ايڊيٽوريل

انسانيت کان پري ٿيندڙ سنڌ جو سماج

انسان کي سماجي جانور پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو ته انسان جون ضرورتون، جبلتون ۽ ڪيتريون ئي خاصيتون جانورن سان ملن ٿيون، پر انسان سکڻ جي عمل ۽ سوچ کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري جانورن کان اتم آهي. ان انسان ٻين انسانن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ پيار ڪرڻ وارو سماج ٺاهيو آهي، جنهن ۾ هر انسان چاهي ڪمزور هجي يا ڏاڍو، علم وارو هجي يا لاعلم، عورت هجي يا مرد، ٻار هجي يا پوڙهو سڀ گڏجي انهيءَ ٺهيل انساني سماج ۾ آرام واري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جڏهن اسان سنڌ جي سماج کي ماضيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ان سماج اندر انهن ڳالهين جي اپٽار اسان کي ٻين سماجن کان بهتر نظر اچي ٿي. سنڌ جي آڳاٽي سماج ۾ عورت کي ديوي جو درجو ڏنو ويندو هو ۽ وڏي عمر جي ماڻهن سان انتهائي عزت ۽ احترام وارو رويو رکيو ويندو هو، ننڍن ٻارن سان پيار ۽ شفقت سنڌي سماج جو اعليٰ شعار هو. پاڻ کان وڏي عمر واري جو احترام ڪرڻ، ڳالهه ٻولهه ۾ اخلاقيات کي برقرار رکڻ ۽ اگر ڪنهن ڳالهه تان ڪا تلخ ڪلامي ٿي هجي ته ان کي به ڪنهن وڏي وٽ ويهي حل ڪرڻ ته جيئن ان مان جهيڙي جو انديشو ختم ٿي وڃي. مطلب پرامن پيار وارو مهمان نواز با اخلاق برداشت وارو سماج سنڌ اندر موجود هو، پر اڄ جي حالتن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهڙي سماج جون ڳالهيون اسان کي صرف ڪتابن ۾ ملي رهيون آهن. هن وقت لڳي ٿو ته سنڌي سماج ۾ تمام گهڻي ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو اخلاقي پستيءَ جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪوبه حصو اهڙو نظر نٿو اچي جتي روز ڪو نه ڪو انساني الميو جنم نه وٺندو هجي ۽ انسانيت شرمسار نه ٿيندي هجي. حقيقت ۾ سنڌ جو سماج پنهنجي سڀني خوبين کان وانجهيل ٿيندو وڃي يا ٿي چڪو آهي. ننڍي وڏي جي عزت هجي، ڳالهائڻ جو لب و لهجو هجي، لفظن جي چونڊ هجي، برداشت هجي، اخلاقيات هجي اهي سڀ شيون غائب ٿيندي نظر اچن ٿيون. اخبارن ۾ اهڙي قسم جون خبرون روز جو معمول بڻيل آهن. صرف ڪالهوڪي اخبار ۾ اهڙي عدم برداشت جي رويي جا مثال خبرن جي روپ ۾ موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته پرامن سنڌ جو ماڻهو خبر ناهي ته ايترو اذيت پسند ڇو ٿي چڪو آهي جو خون ڏسي کلي ٿو. دنيا جو وڏي ۾ وڏو گناهه قتل آهي ان کي ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي ۽ اهو به معمولي ۽ ڇسين ڳالهين تي. ٺٽي ۾ معمولي ڳالهه تان ساڳي برادريءَ جي جهيڙي ۾ ٻه ماڻهو مري ويا ۽ ٻه شديد زخمي ٿيا. سانگهڙ ۾ هڪ پيرسن جو دڪاندار جي هٿان قتل، سبب اي سي جو ريموٽ هو. ڪوٽڏيجي ويجهو هڪ ٻارڙي کي کجور جي ٻه ٽي ڳڙين کڻڻ تي زميندار طرفان مارڪٽ ۽ ان کي مارڪٽ کان بچائڻ لاءِ ايندڙ سندس پيءُ کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي قتل ڪيو ويو. هي آهي اسان جي سنڌ جي سماج جو اڄ جو رنگ. جهنگ ۾ رهندڙ جانور به اهڙو ظلم نه ڪندا آهن. فطري طور تي جيڪي خونخوار درنده آهن جن جو گذران صرف گوشت تي آهي اهي به ان وقت شڪار ڪندا آهن جڏهن انهن کي بک لڳندي آهي، پر انساني سماج اندر اهڙي قسم جا انسانيت سوز واقعا هر ڏينهن ٿي رهيا آهن، انهن جي سببن تي ڪير غور ڪندو؟ انهن جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو؟ ماڻهو کي ماڻهو مارڻ کان ڪير روڪيندو؟ اهي اڄ جا وڏا سوال آهن.
شايد ان جا سبب نفسياتي ۽ معاشي به آهن. ڇو ته هر ماڻهو هر روز غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي پنهنجي لڪير کان هيٺ ڪرندو ٿو وڃي ۽ ان جون سماجي ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن جنهن جي ڪري هو نفسياتي مرضن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي ۽ نتيجي ۾ روز ڪيترائي نفسياتي مريض پنهنجي روين سان سماج جي بگاڙ جو اظهار ڪن ٿا. ان جي لاءِ اسان جي حڪومتن کي، سماجي سائنسدانن کي غور ڪرڻو پوندو ته انهن روين کي ڪيئن روڪجي ۽ سماج کي پستيءَ ۾ ڪرڻ کان ڪيئن بچائجي. ڇو ته اسان وٽ انفرادي طور تي هر فرد ۽ اجتماعي طور تي پوري قوم بيحسي جو شڪار آهي. ادارا پنهنجو ڪم نه ڪري رهيا آهن، حقدار کي حق نه ملي رهيو آهي ۽ معاشري ۾ سماجي اڻبرابري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ان کي روڪڻ جي لاءِ رياستي ادارن کي جلدي سان قدم کڻڻو پوندو. نه ته هي سماج رهڻ جي قابل نه رهندو ۽ هتي پوءِ ڪير به محفوظ نه هوندو. چاهي اهي ماڻهو اشرافيه جا ئي ڇو نه هجن. اسان کي پنهنجي پراڻن سماجي قدرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳولڻ جي ضرورت آهي، انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ماضيءَ ۾ اسان ڪيئن پرامن طريقي سان پنهنجو سماج جوڙيو هو ۽ ان جي ڀڃ ڊاهه جي سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.