اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اقرباپروري جي ڪري تعليم جو زوال
دنيا جي ترقي ڪرائڻ ۾ جيڪو شعبو اهم آهي اهو شعبو تعليم جو آهي. هڪ تعليم يافته فرد جو قومي ڪردار انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن اسانجي ملڪ کي ترقي ڏانهن وک وڌائڻي آهي ته ملڪ کي جديد تعليمي ماهرن ۽ شاگردن جي ضرورت پوندي، ملڪ ترقيءَ جي راهه تي هلي پوندو، پر اسان کي اهو ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ تعليمي ادارا ته گهڻا آهن، پر انهن جي تعليم دنيا جي جديد تعليم سان مقابلو نٿي ڪري، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سائنسي تعليم ۾ مقابلو ڪرڻ وارا شاگرد پيدا نه پيا ٿين. تازو ملڪ جي اعليٰ عدالت جو معزز چيف جسٽس محترم قاضي فائز عيسيٰ جيڪو پنهنجي فرائض سان گڏ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف گورننس جو هڪ ميمبر آهي، انهيءَ يونيورسٽي ۾ هڪ ميٽنگ دوران يونيورسٽي جي تعليم ۽ اتي ٿيندڙ اقرباپروري جي نشاندهي پڻ ڪئي. پاڻ صدر مملڪت، چيف جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ، چيئرمين هائر ايجوڪيشن ڪميشن، سيڪريٽري وزارت وفاقي تعليم ۽ ٻين ڏانهن لکيل خط ۾ اهم سوال اٿاريا آهن، ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي جو چيف جسٽس آف پاڪستان اهو لکيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي کي 17 جون 2020 تي ٽن مهينن لاءِ عارضي طرح نائب صدر ايڊمن جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. پر پوءِ ان ۾ بار بار واڌ ڪري 3 سال ۽ 5 مهينن تائين هن کي نوڪري ڪرڻ ڏني وئي. اقرباپروري جي ڪا حد ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسانجي يونيورسٽين جو اهو حال آهي ته اهي صرف چند فردن جي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا آهن. جڏهن ڪنهن به تعليمي اداري جي ترجيح فرد ٿي وڃن ته پوءِ تعليم پوئتي رهجي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو اسانجون يونيورسٽيون دنيا جي يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل آهن. دنيا جي ٻه سئو يونيورسٽين ۾ به اسانجي ڪابه يونيورسٽي شامل ڪونهي. سبب ان جو اهو آهي ته اسان جي ترجيح جديد تعليم نه آهي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ آئي.ٽي جي تعليم ته ڄڻ پري جي ڳالهه آهي. اسان وٽ پنهنجي ذاتي مراعات لاءِ وڌيڪ زور آهي. اها سوچ جيڪا تعليم ۽ سائنس لاءِ هجڻ گهرجي اها شخصي مفادن لاءِ استعمال پئي ٿئي. نقصان ملڪ جو به آهي ۽ انهي شاگرد جو به جنهن کي هن دور ۾ جديد تعليم پرائڻ جو حق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. اسين زرائع ابلاغ جي وسيلي جڏهن اهڙيون خبرون پڙهون ٿا ته پريشان ٿيون ٿا ته هڪ ڊي ايس پي ڪراچي ۾ هڪ ڌاڙي ۾ ملوث هجي، اهو ته صرف هڪ مثال آهي. معاشري ۾ پڙهيل لکيل آفيسرن جي روپ ۾ کوڙ ڌاڙيل عوام کي ڦرين پيا. ڇا ملڪ جون يونيورسٽيون اهڙا شاگرد پيدا ڪن ٿيون جن جي اخلاقيات اهڙي ڪِريل هجي. اسان کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي تعليمي ادارن کي علم ۽ تعليم لاءِ وقف ڪرڻو پوندو. ان لاءِ انهن ادارن لاءِ اهل سربراهه مقرر ڪرڻا پوندا، جيڪو ڪم حڪومت جو آهي. اسانجا تعليمي ادارا علم جو ڦهلاءَ نٿا ڪري سگهن، انهيءَ ڪري ئي اسان وٽ ميرٽ جي لتاڙ آهي، اقرباپروري آهي. اسان وٽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا جي لاءِ ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ جا پيپر پهرين ليڪ ٿي وڃن ٿا، سفارش تي نوڪريون به انهن کي مليو وڃن جن کي نوڪري جي درخواست لکڻ به نه ٿي اچي. جيئن تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميونسپل آفيسرن جي چونڊ ۾ ڪيو آهي، جنهن جي خلاف پٽيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. ڪورٽ سڳوري (SPSC) جي پاس ڪيل اميدوارن کي گهرائي عام رواجي ٽيسٽ وٺي ته اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا. جيڪڏهن اسانجا تعليمي ادارا سفارش، نااهلي ۽ اقرباپروري جو مرڪز هوندا ته پوءِ ڪهڙو قابل استاد دل سان تعليم ڏيندو ۽ ڪهڙو محنتي شاگرد دل سان پڙهندو، جڏهن اهي ڏسن ٿا ته ميرٽ جي لتاڙ پئي ٿئي ته پوءِ انهن جي دل ٽٽي پوندي. معزز چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو مثال ڏئي اسانجي تعليمي ادارن ۾ اقرباپروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ کي اسان سڀني جي سامهون آندو آهي. جج صاحب اهڙي منصب تي آهي جو انهيءَ اقرباپروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو سدِباب ڪري سگهي ٿو، صرف نشاندهي ڪرڻي آهي ته پوءِ ان لاءِ ميڊيا ڪافي آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ملڪ جي نگران وزيراعظم ۽ سڀني صوبن جي وزيراعليٰ ۽ تعليمي وزيرن کان ته اهي سندن سربراهي ۾ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ اقرباپروري ۽ ناقص نظامِ تعليم تي نظر وجهن ۽ اهڙن سڀني عملن تي في الفور پابندي وجهن جتي اقرباپروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي هجي. اسانجي تعليمي ادارن جن جو بنيادي فرض تعليم جي فراهمي آهي. اسانجو ملڪ ناقص نظامِ تعليم کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي عروج بخشڻو آهي ته اقرباپروري جو خاتمو ڪرڻو پوندو ۽ تعليم متعلق ميرٽ تي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ واري ڪڌي ڪم ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏئي ٻين لاءِ مثال قائم ڪرڻ پوندو.

