ايڊيٽوريل

ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 10 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري

نگران وفاقي ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ 7 منصوبن بابت مفاهمي يادداشتنامن جي منظوري ڏني آهي. موجود وقت ۾ اهي ملڪ ۽ قومون ترقي ڪري رهيون آهن، جيڪي واپار کي اوليت ڏئي رهيون آهن ۽ سرمائيڪاري جي طرف آهن. اسين جيئن ته سال 2023 ۾ پنهنجي معاشي ۽ مالياتي مسئلن کي آسان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ دنيا اسان تي اعتبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اها خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي، جو هن موقعي تي ملڪي ترقيءَ لاءِ اسان کي سرمائيڪاري گهرجي، منصوبا گهرجن، روزگار گهرجي، جيئن اسين معاشي ۽ مالياتي طور دنيا سان گڏ هلي سگهون. ڪويت سان جيڪا 7 سرمائيڪاري منصوبن جي يادداشتنامي جي منظوري اسان جي نگران وفاقي ڪابينا ڏني آهي. انهن منصوبن ۾ پاڻي جي ذخيرن جي توسيع ۽ معدنيات جي ڳولها ۾ سهولتن جي فراهمي، سامونڊي ساحلي علائقن ۾ مينگروز جي ٻيلن جي حفاظت ۽ توسيع، آئي.ٽي جو شعبو ۽ خوراڪ جي بهتر پيداوار جو منصوبو به شامل آهي. اسان وٽ خصوصي سرمائيڪاري ڪائونسل (SIFC) وجود ۾ اچي ويو آهي. جنهن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ايپڪس جي اجلاس ۾ سرمائيڪاري جي ماحول کي بهتر بنائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ ملڪ جي معيشت جي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سرمائيڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿي. انهي ڪائونسل جي ڪري ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سرمائيڪاري جي ماحول کي بهتر بنائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ جي مالياتي ۽ معاشي حالت بهتر ٿي سگهي. ملڪ کي جيئن ته ماليات ۾ بهتري جي ضرورت آهي ۽ اسان کي چين کان سي پيڪ جي صورت ۾، سعودي عرب کان آئل ريفائنري کان وٺي سرمائيڪاري جي ڪجهه وڌيڪ ميدانن ۾ يونائٽيڊ عرب عمارات کان زراعت جي شعبي ۾ سال 2024 جي پهرئين ٽماهي ۾ وڏي اميد آهي ته اسان کي پاڪستان جي تاريخ جي وڏي سرمائيڪاري ملندي ۽ اسانجا مالي ۽ معاشي حالات بهتر ٿيندا. سڀ کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته اسانجي نوجوانن لاءِ روزگار جا وسيلا کلندا. اسان جي ملڪ جي معيشت جو بنيادي شعبو زراعت آهي، جنهن سان 60 سيڪڙو آبادي لاڳاپيل آهي. انهيءَ ۾ جيڪڏهن اسان کي بين الاقوامي تعاون ملي ٿو ته زراعت جي ترقيءَ ۾ اسان دنيا جي اهم ملڪن ۾ هونداسين. ايس آئي ايف سي اهڙو ادارو آهي، جنهن تي اسانجي رياست متفق آهي ۽ اسين دنيا جي سرمائيڪاري لاءِ جيڪي سهولتون ڏئي سگهون ٿا، اهي ان اداري جي معرفت سولائي سان ڏئي سگهنداسين. دنيا جا سرمائيڪار هڪ پُرامن ماحول چاهيندا آهن، جتي اهي سرمائيڪاري ڪن، جنهن سان ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي. اسانجي ملڪ جي ماضي جي تاريخ ملڪي سرمائيڪار، توڙي غير ملڪي سرمائيڪار لاءِ ڏاڍي ڏکي رهي آهي. اسان جو عدالتي نظام به ان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو رهيو آهي، جيئن سپريم ڪورٽ جو رڪوڊڪ منصوبي تي فيصلو، جڏهن اهو مسئلو بين الاقوامي عدالت ۾ طئي ٿيو ته اسان کي اربين ڊالر ڏنڊ جي صورت ۾ ڀري ڏيڻا پيا. هاڻي ايس آئي ايف سي اهو فيصلو ڪيو آهي ته بين الاقوامي سرمائيڪارن کي ون ونڊو آپريشن تحت جيڪي به اجازت ناما ۽ ٻي ضروري ڪاغذي ڪارروائي، هڪ ئي جاءِ تي فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن لاءِ انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انهن جا ترقياتي منصوبا جن ۾ انهن سرمائيڪاري ڪئي آهي، آساني سان هلندا. اهي ٻنهي ملڪن لاءِ منافعي بخش ٿيندا ۽ هر ملڪ پنهنجي پنهنجي حصي جي منافعي ۽ اصل جو حقدار هوندو. سرمائيڪار کي جيڪڏهن يقين نه هوندو ته اهو سرمائيڪاري نه ڪندو. هو انهن ملڪن ۾ وڃي سرمائيڪاري ڪندو جتي امن امان آهي ۽ ان جي واپار کي ۽ صنعتي منصوبن کي تحفظ حاصل آهي. ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرمائيڪاري جون اهي 7 يادداشتون انهيءَ ڳالهه جون شاهد آهن ته اسانجي ايس آئي ايف سي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنهن جو نتيجو مختلف ايم او يوز جي ذريعي سامهون اچي رهيو آهي. جيئن ته ايس آئي ايف سي جهڙي اداري جي قيام کانپوءِ اسان وٽ سرمائيڪاري جو نئون جهان آباد ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرمائيڪاري جا 7 منصوبا انهيءَ جا شاهد آهن. سال 2023 جي پڇاڙي ۽ سال 2024 جي پهرين ٽماهي ۾ اسان کي يقين آهي ته پاڪستان ۾ بين الاقوامي سرمائيڪاري جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ معيشت جو ڦيٿو ڦري پوندو، روزگار جا ذريعا کلي پوندا ۽ ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي حالت بهتري طرف ويندي.