پاڪستان جيئن ته عالمي مالياتي فنڊ سان 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام جي سلسلي ۾ آئي ايم ايف جي ڏکين شرطن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ وڏي وقت کان اسان سان مالي وهنوار جاري رکيو آهي. موجود وقت ۾ آئي ايم ايف جي مالياتي پئڪيجن اسان جي گهڻي مدد ڪئي آهي، انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان جي مالياتي نظام کي ڏيوالپڻي جو خطرو هو، تڏهن اسانجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آئي ايم ايف سان گڏ ٻين عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جي بروقت مدد سان ملڪ مالي ڏکيائين مان نڪري آيو آهي ۽ ترقيءَ جي راهه تي هلي رهيو آهي. مالياتي ادارن جا شرط ڏکيا هوندا آهن ۽ اسان جو ملڪ انهن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
موجود وقت ۾ جيئن ته سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو لابارو ٿي رهيو آهي. هميشه صوبائي سرڪارون ڪڻڪ جي خريداري امدادي قيمتن تي ڪنديون آهن. انهيءَ جي ڪري اسانجي آبادگار ۽ هاريءَ کي سڌو فائدو پهچندو رهيو آهي، پر موجوده آئي ايم ايف پئڪيج ۾ پاڪستان کي آئي ايم ايف کي تحريري يقين ڏيارڻو پوندو ته صوبا ڪڻڪ جي خريداري ۾ مداخلت نه ڪندا. انهيءَ ڪري موجوده فصل ۾ صوبائي سرڪارون ڪڻڪ جون خريدار ناهن ۽ آبادگار پنهنجو فصل واپارين کي وڪڻي رهيا آهن. انهيءَ ڪري هن سال آبادگارن کي اهي قيمتون نه ملي رهيون آهن، جيڪي اڳ صوبائي سرڪارون آبادگارن کي ادا ڪنديون هيون. آبادگار ۽ هاري انهيءَ شرط جي ڪري ڳري نقصان هيٺ اچي ويا آهن. ملڪ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ آبادي 64 سيڪڙو کان مٿي آهي ۽ انهن جي زندگيءَ جو دارومدار زرعي آمدني تي آهي. جيڪڏهن عالمي مالياتي ادارا اسانجي زراعت ۽ صنعت کي نقصان ڏئي رهيا آهن، تڏهن وفاقي حڪومت ۽ خزاني واري وزارت کي بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان کلي ڳالهائڻ گهرجي. انهن جا سڀ شرط مڃڻ مناسب ڪونهن. هتي اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته عالمي مالياتي فنڊ جائيداد جي وڪري تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو اهڙي درخواست ڪئي هئي ته جائيداد جي وڪري جي ٽيڪس کي ساڳيو رهڻ ڏنو وڃي، پر عالمي مالياتي اداري اها درخواست رد ڪري ڇڏي. اها به حقيقت آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ جا قرض ڏيڻ جا پنهنجا شرط آهن، پر آئي ايم ايف تي تنقيد ڪندڙ انهيءَ کي بين الاقوامي پوليس جهڙو سمجهن ٿا. ماليات ۾ فيصلا ڪڏهن ماڻهن جي گهڻائي لاءِ بهتر نه ٿا هجن. جڏهن اهي چون ٿا ته سرڪار پنهنجا خرچ گهٽائي ته انهيءَ سان عوامي سهولتن ۾ گهٽتائي اچي ٿي. وڌ ۾ وڌ قومي ادارن کي خانگائڻ جي عمل تي زور ڏيڻ سان ملڪ جون صنعتون ۽ سفري سهولتون متاثر ٿين ٿيون. انهن شرطن جي باوجود اسان جو ملڪ سال 1958 کان وٺي آئي ايم ايف سان مالياتي وهنوار ڪري رهيو آهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ اسانجي وقتائتي مدد پڻ ڪئي آهي. موجوده پروگرام لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ اهو چوي ٿو ته پاڪستان پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي رستي تي هلڻ گهرجي. اهو ملڪ جي رياستي ملڪيتي ادارن ۽ انتظامي معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. آئي ايم ايف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ ۾ مدد وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. آئي ايم ايف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڦهلاءُ جي حق ۾ آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڌو سنئون غريبن جي مدد جو پروگرام آهي، موجود 7 ارب ڊالر جي پئڪيج جي دوران آئي ايم ايف ٽيڪس جي وصولي تي زور ڏئي رهيو آهي. آئي ايم ايف هن کان پهرين ٽيڪس جي مد ۾ ڪيل درخواستن کي نه مڃيو آهي. سڀ اهو چاهين ٿا ته ٽيڪس جو نظام بهتر ٿيڻ گهرجي، اسانجي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ٽيڪس جي وصولي جي نظام تي آئي ايم ايف جي هدايتن تي نظرثاني ڪري رهيون آهن، پر زراعت ۾ فصلن جي پيداوار تي آئي ايم ايف جو حڪم نه هلڻ گهرجي. هن سال به ٿيڻ ائين گهربو هو ته سرڪار ڪڻڪ جي خريداري ڪري ها. انهيءَ خريداري ۽ ڪڻڪ لاءِ صوبن جي امدادي قيمت جي ڪري آبادگار ۽ هاري خوشحال ٿين ها.
زراعت اسانجو اهڙو اڪيلو شعبو آهي، جيڪو اسانجي ماليات ۽ معاشيات کي هلائي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اسانجي وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن کي عالمي مالياتي اداري سان ڳالهائڻ گهرجي. ملڪ ۾ رهندڙ آبادي جي گهڻائي جيئن ته ڳوٺن ۾ رهي ٿي انهيءَ ۾ خوشحالي اچي سگهي. ڪڻڪ جو فصل ملڪ جو سڀني کان اهم فصل آهي ۽ ملڪ جي آبادي جي کاڌ خوراڪ جي ضرورتن جو اهم ذريعو پڻ آهي. انهيءَ ڪري اسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آئي ايم ايف سان ڳالهائي ڪڻڪ جي امدادي قيمت بحال ڪرڻ گهرجي.