ايڊيٽوريل

ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي انساني خدمتن تي مليل ايوارڊ

ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي پاڪستان ۾ طب جي ميدان ۾ عام انسان جي خدمت جي سلسلي جو وڏو نالو آهي. پاڪستان ۾ محترم عبدالستار ايڌي صاحب سان گڏ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جو نالو عام ماڻهو جي خدمت، مدد جي سلسلي ۾ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر مڃيل ۽ مشهور آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي هڪ وڌيڪ بين الاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. اها سندس انساني خدمتن جي مڃوتي آهي. معروف ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي پاڪستان جو اهڙو طبيب آهي جنهن سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ڪراچي تشڪيل ڏنو ۽ اڄ به هو انهيءَ اداري جو سربراهه آهي. گردن جي مريضن لاءِ اهڙي سهولت ۽ اهڙو ادارو نه انهيءَ کان پهرين موجود هو ۽ نه انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو ادارو هن وقت ملڪ ۾ موجود آهي.
طب جي ميدان ۾ اها خدمت پاڪستان جي ماڻهن لاءِ هڪ سهولت آهي، جتي انهن جي گردن جي پيوندڪاري ۽ ڊائلاسز طب جي جديد سائنسي اصولن جي تحت ٿئي ٿي. جڏهن اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هر سال 10 لک کان وڌيڪ مريض SIUT جي سهولتن مان فائدو وٺن ٿا، تڏهن اسان کي ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي ڪم تي فخر ٿئي ٿو. لڳ ڀڳ 20 سال اڳ انهيءَ اداري جگر جي ٽرانسپلانٽ جو ڪم به متعارف ڪرايو، پر انهيءَ جو بنيادي ڪم ڊائلاسز ۽ گردن جي پيوندڪاري آهي. ڊاڪٽر اديب 11 سيپٽمبر 1938 تي پيدا ٿيو. هن ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي سند حاصل ڪئي ۽ سرجري جي اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه ويو. پر ڪي ماڻهو مختلف هجن ٿا. ڊاڪٽر به گهڻائي آهن، اسپتالون به گهڻيون آهن ۽ طب سان لاڳاپيل ادارا وفاق توڙي چئني صوبن ۾ به گهڻائي ۾ آهن، پر هڪ به ادارو اهڙو ناهي جنهن کي اسين SIUT جي سامهون بيهاري سگهون. ڊاڪٽر صاحب سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ڪراچي جو بنياد رکي دراصل پنهنجي زندگي کي لاڳيتو خدمت ۽ محنت جي حوالي ڪيو آهي. اهڙي زندگي جيڪا بني نوع انسان لاءِ وقف ٿي چڪي آهي. جڏهن پاڻ SIUT جو ادارو ٺاهيائون ته کيس تمام گهڻا عطيا مليا. ڊاڪٽر صاحب يقينن هڪ ڪرشمه ساز شخصيت آهي. 8 بسترن جي وارڊ سان هن پنهنجي مشن جو آغاز ڪيو. هن پنهنجي چوڌاري نوجوان ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم جمع ڪئي، جنهن جو مقصد هڪ ننڍي وارڊ کي عظيم الشان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ تبديل ڪرڻ هو ۽ هر مريض جو ان جي عزتِ نفس مجروح ڪرڻ بغير مفت علاج ڪرڻ هو. اڄ اهو ميڊيڪل ڪامپليڪس سڄي پاڪستان جي گردن جي مريضن جو آسرو ۽ اميد آهي.SIUT جو شمار دنيا جي اعليٰ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ ٿئي ٿو. اها 6 منزلا جديد عمارت جنهن ۾ 300 بسترن جو انتظام آهي. انهيءَ ڪامپليڪس ۾ جديد آپريشن ٿيٽر، ليڪچرز هال، او پي ڊي وغيره جي سهولتن سان گڏ هڪ جديد آڊيٽوريم به تعمير ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته گردن جي ڪينسر جي علاج لاءِ حنيفه ٻائي حاجياڻي ڪامپليڪس تعمير ٿيو آهي.
هن سڄي پسمنظر ۾ کيس هميشه ملڪي توڙي بين الاقوامي مڃتائون ۽ ايوارڊ پئي مليا آهن، پر تازو کيس آمريڪن يورولاجيڪل ايسوسئيشن طرفان طبي ميدان ۾ خدمتن جي ڪري هيومنيٽيرين ريڪگنيشن ايوارڊ 2024 (Humanitarian Recognition Award 2024) سان نوازيو ويو آهي. ڊاڪٽر اديب رضوي کي اهو ايوارڊ سندس انساني خدمتن جي نتيجي ۾ مليو آهي، ڇاڪاڻ جو هن نه صرف پاڪستان جو، پر جنوبي ايشيا جو سڀ کان وڏو پبلڪ هيلٿ ڪيئر اداروSIUT قائم ڪيو آهي، پر اتي گردن جي مريضن جو مفت علاج هڪ وڏي سهولت آهي، جنهن مان پاڪستان جا 10 لک ماڻهو هر سال فائدو وٺن ٿا. ٿورا ئي ماڻهو آهن، جيڪي عام ماڻهو جي زندگي ۾ سهولتون پيدا ڪرڻ لاءِ جيئن ٿا. ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي اهڙن شخصن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي زندگي پاڪستان جي غريب ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.