ٺاهڻ جون ڪافي بٺيون موجود آهي، جتي سڪل ڪاٺين منجهان ڪوئلا ٺاهيا وڃن ٿا، اتي معلوم ڪرڻ تي ڪوئلن ٺاهڻ جي مستري محمد انور ٻڌايو ته هو چوهڙ شاهه عقيق جو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهي ڪوئلا انهن بٺين منجھ ٽن ڏينهن جي اندر تيار ٿين ٿا.

گهارو کان ڪيٽي تائين جيڪي به شهر ڏٺا يا ڪراس ڪيا اتي صفائي جو ڪو به نظام ناهي هتي ذاتين منجھ خاصخيلي، شورا، لاشاري، ڪلمتي، جوڻيجا ۽ ملاح وغيرھ اڪثريت ۾ آهن، جڏهن ته هتي ٻيون به ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، هتي ڪافي تعداد ۾ رائيس ملون آهن ڇو ته هتي چانورن جو فصل عام جام ٿيندو آهي، اسان وري واپسي تي ڳاڙهي شهر ۾ بريڪ ڏنو آهي، جتي شعيب خان ريسٽورنٽ تي چانهه پيتي آهي، ڇو ته هتان جي چانهه صبح وڃڻ وقت پيتي ته ڏاڍي سٺي لڳي ها هونئن به سنڌين جي هوٽلن جي ڀيٽ ۾ پٺاڻن جي هوٽلن تي صفائي سان گڏ چانهه به ڏاڍي مزيدار ۽ سوادي هوندي آهي، خبر ناهي ته ڪهڙو جادو اٿن يا ڪا اهڙي شيءَ ٿا وجهن کير يا چانهه منجھ جو پيئندڙ هڪ طرح جو نشئي ٿيو وڃي ٿو.

اسان هن ويل واپسي تي گهاري پهتا آهيون ۽ وقت ڏينهن جا 03:15 ٿيا آهن، هتي پنجن منٽن جي ساهيءَ خاطر ان لاءِ بريڪ ڏنو آهي ته جيئن گهر ڇڏي آيل نمره سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگهون، ايئن اتان اڳتي اچي ڌاٻيجي منجهان پڪوڙا ۽ پاڻي جي بوتل خريد ڪري رستي جي ڪناري سان نم جي وڻ هيٺان ماني کائي هنيانءَ جهل ڪئيسون اتي اڌ ڪلاڪ کن ٿيو ته وري گهر جو سانباهو ڪري گهگهر، سسئي ٽول پلازا، ڪاٺوڙ باءِ پاس ۽ گلشن حديد کان ٿيندي ڪراچيءَ جي سوڙهن رستن تي ٽريفڪ جي رش کان بچندي قائدآباد کان نڪري لانڍي ڪورنگي کان وڌي چڪرا ڳوٺ نوراني بستي گهر ۾ خيريت سان داخل ٿيا آهيون، جتي نمره در کولي ڀاڪر پائي چمي ڏني آهي، جنهن سبب سمورو ٿڪ غائب ٿي ويو انهيءَ ويل وقت ڏٺم ته شام جا پورا 6 ٿيا آهن.

***