خاص

اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ بعد آبپاره ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد نشي ۾ ڌُت هو، هن وٽان شراب جي بوتل، ايم فور رائيفل، ڪلاشنڪوف ۽ آٽوميٽڪ گن به هٿ ڪئي وئي.  پوليس موجب شيخ رشيد کي پ پ اڳواڻ راجا عنايت الرحمان جي فرياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب شيخ رشيد آصف زرداري تي دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏيڻ جا الزام هڻي سندس خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. شيخ رشيد جي آبپاره ٿاڻي تي سگار پيئڻ واري تصوير به سامهون اچي وئي، شيخ رشيد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ قلم 120، قلم 153 ۽ قلم 505 شامل ڪيا ويا، قانوني ذريعن موجب ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري قلم 505 تحت شيخ رشيد کي 7 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي.