گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي. جيئن ته اسان جو ملڪ معاشي، مالي ۽ سياسي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن ڪاروبار جي ترقي جون نشانيون نه صرف اسان جي مالياتي ماهرن کي به سٺيون لڳنديون هونديون ۽ اسين پاڪستان جو عوام ته چاهيون ئي اهو ٿا ته ملڪ جون معاشي ۽ مالي حالتون بهتر ٿين. جڏهن به اسين اهڙا عمل ڏسون ٿا ته انهيءَ جي تحسين ڪريون ٿا.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ تيزيءَ کي ويجهڙ ۾ ٻن تناظرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هڪ ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان ٽين قسط لاءِ ايگريمينٽ ٿي ويو آهي. هاڻي صرف آءِ ايم ايف جي بورڊ جي منظوري رهيل آهي. اميد آهي ته هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي آخري قسط پاڪستان کي هن مهيني جي آخر ۾ ملي ويندي. ملڪ جو وزيراعظم سعودي عرب جي دوري تي آهي، سعودي عرب جيئن ته اسان جو ديرينا دوست ملڪ آهي ۽ پاڪستان جي هر طرح جي مدد ڪندڙ ملڪ آهي. هينئر به سعودي عرب پاران تمام وڏي رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ ڊپازٽ ٿيل آهي ته جيئن اسان جي ادائگين جو توازن بهتر رهي. سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستاني وفد جنهن جي سربراهي وزيراعظم ميان شهباز شريف ڪري رهيو آهي، جو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو آهي. انهن ٻنهي تناظرن جي ڪري اسين اهو سمجهون ٿا ته اسان جو واپاري طبقو ۽ سرمائيڪار مطمئن ٿيا آهن، تڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ پنهنجي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي پهتي آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي ته انهيءَ 69 هزار پوائنٽس جي حد کي پار ڪيو آهي. اهي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اسان جو ملڪ بهتري طرف وڃي رهيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هڪ شاندار تاريخ رهي آهي. حصص بازار جو پاڪستان جي ڪاروبار ۾ وڏو عمل دخل آهي ۽ اهو اسان جي ترقيءَ جي نشانين کي به ظاهر ڪري ٿو.
18 سيپٽمبر 1947 تي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو قيام ٿيو، يعني پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي هڪ مهيني اندر اسان تڏهوڪي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پنهنجي حصص بازار قائم ڪري ورتي. اسان جو ملڪ لاهن چاڙهن مان ته گذرندو رهيو آهي، پر اسان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اهڙو ڪوبه ڪاروباري ڏينهن ڪونهي، جڏهن شيئرز جو ڪاروبار نه ٿيندو هجي. اڳتي هلي ائين به ٿيو ته لاهور اسٽاڪ ايڪسچينج پاڪستان جي ٻئي وڏي شهر لاهور ۾ واقع آهي. اها پاڪستان جي ٻي وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ رهي آهي. ائين اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج به 1989 ۾ قائم ٿي، پر مرڪزي سرڪار 11 جنوري 2016 تي هڪ فيصلي تحت ملڪ جي ٽنهي مارڪيٽن کي ملائي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو بنياد رکيو. جنهن جي آفيس ڪراچي ۾ آهي. سڄو ملڪ انهيءَ سان ڪاروبار ڪري ٿو. نه صرف ملڪ، پر دنيا ۾ ڪٿي به ويهي توهان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سڌو ڪاروبار ڪري سگهو ٿا. سرمائيڪاري ڪري سگهو ٿا، شيئرز جي خريد و فروخت ڪري سگهو ٿا.
اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته اسٽاڪ ايڪسچينج پنهنجي تاريخ ۾ پهريون دفعو پنهنجي ئي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪاروباري تجربي ۾ پهريون دفعو 69 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪئي آهي. اسين اها به ڳالهه ڪندا هلون ته ان ڏينهن ڪاروبار 68 هزار 965 پوائنٽس تي بند ٿيو هو. 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ قائم حڪومت لڳي ٿو ته پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ نئون وزير خزانه لڳي ٿو ته ماليات ۽ واپار جي باريڪين کي سمجهي ٿو ۽ اسان کي اميد آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي مالي ۽ معاشي مسئلن مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.