ناول دهشتگرد جو تحقيقي۽ تنقيدي جائزو
ناول ادب جي مقبول ترين صنف آهي جنهن جو بنياد ارڙهين صديءَ ڌاري پيو. سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهرين هن صنف جي ابتدا ترجمي سان ٿي، اهو ڪم سنڌي ادب جي ٻن ناميارن عالمن ڪيو. انگريزي زبان جي ناول ”پرنس آف ايبسينا“ کي سنڌي ۾ ”راسيلاس“ جي نالي سان ترجمو ڪيو ويو، اهو ترجمي وارو ڪم سنڌ جي ٻن عالمن نولراءِ اڌارام ۽ ٿانورداس جي ڪوشش سان ٿيو، ان کانپوءِ سنڌي زبان ۾ پهريون دِلئون جوڙيل طبعزاد ناول ”دلارام“ هو، جنهن کي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ 1877ع ۾ لکيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۾ ناول لکڻ جي شروعات ٿي ڪيترن ئي موضوعن تي ناول لکيا ويا. رومانوي، تاريخي، جاسوسي، عشقيا، سياسي، تعليمي، سماجي مطلب ته زندگيءَ جي سمورن شعبن کي اسان جي سنڌي ناول نگارن سنڌي معاشري مان ڪي حقيقي ۽ زنده ڪرادار چونڊي ماڻهن سامهون آندا ويا مطلب ته زندگي جي گوناگون مسئلن ۽ معاشري جي ارد گرد مان ڪي واقعا کڻي ناول لکيا ويا، 1877ع کان 2018ع تائين جو سفر سنڌي ناول طئي ڪندو رهيو آهي. وقت به وقت سنڌي ادب ۾ سوَن جي تعداد ۾ ناول لکجي چڪا آهن. ڪي ناول انقلابي به هئا جن ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا ته ڪي وري سماج ۾ قبول ڪونه پيا. ناول ۾ مخصوص دور جي سڄي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ تاريخي حالتن ۽ ڪيفيتن جو به بيان ملي ٿو. هت جنهن ناول جو ذڪر ڪرڻو آهي، اهو زاهد علي راڄپر جو ناول ”دهشتگرد“ آهي، پر هن ناول کان پهريان زاهد صاحب جو ناول ”ڪو جو قهر ڪلاچ ۾“ ڇپجي چڪو آهي، جيڪو منهنجي نظرن کان اوجهل رهيو آهي، پر ”دهشتگرد“ ناول جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو قلمبند ڪيل آهي، محترمه جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي شهرن ۾ ڇاٿيو؟ سياسي ڪارڪنن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو. اهو سمورو پسمنظر هن ناول ۾ پڙهي سگهجي ٿو. 144 صفحن جي مختصر ناول ۾ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا واقعا هن ناول جي اندر موجود آهن. ناول نگار لکي ٿو ته ”پنهنجي هي لکڻي پنهنجي هاري پيءُ محمد سليمان ۽ پنهنجي امڙ رحيمان کي ارپيان ٿو. ناول منهنجي گهڻي دلچسپيءَ جو سبب رهيو آهي، ٻالڪ، سياسي، ڪارڪن کان وٺي صحافت ۽ صحافت کان ادب تائين مون ناولن کي پڙهيو آهي. ڏيهي توڙي پرڏيهي ناول رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهيا آهن، خاص ڪري ”نوجوانون کا گيت“، ”ماءُ“، ”ڏونگر منجھ ڏيئو“، سراج جا ناول علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ امر جليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کوڙ ناول پڙهيا آهن“
زاهد راڄپر صاحب جي هن ناول جي ارپنا به اتساهيندڙ آهي، هن سماج لاءِ اهو هڪ پيغام آهي ته ابو ۽ امان دنيا جهان جي سمورن رشتن کان نيارا ۽ بي بها رشتا آهن جنهن جو پيار خالص ۽ سچو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪابه لالچ ڪابه غرض نه هوندي آهي. اڄ جي هن بي رحم دور ۾ ڪيترائي واقعا اخبارن ۾ پڙهي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن ته اڄ پٽ پنهنجي ٻُڍڙي پيءُ کي ماءُ کي ڌڪ هنيا گهر مان ڪڍي ڇڏيو. اهڙا واقعا لڱ ڪانڍاريندڙ هوندا آهن. زاهد جهڙا ماڻهو پنهنجي ٻڍڙن ماءُ پيءَ کي پنهنجي رت جو پورهيو ارپيندي خوشي محسوس ڪري ٿو.“ سنج مڙيوئي ساڻ جوڀن ريءَ جڏا ٿيا ”زاهد جهڙا پُٽ قابل فخر آهن هن ناول ۾ اتساھ جو درس ڏنو ويو آهي. نمبر ٻي ڳالھ ته زاهد صاحب هن صنف تي قلم کڻڻ کان پهريان هن صنف بابت گهرو مطالعو ڪيو آهي جنهن جو پاڻ به اعتراف ٿو ڪري. سنڌ ديس تي ڌارين جا ڪيترائي حملا ٿيا آهن جن ۾ عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن حملا ڪيا، انگريزن حملا ڪيا آهن، هن ديس ۾ دولھ دريا خان، مخدوم بلاول، شاھ عنايت صوفي، سورهيه بادشاھ توڙي شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جي شهادتن وقت سنڌ جي ماڻهن جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچائي ڇڏيو، گهرن ۾ تڏا وڇائي ماڻهن سوڳ ملهايو، پر دل جي ڳالھ آهي ته قاتلن پيرا پنهنجن گهرن ۾ گم ٿي ويا، جنهن جو سراغ ئي نٿو ملي. زاهد راڄپر صاحب جو ناول ”دهشتگرد“ هڪ اهڙو سچو دستاويز آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ جي ارد گرد ڦري ٿو. ناول جي ابتدا هنن لفظن سان ٿيل آهي“ اها 31 ڊسمبر جي رات هئي 2007ع جي آخري رات ۽ پوءِ ڪجھ ڪلاڪن ۾ عيسوي سال مٽجڻو هو ۽ سال 2008ع جي شروعات ٿيڻي هئي. ڊسمبر جي ڪري موسم ڏاڍي ٿڌي هئي. سخت سيءُ جسمن کي ڏڪايو ٿي ڇڏيو، تنهنڪري هو جسم کي ڪمبل ويڙهي بيڊ تي ستو پيو هو، پر ننڍ هن کان گهڻو ڏورهئي، هن جي ذهن تي ڪئين خيالن اچي واسو ڪيو هو ۽ ڏات جي ديوي به اڄ هن تي مهربان هئي. هن سوچيو ٿي ته موجوده حالتن تي ڪا ڪهاڻي لکي، ڪهاڻي ڇڏ، ڪو ڪالم لکڻ کپي. هن سوچيو ته ڪالم ۾ڪهڙي ڪردار کي سامهون آڻيان، ڪيترائي ڪردار سندس سامهون اچي ويا ”هن ناول جي ابتدا ۾ هڪڙي سوچ اڀري ٿي ته ناول نگار چوڻ ڇا ٿو چاهي ڪهاڻي ڇڏ ۽ ڪالم لک ها، پر ناول پنهنجي ڪردار کان ڪهاڻي نه ڪالم لکرائڻ تي راضي ڪري ٿو، پڙهندڙ جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن هڪڙا پڙهي تاڙيون وڄائيندا جذباتي ٿيندا آهن، هروڀرو جي واھ واھ ڪندا آهن هڪڙا وري ناواقف هوندا آهن، انهن کي فني عيب نظر نه ايندو آهي پڙهندا ويندا آهن. تنقيدي نظر رکندڙ ماڻهو تخليقڪار جي تحرير جي اندر اهو ڳوليندو آهي ته تخليقڪار تحرير اندر شين کي ڪيئن ٿو رکي، اُها شين جي پيشڪش درست آهي يا نه جنهن مان ليکڪ جي سندس نظريي جي وضاحت ٿيندي آهي، اهو نقاد ئي ٻڌائيندو آهي، هن جو ڪجھ لکيو آهي، ڇو لکيو آهي؟ ڪهڙين حالتن مطابق ۽ ڪنهن لاءِ لکيو آهي؟ ڪي واھ واھ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن ته ڪو سوچ رکندڙ تحرير واري جي تخليق مان ان جي پيشڪش ۽ ادائگي تي سوچي ٿو ته منهنجي سامهون ڪهڙيو اثرائتيون ڳالهيون ٿين ٿيون. سو زاهد صاحب جي ناول ۾ ڪالم لکڻ لاءِ پنهنجي ڪالم ۾ ڪهڙي ڪردار کي سامهون آڻڻ جو سوچي ٿو، سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڪردار ڪهاڻين/افسانن، ناولن، ڊرامن ۾ آڻبا آهن، منهنجي خيال ۾ ڪالمن ۾ ڪا سياسي ڳالھ ڪبي آهي، ڪي واقعا بيان ڪبا آهن، اهڙي قسم جون ڳالهيون ناول واري نازڪ صنف کي ڪاپاري ڌڪ هڻن ٿيون، ته ٻئي طرف ناول نگار گهڙيال جي آواز کي کڙ کڙ جو آواز ڪوٺي ٿو حالانڪ گهڙيال جي آواز مان ٽِڪ ٽِڪ جو آواز نڪرندو آهي. بهرحال جتي ناول ۾ ڪي ڪمزوريون آهن اتي ڪيئي خوبيون هن ناول کي رونق بخشين ٿيون.
1. پلاٽ، 2. ڪردار نگاري، 3. واقعانگاري، 4. ماحول نگاري، 5. منظرنگاري، 6. مڪالمانگاري يا گفتگو هن ڪتاب ۾ 1. پلاٽ يعني واقعن جي ترتيب آهي. سچا پچا ڪردار ۽ واقعا بيان ڪيل آهن، مثال طور محترم بينظير ڀٽي جي شهادت جو واقعو بيان ڪيل آهي. 2. هن ڪتاب ۾ سرمد صحافي جو مکيه ڪردار آهي جنهن ۾ ٻيا ذيلي ڪردار به آهن ۽ هن ڪتاب ۾ منظرنگاري جو بيان ڪيل آهي مثال ”هاڻي درياءَ وارو بند ويجهو اچي رهيو هو ۽ ان وٽ بيٺل ڪار چٽي نظر اچي رهي هئي ۽ ان جي ڀر ۾ بيٺل صوبيدار ۽ سپاهي جيڪي ڪلاشنڪوف کنيو بيٺا هئا…. صوبيدار ڪار جي اڳئين سيٽ تي ويٺو ۽ مُڇ کي تاءُ ڏنو، ڊرائيور اهو اشارو سمجهي ڪار کي اسٽارٽ ڪيو، آڏو درياءَ جو ڪچو بند ئي بند هو… هڪ طرف ڪچو رستو ۽ ٻئي پاسي پڪي جا فصل وڻ ٽڻ… ڪار هوا کي چيريندي جهاڪا کائيندي هلندي رهي ۽ نيٺ اڌ ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ محبت ديرو شهر نظر اچڻ لڳو، جيڪو ويجهو ٿيندو ويو ۽ واڻڪي دور جون اوچيون عمارتون ڪر کنيون بيٺيون هيون ۽ ڳاڙھ سريون سرون سج جي روشني تي چمڪي رهيون هيون انهن ۾ اڃا خوبصورتي موجود هُئي“ ( ص 58) مڪالما نگاري سنڌي ماڻهوءَ ۾ اڃا ساڃاهه آهي، هو ستايل ضرور آهي، پر ڪوڙو نه آهي جڏهن غلام نبي فريادي کان جج قسم کڻائي ٿو ته: تون هن جوابدار کي سڃاڻين ”هو چوي ٿو مون پاڪ ڪتاب تي قسم کنيو آهي ان ڪري سچ ٿو ٻڌايان ته مان هن همراهه کي ڪونه سڃاڻان“ مون کي فرياد جي ڪابه خبر نه آهي صوبيدار ۽ ڀوتار مون کي پاڻ وٽ گهرايو هو، ۽ انهن مون کي اڇن پنن تي آڱوٺا هڻايا هئا ۽ پوءِ مون کي انهن ٻڌايو هو ته انهن مون کي ڪنهن همراهه مٿان ٻڪريءَ جو ڪيس ڪرايو آهي. سائين سچ ٿو چوان مٿان ڳاڙهو آهي ۽ هيٺان مان آهيان ۽ آخرت ڏانهن به هلڻو آهي…. جج سموري صورتحال کي مدنظر رکندي سرمد صحافيءَ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ٿو“ هي عدالت بي گناهه تصور ڪندي سرمد کي باعزت بري ڪري ٿي“ آخر سچ جي فتح ٿئي ٿي. ناول نگار جو خود صحافي آهي، هن کي پنهنجي صحافي هجڻ تي پڪو ايمان آهي ته صحافي جو ڪهڙو فرض آهي، ته هن ۾ ايتري جرئت ۽ همت هئڻ گهرجي حق ۽ سچ جي ڳالھ تي ڪهڙيون تڪليفون سامهون اچن ٿيون، هڪ صحافي کي گهٻرائڻو ناهي، مايوس ناهي ٿيڻو. ناول دهشتگرد جو ليکڪ به هڪ صحافي آهي هو صحافي جي نفسيات کي سمجهي ٿو. ان ڪري هو هڪ صحافي کي هڪ مضبوط ڪردار جو مالڪ ڏسڻ ٿو چاهي، ان ڪري صحافي کي ايترو ٿڪائي ڀڄائي ڪورٽن، ٿاڻن، عدالتن ۾ رلائي ٿو، جيئن ڪوبه صحافي ٿيڻ ۽ هن پيشي ۾ اچڻ کان پهرين هن ناول جي ڪردار سرمد کان سچائيءَ جي قربانيءَ جو سبق وٺي پوءِ ئي صحافت ۾ پير پائي. سرمد بنا ڪنهن ڏوھ جي سزا ڪاٽي ٿو ۽ ناول نگار پنهنجي معاشري کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هڪ صحافي سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ آفيسرن، وڏيرن، ڀوتارن، ميرن جي عتاب هيٺ رهي ڪهڙي ڪهڙي سزا ڀوڳي ٿو پوءِ به هو همت کان ڪم وٺي ٿو، پوئتي نٿو هٽي سڀئي بار سر تي سهندي به، سرمد هيڻائي جي ٻولي نٿو ٻولي اڳ کان اڃا به ارادي ۾ مضبوط اڏول نظر اچي ٿو. ٻئي طرف ناول مظلومن جي طرفداري ڪندي صحافين جي ناجائزين کي کولي بيان ڪري ٿو مثال اهو هڪ ڪڙو سچ آهي، هڪ پوڙهو صحافين وٽ اچي ٿو ۽ چوي ٿو ”ابا صبح جو سوير پوليس اچي منهنجي گهر ۾ گهڙي نه پڇاڻو نه ڳالھ، بس مائين مردين (مردن) ۽ ٻارن تي لٺين جو زيپٽ لائي ڏنائون…. گهر ۾ پيل سامان اٿلائي پٿلائي زيور ڏوڪڙ ڪپڙا سڀ پوليس وارا کڻي ويا. اضحيٰ جا ڇيلا ٻه مينهون به ابا ماري ويا منهنجي ٻن پٽن حاجن ۽ علي بخش کي به پوليس کڻي وئي…. هاڻي ويو هئس صوبيدار ڏي چوي ٿو لک روپيا آڻي ڏي ته تنهنجي پٽن کي ڇڏيان. هاڻي ابا توهان ڏي آيو آهيان ٻڌو اٿم ته غريبن مظلومن جو اخبارن وارا ساٿ ڏيندا آهن. ڀَري ڪو صوبيدار خلاف اخبارن ۾ بيان ڏيو ته ٻيلي انصاف ملي…… الله توهان کي اجر ڏيندو، پوڙهي دعا لاءِ آڱريون مٿي کنيون… ها ته چاچا! سڀني اخبارن ۾ تنهنجا بيان هلندا ان ڪري خرچ ٿورو وڌيڪ ايندئي. ٻيو ته پوليس خلاف بيان آهي خبر اٿئي ته پوليس آهي به ڏنگي، پر ان هوندي به توهان جي ضرور مدد ڪبي ۽ ڪل ملائي 10 (ڏھ) هزار روپيا خرچ ايندو پئسا جمع ڪرايو ته توهان جو بيان اخبارن ڏانهن موڪليان… ابا! جيڪو ڪجھ هو سو پوليس کڻي وئي هاڻي گهر وڃان ۽ ڏسان ته ڪو من ڪو وڇ پاڏو بچيو هجي ته کپائي کڻي اچان“ هڪ صحافي ناول نگار جي لفظن ۾ ڪيڏي نه سچائي آهي پنهنجي قوم لاءِ جيڪي زمانن کان غلاميءَ ۾ پيڙهيل ماڻهو چوطرف ڌڪن ٿاٻن جا ماريل ماڻهو در در ٺوڪرون کائيندا ٿا وتن ۽ زماني طرفان ڏنگبا ٿا رهن ۽ ٻئي طرف هڪ صحافي آهي جنهن کي سچ لکڻ تي ڇا ڇا نه ڪيو ٿو وڃي، ناول نگار کي هر جڳھ تي ڪي سٺا ماڻهو به نظر اچن ٿا، پوليس ۾، عدالت ۾ به، ٻي طرف هن ناول ۾ اها ڳالھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن. ڇا ٿو وهي واپري ته ان معامرن ۽ مسئلن جو حل به ٻُڌائي ٿو. عدالت، صحافي، پوليس، استاد، ڊاڪٽر، سياست، مذهب کي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن وسيلي سڀني معامرن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل نظر اچي ٿو ته ڇوٽڪارو ڪهڙي ڳالھ ۾ آهي. وڏيري، چور، ٿاڻي جي عملدارن ۽ غريب ۽ غريبن جي اولاد سوڌو سمورن مسئلن کي پيش ڪيو اٿس. هن ناول ۾ هاري کي صلاح ٿو ڏئي چوي ٿوته: ”جيڪڏهن اهي ظلم جا ستايل هاري هڪ مالها يعني تنظيم ۾ پوئجي وڃن ته، هوند ڪير به سندن وار ونگو نه ٿو ڪري سگهي، اهڙي سگهاري جدوجهد لاڙ ۾ فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي هلائي هئي، لکين هارين کي گڏ ڪيو ۽ لاڙ پٽ مان نڪرندڙ تيل جي رائلٽي مقامي ماڻهن هارين کي ڏيارڻ لاءِ سگهارو آواز اٿاريو… حيدربخش جتوئي جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه هو“ هن ناول کي ساهتيءَ جي شهرجي صحافي جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ نوشهروفيروز مدرسا هاءِ اسڪول، درٻار هالاڻي، محبت ديرو ٿاڻو، تنيا بقا شاھ، ڪنڍيارو، ڪچو، بکري، ڀئنورن جو ڳوٺ، دولتپور ڳوٺ مٺا خان جوکيو جو ذڪر اچي ٿو. سرمد صحافي کي ٻڪري چوريءَ جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويندو آهي ته کيس کي محبت ديري ٿاڻي تي رکيو ويندو آهي.
هن ناول ۾اهڙا انقلابي جملا استعمال ڪيا ويا آهن، جنهن سان ماريل طبقي جو شعور جاڳي پوندو، ڇو ته ناول نگار انساني زندگيءَ کي تمام گهرائيءَ سان ڏٺو آهي ۽ پيش ڪيو آهي چوي ٿو ”اناج اپائيندڙ جا ٻچا بکئي پيٽ سمهندا آهن جڏهن ته استحصالي طبقن جا ڪُتا به طرحين طرحين قسم جا کاڌا کائيندا آهن. پورهيت جا ٻار تعليم، صحت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته انهن جي محنت جو اجورو ڦريندڙ وڏيرن، ڀوتارن، پيرن ۽ ميرن جو اولاد ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ آرامده زندگي گذاريندو آهي (ص 34)“
جيئن ته هن ناول ۾ ليکڪ پاران هن ناول جي شروعات ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”مون امر جليل جي ناول“ نيٺ گونگي ڳالهايو“ پڙهيو آهي. هي ناول به بينظير ڀٽو جي 1988ع واري حڪومت واري دور جي عڪاسي ڪري ٿو ته، خاص طرح 30 سيپٽمبر ۽ 1 آڪٽوبر 1988ع تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ خوني واقعا ٿيا، هن ناول ۾ اهو ڪجھ ظاهر ڪيو ويو آهي ”سنڌين کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ ۾ خفيه ايجنسين جو هٿ آهي. افغان مهاجرن، سنڌين جي هٿان هٿيار اسمگل ڪرائي رهيا آهن، ۽ کين ڏوهي قرار ڏئي رهيا آهن. نتيجي ۾ ڳوٺن واري سنڌ ۾ سنڌي ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پيدا ٿي رهيو آهي“ زاهد صاحب هن ناول ۾ جا ڪهاڻي ۾ ڪشش رکي آهي اها وڻندڙ آهي، پر ان ۾ انفراديت، ٻوليءَ ۾ لطف ۽ پيشڪش جو انداز به اثرائتو ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ ڪردارن کان سٺي تربيت ڪرائي معاشري ۾ سٺايون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، واقعا ۽ ڪردار سماج تي اثر انداز ٿيندڙ آهن. ”دهشتگرد“ ناول ۾ آفيسرن ۽ وڏيرن ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائي فتح حاصل ڪندڙ هڪ صحافي جو ڪرادر آهي جيڪو ڏکين حالتن ۾ گهٻرائي نه ٿو.
***