ادبڪهاڻيوننئون ڪھاڻي: جنگ ۽ جوڳ (حصو ٻيون) February 13, 2024 Zahida Abro ڊيڄاريندڙ ڪمانڊر هُن وٽ آيو. ”او ڙي، تون آرٿو ڊوڪس آهين، ڪيٿولڪ آهين يا مسلمان؟“ ”مان ٻُڌمت جو پيروڪار آهيان.“ ”هي سُٺو آهي.“ ڪمانڊر ايئن کليو ڄڻ کوڙ سارا ماڻهو ڪو اهڙو لطيفو ٻُڌي کلندا آهن جيڪو سُٺو ته هجي، پر مزاحيا نه هجي. ”توکي ننڍپڻ ۾ ڪهڙي مذهب جي تعليم ڏني وئي؟“ ”ظاهر آ ڪُفر جي. ڇا توهان کي نه ڏني وئي هئي اُها تعليم؟“ ”تنهنجي والدين جو مذهب ڪهڙو هو؟“ ”اُهي مسلمان هئا۔پر هُو ڪڏهن به مسجد ڪونه ويا.“ ”ته پوءِ تون مسلمان ٿيئن نه.“ ”نه. مان ٻُڌمت جو پيروڪار آهيان جيئن مون ٻُڌايو.“ ته ڇا تون باھ کائين ٿو، يا ڪِلين تي هلين ٿو، يا پنهنجا پير، ڳِچيءَ ۾ ٻَڌي ڇڏين ٿو، يا اُهو سڀ ڪندو آهين جيڪو هُو ڪندا آهن؟“ ”مان اُنهن جي ڳالھ ڪنهن مذهب جي حوالي سان نٿو ڪيان، پر هڪ قوم جي حيثيت سان ڪري رهيو آهيان.“ ”اڙي ڇڏ يار.“ ”ڇا مون کي پاڻيءَ جو هڪڙو گلاس ملي سگهي ٿو؟ مان اُڃَ ۾ مُئو ٿو وڃان.“ ”ته تو ڇا ٻُڌايو، ٻُڌ قوم جو رُڪن آهين تون؟“ ”توهان دنيا ۾ ڪٿي به مسلمان ٿي سگهو ٿا، مسيحي ٿي سگهو ٿا، پوءِ ٻُڌمت جا پيروڪار ڇو نه ٿا ٿي سگهو؟“ ”تون پنهنجي ئي ملڪ ۾ مسلمانن جي هڪ قوم هُجڻ تي طنز ڪري رهيو آهين؟“ چڱو، تنهنجي اندر هڪڙو سرب لِڪل آهي. اِها ئي ته اُها شيءِ آهي جيڪا هُو ڪرڻ چاهين پيا.“ ”ڇا مون کي مذهب ۽ قوم جي چُونڊ ڪرڻ جو حق ناهي؟ ”ڪنهن کي به ناهي. اِهو نصيب آهي ۽ تون ايتري عجيب شيءِ ٿي به ڪيئن ٿو سگهين،“ ”ايئن ناهي ته مون کي ٻُڌمت جو پيروڪار بڻجڻ وڻي ٿو، پر پنهنجن شروعاتي سالن ۾ مون اُنهن جون چَريائپ واريون ڳالهيون پڙهيون ۽ هاڻ مان اُن ريت ئي سوچيندو آهيان ۽ هاڻ اهڙو ئي آهيان۔“ هان، ته جيڪڏهن توکي هي نٿو وڻي ته مذهب مَٽائي ڇڏ، هڪڙو سُٺو مسلمان ٿي۔“ ”نٿو ٿي سگهان۔توهان چيو ته ماڻهو مَٽجي نٿو سگهي۔“ ”پر تون ته ٿئين نه تبديل۔بس هاڻ اِها اَداڪاري ڇڏ۔مون کي تنهنجي ڪهاڻي ڪا خاص ڪا نه لڳي۔“ ”مون کي مَٽجڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، پر مان ته پنهنجي شروعاتي عمر ۾ ئي مسلمان ٿي ويو هئس، پنهنجي عمر جي ٻين ڏهاڪي جي آخري سالن ۾، ۽ ٽين ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾، جيڪي اسان جي زندگين جا سڀ کان وڌيڪ فلسفياڻا سال هوندا آهن. توهان کي ياد آهي ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ سرائيوو ۾ جَڙي ٻُوٽين سان علاج، گيان ڌيان، ٻُڌمت، هندو مت، جسم کان مَٿانهان تجربا ۽ اهڙين ئي ٻين شين سان لاڳاپيل ڪتاب هرپاسي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اُهو سڄو مواد بلغراد کان آيو هو. اُنهن اسان جو ڌيان مَٽائڻ جو منصوبو پهرين ئي ٺاهي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان خوابن، خيالن ۾ گُم رهون ۽ هوٽلن ۾ رات کان صبح تائين حوال ڪَٽيندا رهون، جڏهن ته اُن وچ ۾ هُو پاڻ ملٽري اڪيڊمين ۾ ويندا رهيا، هنن انجنيئرنگ پڙهي يا اٽليءَ مان شيون اسمگل ڪيون يا مافيائن ۾ شامل ٿي ويا. توهان جو ڇا خيال آهي بلغراد ۾ هُو به اُهو ئي سڀ ڪجهه پڙهي رهيا هئا؟ قطعي نه.“ ”تون چُريو آهين ڇا!“ ”توهان مون کي چَريو ٿا چئو. ڇا هتي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اُن جي لاءِ توهان وٽ اِن کان وڌيڪ ڪا ٻي وضاحت آهي؟“ ”ها، ڳالھ ۾ وزن ته آهي، پر اُن جو اِهو مطلب ناهي ته ڪنهن بي معنيٰ شيءِ جي لاءِ ڪا معنيٰ به هجي. تنهن کان سواءِ تو مون کي هي جيڪا سرب سازشن مُتعلق خيال ڏنو آهي، اُن سان مان اِن ڳالھ جو قائل نه ٿي سگهندس ته تون سربن جي لاءِ ڪم نٿو ڪرين.“ سارجنٽ سگريٽ دُکايو ۽ هڪڙو ڀيرو وري پنهنجي دُونهن جو ڪڪر ٺاهڻ لڳو، پر ڪمانڊر چيو، سگريٽ نه پي.“ ”سگريٽ پيئڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي هاڻ؟ ”وڻ کي باھ لڳي سگهي ٿي اِن سان.“ ”هِن مُند ۾؟ بهرحال جيڪڏهن لڳي به وئي ته هِن شيطان کي مُنهن ڏيڻ جو سُٺو طريقو هوندو۔“ ”ڪنهن به مُند ۾… ٿورو هِن سَرن مان ٻَڙڪندڙ پاڻياٺ کي ڏس. پيٽرول جيان ٻَڙڪي رهي آهي ۽ اهو به ٻُڌائي ڇڏيان ٿو ته پنهنجي آفيسر جي اڳيان متان ڳالهائين.“ سارجنٽ وات مان دُونهن جي هڪڙي نيري لهر ڪڍي ۽ پنهنجو سگريٽ پنهنجي بُوٽ هيٺان لتاڙي ڇڏيو. ”ها، ته هي سُٺو هو، پر تنهنجو وقت هاڻ پورو ٿي ويو.“ ڪمانڊر پنهنجي ڏاڙهي جو اڇو حصو پاسي ڪيو. ”تون اسان کي مُطمئن ڪري سگهين ٿو ته تو اسان سان غداري ناهي ڪئي. ٺيڪ آ، هاڻ پنجن ڇهن جُملن ۾ اُن جي ڪوشش ڪري ڏِسُ.“ ”مان توهان کي ڪنهن به ڳالھ لاءِ مُطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪريان؟ جڏهن توهان کي پَڪ ٿي ئي وئي آهي ته وڃو، پَڪ ڪندا رهو“ ”شرم اچڻ گُهرجئي. هاڻ جڏهن ته تو پنهنجي عجيب ۽ غريب عقيدي لاءِ ٻُڌائي ڇڏيو آهي، مون کي خبر پئجي وئي آهي ته تون هر قسم جا ڪم ڪري سگهين ٿو جن جو اڳ ۾ اندازو نه لڳائي سگهجي ها؛ اُن ڪري مون کي پَڪ آهي ته تو اسان سان غداري ڪئي آهي. سارجنٽ، ڇا خيال آ تنهنجو؟“ ”مان توهان سان سَهمت آهيان“ ڪمانڊر وري حَسن سان مُخاطب ٿيو، جيڪو پنهنجون ٻانهُون سيني سان ٻَڌيو بيٺو هو. هُن جي ڌَڪ واري اک پهرين کان وڌيڪ سُڄي وئي هئي ۽ هاڻ بند ٿي چڪي هئي. ”سپاهي تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ ”مون کي ڪا خبر ناهي.“ ”پر تو هِن کي وڻن جي هيٺان لِڪي ڪجهه ڳالهائيندي ٻُڌو هو؟“ سارجنٽ چيو. ”ها مون ٻُڌو هو، پر مون کي خبر ناهي ته هُو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو يا نه.“ ”سو منهنجا دوستو، چونڊيل ججن جو گڏيل فيصلو آهي،“ ڪمانڊر چيو. ”دعوا ختم ٿي.“ ”هي ڪا دعوا ناهي. بس بي بنياد خيال آهي،“ حارث چيو. ”پنهنجي آفيسرن جي ڳالھ جي وضاحت نه ڪيو!“ سارجنٽ کيس ٽوڪيندي چيو. ”تڏهن به نه جڏهن منهنجي…“ ”جڏهن تنهنجي زندگيءَ جو سوال هجي، تنهنجو اندزو سهي آهي،“ ڪمانڊر چيو. ”منهنجو خيال ناهي ته ڪو هاڻ اُن جو سوال به باقي رهيو آهي. مروز، حَسن، اڳتي وڌو، گولي هڻي ڇڏيو هِن کي.“ ”ڪيئن، پنهنجي ئي ساٿيءَ کي ڪيئن ماري ڇڏيون؟“ حَسن اعتراض ڪيو. ”منهنجو خيال آهي ته هي ڪافي آهي ته اسان پنهنجي ٽولي جي اَڌ سپاهين کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻ توهان ٻيا به چاهيو ٿا؟“ ”يار! ڳالھ ۾ وزن آهي،“ ڪمانڊر چيو، ”پر اِهو ئي ته سبب آهي ته اسان کي کيس گولي هڻڻ گُهرجي، هِن اسان کي تمام گهڻي تڪليف ڏني آهي.“ ”منهنجو خيال آهي ته سهي ائين ٿيندو ته، اسان جي قانون تحت، هِن جي زبان ڪٽي ڇڏجي،“ سارجنٽ راءِ ڏني. ”ڏوھ اِن ئي عضوي سان ٿيو آهي، بس اِن کي ڪٽي ٿا ڇڏيون ۽ اڳتي ٿا وڌون.“ ”مون کي اِها ڳالھ وڻي، پر نه. جيڪڏهن توهان هِن جي زبان ڪٽي ڇڏيندئو ته رت وهڻ جي ڪري هِن جو موت ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان اُن سزا کي بامعنيٰ ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ڪو اهڙو طريقو ڪڍڻو پوندو جو هِن جو رت وهڻ بيهي وڃي. اُن کان سواءِ، منهنجو اِهو به خيال آهي ته جيڪڏهن هي بچي ويو ته هِن کي ڏُک ضرور ٿيندو؟ ۽ مان ايتري گهڻي هٿيارن جي اوسي پاسي موجودگيءَ ۾ هن تي اعتماد نٿو ڪري سگهان. گولي هڻي ڇڏيو هن کي.“ ”مان نٿو هڻي سگهان، جيڪڏهن توهان مون کي معاف ڪيو ته،“ حَسن چيو. ”مون کي هاڻ به پَڪ آهي ته ڪم اِن ئي ڪيو آهي ۽ هي منهنجو دوست به آهي. مان مَڃان ٿو ته هي ڪجهه عجيب آهي، پر ڪير ٿو چئي ته ڪير آهي جيڪو عجيب ناهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو عجيب ناهي ته اُها وڏي عجيب ڳالھ آهي۔“ ”منهنجي اڳيان ايتري شرافت نه ڏيکار سپاهي،“ ڪمانڊر چيو. ”پر جيڪڏهن تون اِهو ڪم نٿو ڪرڻ چاهين ته، ٺيڪ آ، هتي ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو ڪاوڙ ۾ ڀَريا ويٺا آهن جيڪي اِهو ڪندا. سارجنٽ، هلو ٻه ٽي ماڻهو پَڪڙيو.“ ڪمانڊر چيو، ”ڇا تنهنجي ڪا آخري خواهش آهي؟“ ”ها، منهنجا هٿ کولي ڇڏيو مهرباني ڪري، ته جيئن مان پنهنجا خصيا کَنهي سگهان۔“ ”سنجيدا آهين تون؟“ ”ها سنجيدا آهيان. ۽ توهان؟ هي سڀ بي معنيٰ آهي. بس اُن ڪري ڇو ته مان اڪيلو دُعا گُهري رهيو هئس، پر غداريءَ جو الزام هڻي ڇڏيوَ!“ ”تون دُعا اسان جي خدا کان ڪونه پئي گُهري، غير ملڪي خدائن کان پئي گُهري ۽ اُها ئي غداري کوڙ آ. ۽ اِهو به واضح آهي ته تون واڪي ٽاڪيءَ سان ڇا ڪري رهيو هُئين. هاڻ اُن جي تفصيل ۾ ٻيهر نٿا وڃون. تون اڳ ۾ ئي اسان جو گهڻو وقت وَڃائي ڇڏيو آهي.“ ”ڇا توهان، منهنجين ٻانهُن مان هڪڙي ٻانهَن کولي سگهو ٿا؟ مان خارش جي ڪري مَران پيو.“ ”ٺيڪ آهي،“ ڪمانڊر چيو، پر هُن ڪيو ڪجهه نه. سارجنٽ ٽن ماڻهن سان اچي پهتو. ڪمانڊر اُنهن کي گولي هلائڻ جو حُڪم ڏنو؛ هڪڙي مٿي ۾، هڪڙي ڳچيءَ ۾ ۽ هڪڙي سيني ۾. هُو ڪي ويھ وکون پَري ٿي بيٺا ۽ اُنهن پنهنجون بندوقون کڻي ورتيون. حارث کي ڪو به ڊَپ محسوس نه ٿيو. ڊَپ مَٿس پنهنجي سَگهه استعمال ڪري چڪو هو، ۽ هن تي لڳايل الزامن جي ناانصافي، ۽ اُن معاملي جي بي معنويت، هن کي سُڪون ڏئي ڇڏيو هو. هن سوچيو ته پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري اُنهن ماڻهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي جيڪي اِها جُرئت ڪري رهيا هئا، پر ڪير به ڪجهه به ڪري ٿي سگهيو، ۽ اُن ۾ ڪابه حيرت واري ڳالھ نه هئي. هن هڪڙو ڊگهو ساھ کنيو، ۽ اُن ساھ هن جي پاسرين ۾ تڪليف پيدا ڪئي ۽ هُن جو ڪنڌ ڏَڪڻ لڳو ۽ هُن جا ڪَن وَڄڻ لڳا. هي ماڻهو گولي ڇو نٿا هڻي ڇڏين؟ سُٺو آهي ته جيڪڏهن هُو هينئر تائين گولي هڻي ڇڏين ها، پر ان اوسيئڙي هن جو سُڪون تباھ ڪري ڇڏيو. هن جي مٿي جو سور ايترو ته پُرشور ٿي ويو ڄڻ هُن جي ڪَن جي ويجهو ئي ڪنهن جبل مان ڪو آبشار ڦُٽي، وهڻ لڳو هجي. هُن ڪنهن ڌماڪي يا بندوق جي گولين جو آواز ٻُڌو، پر کيس خبر نه پئجي سگهي ته ڇا اُهو آواز ڪٿان پري کان پئي آيو يا کيس گولي ٿي هنئي وئي. هُن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ڏٺو ته هُو پنهنجي رَسي کان گسڪي ٻاهر اچي ويو آهي، سندس هٿن جي کل رهڙجي وئي آهي. هُن پنهنجي جسم کي زمين تي پيل ڏٺو ۽ هُن کي لڳو ته هُن جون اکيون سندس جسم کان ڌار ٿي مٿي ئي مٿي، ڪٿي وڻن ۾ اُڏندي ڦِري رهيون آهن، جيئن اُهي ڪنهن چِٻري جون اکيون هجن ۽ کيس اهڙي عالم ۾ ڏسي رهيون آهن جنهن جي ساڄي لوندڙي مان رت جو ڦوهارو ٻَڙڪي پيو هجي. هُن ماڻهن جي دانهُن ۽ ٽهڪن جا آواز ٻُڌا. ڀلو ته هي ٿيندو آهي مرڻ ۾، توهان جون اکيون هوا تي ترنديون وينديون آهن ۽ ڏسنديون رهنديون آهن، ۽ ڪو ٻيو ماڻهو اُنهن کي ڏسي به نه سگهندو آهي، ۽ اُهي اکيون هر ماڻهو ۽ هر شيءِ کي ڏسي سگهنديون آهن ۽ اُن پَل هُن سوچيو ته هُو واديءَ ۾ جهاتي هڻي ڏسي سگهي ٿو، جتان دُونهن اُٿي رهيو آهي، جنهن مان ڪوئلي جھڙي بوءِ اچي رهي آهي يا شايد هي بوءِ کوڙ سارن سالن جي وٿيءَ تي ڦھليل آهي، سندس ننڍپڻ جي سالن کان شروع ٿي ڪري، جڏهن سرائيوو جي ٻاهر واديءَ ۾ هُن جو ڳوٺ ٻاڦ ۽ دُونهن سان ڀريل هوندو هو جنهن مان ڪوئلي ۽ ڪچي تيل جي وڻندڙ خوشبوءِ ايندي رهندي هئي، ۽ هي خوشبوءِ ساحلن تائين تمام ڏُکيي سفر جو وچن ڪندي هئي جتي عجيب ۽ غريب ميوا هوندا، جيئن ڪيوي جو ميوو، جنهن کي هُن ڪڏهن چَکيو ته نه هو، پر جنهن کي چَکڻ جو خواب ضرور ڏٺو هو ۽ جيڪو، جيڪڏهن جنگ ختم ٿي وڃي ها ته، اسان جو ملڪ ٻاهر موڪلي ها ۽ هُو اُن جا ٻِج پنهنجي زبان تي رکي چوسي ها. يا شايد هي دُونهن بندوقن مان ۽ هيٺ واديءَ مان سربن جي تباھ ٿيل ٽينڪ تي ڪِري پيل تيل مان اچي رهيو هو. هُن کي پَڪ هئي ته هُو لڳ ڀڳ مري چڪو آهي، ۽ اِن خيال کيس آرام ڏنو، پر اُنهن سڀني جي وچ ۾ هُن کي هڪڙو ٻيو حيران ڪري ڇڏيندڙ احساس ٿيو ته هُو هڪ ٻيو به ساھ کڻي رهيو آهي، خالي، وجود، ڄڻ ڪُجهه به نه جي پوتر گهڻائيءَ مان پيدا ٿيل، شايد ڪائنات جي خالي پَڻي سان ڀَريل، هڪڙي اهڙي سُڪون سان ڀريل جيڪو زنده رهڻ ۽ مري وڃڻ جي ڏُکن کان مُٿاهون هجي. هُن زندگيءَ کان موڪلاڻيءَ واري هِن تمام گهڻي وسيع ڏيک جو لُطف ماڻيو، پر ڪا تمام اهم بنيادي شيءِ اُن منظر ۾ دخل وجهي رهي هئي. هُن کي حَسن جون رڙيون ڪندڙ آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، ”بيهو! او ماڻهوئو، بيهو، بيهو خدا جي واسطي. متان گولي هلايو. ڏسو مون کي ڪهڙي شيءِ ملي آهي!“ هُنن بندوقون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ پوئتي مُڙي ڏٺو. ”هاڻ وري ڇاهي هي؟“ ڪمانڊر پُڇيو. حَسن هڪ ڪاري رنگ جو ڪتاب مٿي کنيو جنهن جون ڪُنڊون ڳاڙهي رنگ جون هيون. ”هڪڙي اسڪائوٽ وٽان سلافي لکت ۾ جديد عهد نامو مليو آهي. ۽ ڏسو، سندس سُڃاڻپ ڪارڊ تي لکيل آهي ته اُن جو نالو ايساد نه بلڪ جووان هو. اُهو ڪوڙي سُڃاڻپ وارو سرب هو. اُن غداري ڪئي آهي اسان سان!“ ”ته؟ سرب هُجڻ جو ڪو مطلب ناهي،“ ڪمانڊر چيو. ”مارڪو به ته سرب آهي، ۽ هو، اُهو اسان جي بهترين جنگجوئن مان هڪ آهي.“ ”سپاهيءَ جي ڳالھ ۾ وزن آهي،“ سارجنٽ چيو. ”تنهنجو ڇا خيال آهي، اسان سان غداري ڪرڻ جو امڪان ڪنهن ۾ وڌيڪ آهي. هِن چَريي ۾ يا هُن ڇوري ۾، جنهن اسان کي پَڪ ڏياري هئي ته سربن هتي ڪو گارڊ به ويهارڻ جي زحمت نه ڪئي؟“ ”ڪنهن نه ڪنهن کي سزا ملڻ گُهرجي. هُو ٻيو ڇوڪرو ته اڳ ۾ ئي مري چڪو آهي؛ هاڻ اُن کي سزا نٿي ڏئي سگهجي.اُٿو، سڌا ٿي وڃو ۽ گولي هلايو! توهان ڪهڙي شيءِ جو…“ ان وچ ۾ ڪيمپ جي هر پاسي کان گولين هلڻ جا آواز ٻُڌڻ ۾ آيا. ان کان پهرين جو اها خبر پئجي سگهي ته انهن گولين جي معنيٰ ڇا هئي، ۽ ان کان اڳ ۾ جو ڪنهن کي لِڪڻ جو موقعو ملي ها، لِڪي هلايون ويندڙ تمام گهڻيون گوليون گُهربل جلادن جي مَٿن ۾ لڳيون ۽ اُهي هيٺ ڪري پيا۔ باقي بچي ويندڙ ماڻهن مان کوڙ سارا زمين تي ليٽي پيا ۽ اُنهن ڇِپُن جي پُٺيان لِڪڻ جي ڪوشش ڪئي،۽ ٻيا ماڻهو گهٻرائجي سربن جي ڇڏيل ڪيمپ ۽ جهاڙين ڏانهن ڀڳا۔پر گرينيڊ ۽ مشين گن سان ٿيندڙ فائرنگ اُنهن مان کوڙ سارن کي پنهنجي اڳين حالت تي واپس اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ حارث اهو سڀ پنهنجي ان جاءِ تان ڏٺو پئي ۽ سندس ڪرائيءَ مان رت وهي رهيو هو. اُن وٺ وٺان کان هُو ڪين ڊِنو؛ هن کي ان ڳالھ جي به پَرواھ نه هئي ته کيس ڪا گولي به لڳي سگهي ٿي. هن کي هي ڳالھ تپرس ڏياريندڙ لڳي ته جيڪو ڪم سندس گيان ۽ ڌيان سان پورو نه ٿي سگهيو هو، تنهن کي سندس مٿي تي لڳل ڌَڪ، تشدد ۽ گولي هڻي ماري ڇڏڻ واري ڊَپ پورو ڪري ڇڏيو؛ يعني هُن جي پوري پاسداري ۽ اطمينان. پوءِ، ڇا دلائي لاما به هر طرح جي ظلمن مان نه گُذريو هو؟ دلائي لاما خود سندس موجود حالت ۾ هجڻ تي ڪيئن محسوس ڪري ها؟ ڇا اُن کي هِن وانگر نِرواڻ ملي وڃي ها؟ سرب سپاهين لڳ ڀڳ ٽن مسلمانن کي گن پوائنٽ تي قابو ڪري ورتو هو. ڪيمپ ۾ گهٽ مان گهٽ ٽي سو سرب سپاهي موجود هئا. اُنهن مسلمانن جون بندوقون کنيون ۽ هڪ جاءِ تي اُنهن جو ڍير ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڏسي ايئن ٿي لڳو ڄڻ باھ ٻارڻ لاءِ هڪڙي دائري ۾ ڪاٺيون گڏ ڪيون ويون هجن. ”ڪٿي آهن توهان جا مُجاهد؟“ تازي شيوِ ڪيل سرب ڪمانڊر پُڇيو، جنهن جا ڳٽا گلابي هئا ۽ فتح جي نشي ۾ چمڪي رهيا هئا. ”ڇا؟ ڪو افغاني ناهي هتي؟“ هُن اوسي پاسي ۾ نظر ڦيرائي ۽ هُن جون اکيون حارث تي اچي بيهي ويون. ”۽ توهان هتي ڪنهن تي پيا تشدد ڪيو؟“ اسان ڏٺو پئي ته توهان هِن کي گولي هڻڻ وارا هئو.“ ”غدار آهي. هي اسان جون خبرون توهان کي ڏئي رهيو هو،“ مرزوءَ چيو. ”نه يار“ سرب ڪپتان اِهو چوندي حارث ڏانهن ويو. ڇا تون اهڙا نيڪ ڪم به ڪندو آهين جن جو انعام هي ماڻهو توکي هتي ڏئي رهيا آهن؟“ ”نه،“ حارث چيو. هاڻ تون انهن جي وَس ۾ ناهين، منهنجا ڀاءُ!آزاديءَ سان ڳالهاءِ.“ هُن حارث جو مَٿو چُميو. ”تنهنجي حالت ڏاڍي خراب آهي. هي وٺ هڪڙو ڍُڪ!“ هُن ريڊ ليبل جوني واڪر جو هڪڙو جڳ مٿي کنيو ۽ حارث جي وات ۾ هاريو ۽ حارث، جنهن پوري ڏينهن ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه پيتو هو، ڍُڪ نِڙيءَ مان هيٺ لاٿو. ”هي ڳالھ! نِڙيءَ مان ڍُڪ هيٺ لاهڻ سان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ماڻهو سُٺو آهي يا نه!“ ڪمانڊر پنهنجي چمڪندڙ چاقوءَ سان، جيڪو ڪنهن خنجر جھڙو هو، حارث جي هٿن تي ٻَڌل رَسي ڪَٽي ڇڏي. حارث جيڪو رَسيءَ جي ڪري وڻ سان لڳ ڀڳ ٽَنگيل هو، هيٺ ڪري پيو. هُن جون ٻانهُون هُن جي چھري کي مٽيءَ کان بچائڻ جي لاءِ چُرپُر ڪرڻ جھڙيون به نه هُيون ۽ هُن جو چھرو آلي مٽيءَ سان وڃي لڳو.هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ هُو بي هوش ٿيڻ وارو هجي، وري ڪڏهن اکيون نه کولڻ جي لاءِ ۽ تمام گهڻي وقت تائين آرام ڪرڻ جي لاءِ پر هُو بي هوش نه ٿيو. هُو پنهنجي نَڪ مان ساھ کڻندو رهيو ۽ اِهو به وساري ويٺو ته هُن جو نَڪ زمين سان لڳو پيو آهي ۽ هُو ساهن وسيلي مٽي به اندر ۾ ڇڪي رهيو آهي؛ ڪجهه مٽي سندس گلي ۾ رُڪجي وئي، ۽ ڪجهه هُن جي نِڙيءَ تائين لهي وئي. هُن پاسو مَٽايو ۽ کنگهيو، ۽ کنگهه سان گڏ هُن جو دماغ ڏَڪي ويو. ”اڙي منهنجا ڀاءُ،“ سرب ڪپتان چيو. ”اسان بدلو وٺنداسين ان جو!“ هُن حارث کي اُٿاريو ۽ پنهنجي ڪوپ ۾ هُن کي پاڻي ڏنو. حارث گُرڙي ڪئي، ٿُڪ اُڇلي ۽ پوءِ پاڻي پيتو. هُن جو نَڪ ۽ هُن جي نظر صاف ٿي وئي. هُن جا باقي ساٿي جنهن خراب حالت ۾ هئا،ان کي ڏسي هُن کي عجب جھڙو احساس ٿيو. هن کي ان ئي فتح جو احساس پنهنجي اندر ۾ محسوس ٿيو جيڪو کيس پنهنجي رائفل جي ڪُنداق تي زور ڏيندي ۽ پنهنجي سنگين هڪ ماڻهوءَ جي پاسراٽين ۾ کُپائيندي محسوس ٿيو هو. هُو سڄي روشني جنهن جو تجربو هُن وڻ سان ٻَڌيل هوندي پئي ڪيو هو، هُن جي روح مان ايئن اُڏامڻ لڳي جيئن صبح جو ڪو بادل هجي، ۽ اتي جيڪو ڪجهه به باقي رهجي ويو هو، ان ۾ معمولي تفصيل، ماڻهن جي ڀورن ڏندن جي وچ ۾ موجود خلا ۽ زمين تي پيل ڪوڪا ڪولا جون خالي بوتلون؛ ۽ اُنهن تفصيلن سان گڏ پُراڻا جذبا هُن جي ذهن تي دَٻاءُ وِجهڻ لڳا. سرب ڪپتان چيو، ”مان تنهنجين اکين ۾ هڪڙي باھ ڏسي سگهان ٿو. ڇا تون هِنن سڀني کي گولي هڻڻ نٿو چاهين؟ مان توکان اِهو اعزاز ڦُرڻ نٿو گُهران. مان توکي هڪ مشين گن ڏيان ٿو ۽ تون هِنن سڀني کي پَرُوڻ ڪري سگهين ٿو. اسان هنن سڀني کي رَسين سان ٻَڌي ٿا ڇڏيون ۽ جڏهن تون کوڙ ساريون گوليون هلائيندين، ته تون هنن مان هر هڪ کي ماري ڇڏيندين! ڇا خيال آ تنهنجو اِن لاءِ؟“ حارث، ڪوبه جواب نه ڏنو. ٻُڌڻ ۾ هي سڀ، ظاهر آهي ته، ڏاڍو ڊيڄاريندڙ هو. جيڪڏهن هُو اِهو چئي ها ته هُو هي سڀ ڪجهه نه ڪندو، ته ڇا خود هُن کي به ماريو ويندو؟ جيڪڏهن هُو ايئن ڪرڻ کان نهڪر ڪندو ته، ڇا هي سڀ ڪجهه ٻيو ڪير نه ڪري سگهندو؟ ڇا اُهي سڀ ماڻهو مري وڃڻ وارا ئي نه هئا ڀلي ڪجهه به ٿي پوي، ۽ پوءِ نيٺ موت ۽ زندگي جي وچ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي؟ جيترو ٿي سگهي ٿو هو ان متعلق سوچي، اوترو ئي هن کي ان ڳالھ جي خواهش ٿيندي ته هُو گوليون هلائڻ جي هي پيشڪش قبول ڪري وٺي، پر ڌم پَد جو هڪڙو شعر هُن کي ياد آيو ۽ هُن جو ڌيان مَٽجي ويو. ”جيئن ڪنهن مڇيءَ کي سندس پاڻيءَ جي گهر مان ڪڍي سُڪل زمين تي اُڇلي ڇڏجي، تيئن اسان جون سوچون به هر پاسي تَڙپندي ڦري رهيون آهن ته جيئن حرص پيدا ڪندڙ موت جي چَنبي مان نڪري سگهن.“ سٺو آهي، منهنجون سوچون!، تڙپنديون رھو، تڙپڻ سٺو آهي، اُن سان انسانن جي جان بچي سگهي ٿي. ”اڙي،“ ڪپتان رَڙ ڪئي، ”هي ماڻهو تنهنجو سوئيس پنير ٺاهڻ وارا هئا، ۽ تون آهين جو هِٻڪين پيو!“ ”توهان کي سچ ٻُڌايان ته، مان ڪنهن کي به گولي نٿو هڻڻ چاهيان.“ ”پر توکي مزو ايندو ان جو، توکي ٻُڌايان ٿو.“ ”هتي تنهنجي ماڻهن مان ڪو به هڪڙو تنهنجو ناهي!؟“ مسلمان ڪمپنيءَ مان سارجنٽ رَڙ ڪئي. ”مان آهيان اُهو ماڻهو جنهن توکي خبردار ڪيو! مون کي گولي نه هڻ!“ ”نيناڊ!، سرب ڪپتان ڳاڙهن ڳٽن واري هڪ سپاهيءَ سان مُخاطب ٿيو،” ڇا تنهنجو ريڊيو ڪنيڪشن هي آهي؟“ ”اڇا ته اهڙو لڳين ٿو تون!“ ڳاڙهن ڳٽن واري خوش ٿيندي چيو. ”سٽيوو، منهنجو خيال هو ته تون مري چڪو آهين. رابطو ڪٽجي ويو هو، ۽ پوءِ ڪنهن اجنبي شخص، مون سان ڳالهايو. مون کي پَڪ هئي ته هنن توکي ماري ڇڏيو آهي! توکي ڏسي خوشي ٿي، يار!“ ”ته تون آهين اسان جو هيرو،“ سرب ڪپتان چيو. ”ٻاهر نڪري اچ، ڀاءُ، خوشيءَ ۾ شريڪ ٿي وڃ!“ حارث سوچڻ لڳو ته هن قصي جي هاڻ سندس لاءِ ڪهڙي اهميت آهي؛ ڇا سرب هاڻ هُن کي به گولي هڻي ڇڏيندا؟ هُن جو ساھ مُنجهڻ لڳو. نيٺ هُن کي به ته بچي وڃڻ پسند هو، کيس بقا پسند هئي، پوءِ ڀلي هُو ڇا به سوچيندو هجي ۽ جنهن ريت به فلاسافي ڪندو هجي. جيڪڏهن هُو فلاسافي نه ڪندو هجي ها ته هاڻ تائين سارجنٽ کي گولي هڻي چڪو هجي ها ۽ زنده رهڻ جي لاءِ آزاد هجي ها. ڪپتان، سارجنٽ کي پنهنجي جڳ مان، جيڪو لڳ ڀڳ خالي ٿي چڪو هو، شراب ڏنو. جلد ئي سارجنٽ سرب سپاهين ۾ گُهلي ملي ويو، اُنهن کي ڀاڪر پائيندي وڏي آواز سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو جڏهن ته ڪپتان جي ويجهو بيٺل حارث خالي نظرن سان گهوريندو ئي رهجي ويو. ”هاڻ اِهو ٻڌاءِ، ته هي ماڻهو تو تي تشدد ڇو ڪري رهيا هئا؟ تو نيٺ اهڙو ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو هو؟“ ڪپتان، حارث کان پُڇيو. ”ٻُڌمت.“ ”سُٺو آ يار!؛ پر تون ايئن ئي بيحال لڳين ٿو جيئن ڪو ڀڪشو هوندو آهي. وَٺ هڪڙو ٻيو به ڍُڪ.“ حارث اسڪاچ جو هڪڙو ٻيو ڍُڪ به ڀريو. هُن جي نظر ٿورڙي ڌُنڌلي ٿي وئي، ڄڻ شراب جي هڪڙي ڍُڪ هُن جي ذهن جون بَتيون ڌُنڌليون ڪري ڇڏيون هجن، ۽ هُن جي لوندڙي ۾ ٿيڻ واري سور، کيس ڄڻ چاقو هڻي ڪڍيو ۽ هُن جي دانهن نڪري وئي. ”ٻُڌ آهين؟ توکي خبر آهي ته مان به ٻُڌمت جو مَڃيندڙ هوندو هئس. پوري هڪ هفتي تائين.“ ”اِها به ته غداري آهي.“ ”اَڇا، ته تو اسان سان رابطو نه رکيو هو، بلڪه تو ڪجهه ڪيو ئي ڪين هو. مذهبي جنوني، مَنحوس بُنياد پرست. توکي هِنن سڀني کي ختم ڪري ڇڏڻ گُهرجي. تنهن کان سواءِ اسان ماڻهو ڪيئن گڏجي هلي سگهنداسين؟ منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن هي ماڻهو ڪنهن صحيح ماڻهوءَ تي تشدد ڪندا هجن ها ته منهنجي به سمجهه ۾ اچي ها، پر تو تي؟ هلو سُٺو، هاڻ مشين گن وٺ ۽ هِنن تي گوليون هلاءِ! مان تنهنجي مدد ڪندس.“ مون کي مزاحمت ڪرڻ گُهرجي، حارث سوچيو، ۽ ٿَڪل ٿَڪل انداز ۾ هُو زمين تي سِڌو ٿي ليٽي پيو. هُن کي زمين سُٺي ۽ سَڏيندڙ لڳي، ۽ هُن ۾ پنهنجون اکيون کولڻ جي سگهه به نه رهي. ”توکي خبر آهي،“ فوجي عملدار چيو ”اها ئي هڪڙي شيءِ آهي جا ٻُڌمت ۾ مون کي پسند آهي. ڏاڍو پُرسُڪون لڳندو آهي، هي.“ حَسن رَڙ ڪئي، ”متان ايئن ڪرين، منهنجا ڀاءُ، مون توکي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي!“ هڪڙو سپاهي، حارث جي ويجهو ئي گوڏن تي ويهي رهيو. کوڙ سارا آواز اُڀريا، ڪجهه مِنٿون ڪندڙ، ۽ ڪجهه حارث تي لعنت ۽ ملامت ڪندڙ. هُن پنهنجي نشاني ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجن اڳوڻن ساٿين تي نشانو ڪيو. هُن جو نشانو ۽ هُن جا ساٿي ڏَڪندي، لُڏندي ۽ اُونداهين ۾ ڦِرندي رقص ڪندي هڪ ئي پاسي نظر اچڻ لڳا. هُن اکيون ڇِنڀيون ۽ جڏهن هُن ٻيهر اکيون کوليون ته هُن کي ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نه آيو. هُن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، وري کوليون، پر هاڻ هُن جي آڏو هڪڙي ڀوري اُونداهي هئي. هر پاسي کان ايندڙ آواز وڌيڪ تيز ٿي رهيا هئا. اُتان کان ٿورو ئي پري هڪ گَرجندڙ آواز آيو، ۽ هڪڙي پل لاءِ هُن سوچيو ته ڌماڪي جا اُهي آواز خود هُن جي مشين گن مان ته نٿا اچن، ۽ هُو جُهڪيو ۽ هن بندوق جي نالِي کي ڇُهي محسوس ڪيو. اُها ٿڌي هئي، کيس سُڪون جو احساس ڏياريندڙ حد تائين ٿڌي، ۽ هُن جي رَت ۾ ڀَريل ٺُونٺن تي هُن جو ڇُهاءُ مَلم جهڙو محسوس ٿي رهيو هو. *** Post Views: 371