بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان قيادت جي گُهر

پيپلز پارٽي جي چيئرمين طرفان هڪ نئون سياسي بحث شروع ڪرايو ويو آهي، جنهن جو اظهار هو مختلف جلسن جي دوران ڪري رهيو آهي ته جيڪي سياسي اڳواڻ 70 سالن کان مٿي عمر جا آهن، اهي بابا هاڻي گهرن ۾ ويهي آرام ڪن ۽ نوجوان قيادت کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏين. اسانجي ملڪ ۾ 60 سيڪڙو ووٽر 35 سالن کان ننڍي عمر وارا آهن. انهن کي نوجوان چئي سگهجي ٿو. خود چيئرمين پ پ به 35 سال جو نوجوان آهي ۽ خبر ناهي ته هو ڪهڙي تناظر ۾ اها ڳالهه ڪري رهيو آهي. ڇو ته سندس والد جي عمر پڻ 70 سال جي لڳ ڀڳ آهي. سندس انهيءَ بيان جو اثر يقين ان تي به پوندو. محسوس ائين ٿو ٿئي ته چيئرمين پ پ پارٽي بلاول ڀٽو زرداري هن وقت اها ڳالهه ڪري پنهنجي ذاتي پسند جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ سندس والد کي انهيءَ بيان ذريعي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هاڻي مهرباني ڪري پارٽيءَ کي هلائڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو وڃي. ان ۾ ڪا خراب ڳالهه به نه آهي. نون ليگ پڻ مريم نواز جي روپ ۾ جوان قيادت کي سامهون آڻي رهي آهي. اهي ملڪي سياست لاءِ سٺا سنئوڻ آهن. نوجوانن جي مسئلن کي يقينن نوجوان قيادت بهتر سمجهي سگهي ٿي ۽ انهن جي مسئلن جا بهتر حل به ڏئي سگهي ٿو. جيڪو شايد عمر رسيده ماڻهو انهي نموني سان نه ڪو سمجهي سگهندا نه ڪو حل ڪري سگهندا. صرف اهو چوڻ سان ته نوجوان قيادت کي اڳتي اچڻ ڏيو ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا، پر انهيءَ سان گڏ انهيءَ نوجوان قيادت کي ملڪ جي ڀلائي لاءِ ۽ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجن لفظن کي طاقت بخشڻ لاءِ پاليسيون ڏيڻ به ضروري آهن ته ايندڙ حڪومت ۾ ملڪ جي اها نوجوان قيادت ڪهڙيون آسانيون فراهم ڪندي. هن وقت ملڪ کي ۽ نوجوان طبقي کي سڀ کان وڌيڪ سائنسي تعليم جي ضرورت آهي، جيڪا کيس اڳتي هلي بهتر ۽ روشن مستقبل فراهم ڪندي، جيڪا اسانجي ملڪ ۾ نوجوانن تائين گهٽ پهچائي وئي آهي. روزگار جا ذريعا تمام گهٽ پيدا ڪيا ويا آهن، ڇو ته انهن جي لاءِ پلاننگ نظر نه آئي آهي. نيون صنعتون لڳائڻ تمام ضروري آهي. ان لاءِ نوجوان قيادت وٽ ڪهڙيون تجويزون آهن. ڇو ته اسان وٽ صنعت لڳائڻ جي لاءِ بجلي، گئس ۽ ٻارڻ جي ضرورت آهي. جيڪو هن وقت ملڪ ۾ تمام گهڻو مهانگو آهي ۽ وياج جي شرح جيڪا ڪنهن زماني ۾ 6 سيڪڙو هئي، هن وقت 22 سيڪڙو آهي. انهيءَ تناظر ۾ ڪنهن به نئين صنعت جو لڳڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ مشڪل نظر اچي ٿو. نوجوان نسل کي اهو پڻ شعور ڏنو وڃي ته ملڪ جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ وسيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن نوجوان نسل انهيءَ خطري کي محسوس نه ڪيو ۽ مذهبي ماڻهن جي چوڻ تي آبادي کي وڌائيندو رهيو ته ڪجهه وقت کانپوءِ ملڪ جي بقا خطري ۾ اچي ويندي. قانوني پابندي لڳائڻ کانسواءِ بنگلاديش آباديءَ کي روڪڻ جو ڪيڏو نه بهترين مثال قائم ڪيو آهي، جنهن جي آبادي 1 پرسنٽ جي رفتار سان وڌي ٿي. هن وقت ان جي آدمشماري 16.7 ڪروڙ آهي. جڏهن ته اسانجي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. اهو نقطو پڻ پنهنجي اليڪشن مهم ۾ سڀني کان مٿي رکيو ويندو. اسين سمجهون ٿا ته نوجوانن جو حصو ملڪ جي آبادي ۾ گهڻو آهي ۽ انهن جا مسئلا به وڌيڪ آهن، پر انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پڻ نوجوان قيادت سامهون اچي ۽ نوجوان ووٽر پڻ انهن کي ووٽ ڪري، پر تنقيد ۽ مزاح کان هٽي ڪري جيڪا صرف بيانن تائين محدود آهي. عملي ڪم ڪرڻ لاءِ واضح پاليسيون کڻي اچي ۽ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ انهن تي عمل ڪري ڏيکاري ته جيئن اها قيادت هن ملڪ جون واڳون هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڀالي هن ملڪ کي هڪ نئون ۽ روشن مستقبل ڏئي سگهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments