ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: غلطي

انهيءَ زماني ۾ مان سرجيڪل وارڊ ۾ رجسٽرار هئس ۽ ان وقت آچر بدران جمع جي ڏينهن موڪل ٿيندي هئي. موڪل واري ڏينهن تي گهڻائي ڪم ڪار جيڪي سڄي هفتي دوران جمع ٿي ويندا آهن، اُهي موڪل واري ڏينهن ئي لاهبا آهن، سو مون پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته جلدي لسٽ ٺاهي ڏي ته جيئن آئون سودو سلف وٺي اچان ۽ پوءِ مان پنهنجا ۽ رُدرا ۽ اگني (منهنجا ٻار) جا به وار لاهرائي اچان، جو منهنجا وار به وڏا ٿي ويا هئا ۽ منهنجي ٻارن جا به، سو گڏ ئي ڪم ٿي ويندو.
ائين مان ساڍين يارنهين لڳي تائين پنهنجا ڪم پورا ڪري آيس ۽ ٻنهي کي ساڻ کنيم. اگني ننڍو آهي، هڪ سال ۽ ٽن مهينن جو ۽ رُدرا چئن سالن ۽ نون مهينن جو آهي. ٻنهي کي گاڏيءَ جي اڳئين سيٽ تي ويهاريم، اگنيءَ کي اندر جي طرف ۽ رُدرا کي دروازي جي طرف ۽ حجام جي دُڪان جي طرف هلياسين. جڏهن دُڪان تي پهتاسين ته دُڪان ماڻهن سان ٽمٽار هيو، موڪل جو ڏينهن ۽ وري جمعو مبارڪ، سو ظاهر آهي ته ائين ته ٿيڻو ئي هو. اسان به پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، آخر منهنجي واري آئي، مون پهريائين اگني ۽ رُدرا جا وار ڪٽرايا ۽ پوءِ پاڻ وار ڪٽرائڻ لڳس ۽ جڏهن اتان واندا ٿياسين ته ڏيڍ ٿي چڪو هيو، مون کي پنهنجي گهر واري جا لفظ ياد آيا: “جلدي اچجو، مان ماني ٺاهي توهان جو انتظار ٿي ڪريان، پوءِ پاڻ شام جو ڪيڏانهن ٻاهر هلنداسين” هُن اڳتي جو پروگرام به ٺاهي رکيو هو.
وار ڪٽجڻ کانپوءِ مون تڙ تڪرڙ ۾ ٻارن کي ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ تي ويهاريو، هونئن ته آئون هميشه ٻارن کي پُٺيان ويهاريندو آهيان، پر اڄ الائجي ڇو ائين ڪري ڇڏيم… گاڏيءَ ۾ ويهندي ئي رُدرا ضد ڪرڻ لڳو: مُون کي جوس کپي، مون کي جوس پيئڻو آهي، مون سوچيو ته جيڪڏهن هن جوس پي ڇڏيو ته ماني کائڻ ۾ نخرا ڪندو، سو چيو مانس: “مما ماني ٺاهي ڇڏي آهي، ماني کائي جوس پيئنداسين” هو چپ ٿي، نرڙ ۾ گهنج وجهي، سيٽجي، ٻوٿ سڄائي.
آئون ٻارن تي ساهه ڇڏيندو آهيان، منهنجي گهرواري پريا جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ٻارن کي ڪجهه چئي به وجهي ته هڪ پاسي وٺي وڃي جهليندو آهيانس: ٻارن کي دڙڪا نه ڏي، سٺو ناهي، ٻارن جي ذهن تي سٺو اثر نٿو پوي ۽ هڪ ٽائيم کانپوءِ اُهي دڙڪو سهسائي وڃن ٿا ۽ انهن تي ڪو اثر نٿو ٿئي، اُهي نٺر ۽ بيچيا ٿي وڃن ٿا. هوءَ گهڻو ڪري مڃي به ويندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن جڏهن گهڻي ٿڪل هوندي آهي دڙڪو ڏيئي به وجهندي آهي. ٻارن جي گهڻو ڪري هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪندو آهيان، پر الائجي ڇو مون اڄ ائين نه ڪيو. انهن کي تڙ تڪڙ ۾ اڳتي ويهاري اچي اسٽيئرنگ وهيل سنڀاليم. گاڏي ائين بيٺل هئي جو مونکي Reverse ڪري پوءِ گهر لاءِ ڦري اچڻو هيو، پٺيان کان منهنجي ئي لائين ۾ ٽرڪ اچي رهيو هو، منهنجو سڄو ڌيان اوڏانهن هيو ۽ گهر وڃڻ جي جلدي به هئي. جيئن ئي مون گاڏي پوئتي ڪئي ته ڌڙام سان ڪجهه ڪرڻ جو آواز آيو، ڄڻ گاڏيءَ مان ڪجهه ڪريو هجي. اوه! هي ڇا ٿيو؟؟ آئون پٺيان کان ٽرڪ جي پرواهه نه ڪندي ڪار مان ٻاهر نڪتس، پر ٿيڻ وارو ته اڳ ۾ ئي ٿي چُڪو هيو، رُدرا زمين تي ڪريل هيو ۽ منهنجي گاڏيءَ جو ٽائر هُن جي ٽنگ مٿان لنگهي ويو هيو. منهنجي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، ساهه تيز ٿي ويو ۽ هٿ پير بلڪل ٺري ويا، جيئن ئي هن کي زمين تان کنيم ته رُدرا مون ڏانهن نهاريندي چيو، “بابا، توهان منهنجي ٽنگ ڀڃي ڇڏي آهي” منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. جلدي سان هُن کي پوئين سيٽ تي ليٽايم ۽ گهر پهتس، اگني کي هنج ۾ کڻي، پاڙي ۾ هڪ رشتيدار ڇوڪري جا ميڊيڪل ۾ هائوس جاب ڪري رهي هئي، ان جي حوالي رُدرا کي ڪري گهر آيس، گهر ۾ جيترا پئسا پيل هئا کڻي رُدرا کي اسپتال وٺي آيس. پنهنجي ئي اسپتال کڻي آيس، رُدرا کي پلاسٽر لڳايو ويو ۽ اسان کي گهر موڪل ڏني وئي. اِها ڳالهه جڏهن منهنجي پروفيسر کي خبر پئي ته چيائين: هُن کي ڏسو، پنهنجي ئي پٽ جو ايڪسيڊنٽ ڪري وڌائين” ائين منهنجي غلطي جو احساس مون کي وڌيڪ کائڻ لڳو. جڏهن مان رُدرا کي گهر وٺي آيس ته اسان واري ماسي کي چيائين، “شانتي تنهنجو ڪم اڃا وڌي ويو” ڇاڪاڻ ته رُدرا پلاسٽر جي ڪري باٿ روم ۾ پاڻ نه پيو وڃي سگهي ۽ منهنجي گهر واري به بئنڪ ۾ ڪم ڪندي آهي سو شانتي اسان جي گهر ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ هُن جو هڪ ڪم رُدرا کي باٿ روم ۾ کڻي وڃڻ جو به ٿي ويو، ان ڪري رُدرا هُن کي ائين چيو. مون کي رکي رکي رُدرا جو جملو: “بابا توهان منهنجي ٽنگ ڀڃي ڇڏي” ياد ايندو هيو ۽ آئون بيچين ٿي ويندو هئس.
هاڻي جڏهن ان ڳالهه کي پندرنهن سال گذري چُڪا آهن ته رُدرا مون کي هڪ ڏينهن چيو ته “بابا، جڏهن مان ننڍو هئس ۽ توهان منهنجا وار ڪٽرائڻ وٺي هليا هيا ۽ مون توهان سان جوس جي ضد ڪئي هئي، ان ڏينهن مون ڪاوڙ ۾ گاڏيءَ جو درواز بند نه ڪيو هيو ۽ ڄاڻي ٻُجهي گاڏيءَ مان ٽپو ڏنو هيو، “آئون حيران آهيان ته ان کي آئون ڇا سمجهان، هيترا سال لنگهي ويا ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ان واقعي جو ذميدار سمجهندو رهيس”.
***