بلاگنئون

انسانيت، مذهب، انصاف ۽ جديد معاشرو

دنيا انسانيت جي ڪيل ڏوهن سان ڀري پئي آهي، جهڙوڪ: نسل ڪشي، سامراجي نسلي مائينڊسيٽ جي اڳرائي، بي سبب تشدد، بيگناھ ۽ غير جنگجوئن تي بمباري، عورتن ۽ ٻارن کي جنگين ۾ مارڻ ۽ ڪيميائي هٿيارن جو استعمال، پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ نسل پرستي، غريبن جو استحصال، زوري زنا، نوجوان ۽ ڪمزور ٻارن ۽ عورتن سان مذهبي بنيادن تي بدسلوڪي، ترقي جي نالي تي رياستي ڏاڍائين، چورين ۽ سينا زورين ۾ اضافو، انفرادي تحفظ لاءِ وڌندڙ خطرن، وطن ۽ مذهب جي نالي تي آزاد خيالي ۽ اظهار جي آزاديءَ تي جبر ۽ رياست تي تنقيد ڪندڙن کي هٿيارن جي زور تي دٻائڻ لاءِ قانون سازي جو استعمال وغيره وغيره، جنهن سان هڪ اهڙو معاشرو جڙي رهيو آهي، جتي چند عالمي طاقتون ۽ انهن جا حڪمران دنيا جي آبادين جي جان، مال ۽ عزت  ضبط ڪن ٿا. اها هڪ وڌندڙ غير منصفاڻي دنيا آهي، جنهن کي خدا ناهي ٺاهيو. آسماني صحيفن ۽ قرآن جي انصاف جو تصور دنيا جي پيدائش سان جڙيل آهي. هن (الله) (انصاف جو) توازن قائم ڪيو آهي (55:7). توازن جو خيال حقيقت ۾ سڄي اسلامي ضابطي جي زندگيءَ سان جڙيل آهي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته هو متوازن طريقي سان زندگي گذارين، عبادت ڪن ۽ عمل به ڪن. اهڙي طرح انصاف خدا جي خاصيتن مان هڪ آهي. قرآن چوي ٿو ته خدا وٽ گهٽ ۾ گهٽ بي انصافي نه آهي (4:40).

اسلام ۾ انصاف جو تصور روح ۽ سماج جي معيار سان تعلق رکي ٿو. اهو ٽن قسمن جو آهي، مثال خدا سان انصاف، ٻين ساهوارن سان انصاف ۽ پنهنجو پاڻ سان انصاف. پهريون تعلق ابتدائي دور ۾ خدا سان انسان جي وابستگي کي پورو ڪرڻ سان آهي، معنيٰ صرف ان (الله) جي عبادت ڪرڻ ۽ ٻيو ڪوبه نه. اهو حقيقت ۾ انسان جي فطرت ۾ آهي ته هڪ خدا (معبود) تي ايمان آڻي ۽ ان جي نتيجي ۾ آخرت تي به، ان جي سڀني رسولن تي به، آسماني صحيفن تي ۽ رسولِ خدا کي آخري پيغمبر مڃي. ان ڪري اسلامي تعليمات ۾ خدا جي طرفان انصاف پڻ هڪ سڌو سنئون برابريءَ وارو رستو پڻ آهي، معنيٰ اهڙو قانون ۽ انصاف جيڪو پاڻ ۽ ٻين جي لاءِ برابر هجي. قرآن مجيد ۾ انصاف جي لاءِ ڪيترائي لفظ استعمال ٿيل آهن. ان مطابق نفس لاءِ انصاف، عدل ۽ سماج سان انصاف کي قَسَتِ سڏيو ويو آهي. عدل ان ذمري ۾ توازن وري معنيٰ رکي ٿو، جيئن سخاوت ۾ بخل ۽ اسراف جي وچ ۾ توازن هوندو آهي. قَسَتِ جو مطلب آهي ته برابري جي بنيادن، سماجي ۽ معاشي اصولن جي لحاظ کان ڏسجي پسجي. اهوئي سماجي انصاف آهي، جيڪو هڪ صالح، بااخلاق ۽ انصاف پسند سماج کي قائم ڪري ٿو، جنهن ۾ دولت، سماجي حيثيت، جنس وغيره کانسواءِ سڀني انسانن سان برابريءَ جو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، جو وقت آهر انهن کي ٻين سان گڏ با وقار انداز ۾ آڻيو ڇڏي.

ان کان علاوه قرآن پاڪ ماڻهن کي ٻين نسلن ۽ ماحول جي لاءِ به چئي ٿو. اسلامي انصاف جو قانوني روپ سڀني سان انصاف سان پيش اچڻ آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن جو ويجهي مائٽ به ڏوھ ڪري ته اخلاقي طور تي اهو انسان شاهدي ڏيڻ جو پابند هجي. انصاف جي باري ۾ هڪ آيت آهي ته اي ايمان وارو! انصاف لاءِ مضبوطيءَ سان بيهو، خدا جي لاءِ شاھد بڻجو، جيتوڻيڪ پاڻ، پنھنجي ماءُ پيءُ يا پنھنجي مائٽن جي خلاف ۽ اھو به جي امير هجي يا غريب، ڇو ته خدا ٻنهي جي حفاظت ڪري سگھي ٿو. (4:135) سَندن جي تابعداري نه ڪريو، متان ڦري وڃو ۽ جيڪڏھن (انصاف) کي ٽوڙيندئو يا انصاف ڪرڻ کان انڪار ڪندئو ته بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. ٽيون قسم آهي، منصفاڻو ۽ انصاف وارو رويو، سو به انسان جو پنهنجي باطن سان، معنيٰ پنهنجي روح کي فريب ڏئي لالچ، فساد ۽ بنيادي خواهشن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ ڄاڻي واڻي گناھ ڪرڻ ۽ پاڻ تي ظلم ڪرڻ به آهي. جيڪڏهن ڪو پاڻ تي يا ٻين سان ناانصافي ڪري ٿو ته اهو خدا سان ناانصافي ڪرڻ جي برابر هوندو. ان سان گڏ ٻين لاءِ ۽ پاڻ سان انصاف ڪرڻ ڄڻ ته خدا جي لاءِ عادل هجڻ جي برابر هوندو. قرآن جو ضابطو ۽ انصاف انسانن جي هڪٻئي سان عدل ۽ انصاف جي بنياد تي معاملي کي حل ڪرڻ تي ٻڌل آهي. اهو نه رڳو انصاف جو مطالبو ڪري ٿو، جيڪو عدالت ۾ قانوني طريقن سان مهيا ڪيو وڃي ٿو، پر ان معيار کي پڻ عدل سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ سچي مسلمان جي ڪردار جو بنياد هجڻ گهرجي. پنهنجي اندر هڪ انصاف پسند ڪردار جي تعمير ضروري آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ٻين سان انصاف ڪرڻو هجي ته سڀ کان پهرين هو پاڻ سان انصاف ڪري، پوءِ اهڙو ڪردار انهيءَ ڳالھه کي يقيني بڻائيندو ته هڪ شخص پاڻ کي سخت اخلاقي پيماني جي خلاف احتساب جي تابع ڪري ٿو، جنهن ۾ هن جي لاءِ صرف خدا، پنهنجو پاڻ ۽ ٻين لاءِ اهم آهي، جنهن ۾ هڪ پاڙيسري، مسافر، گڏيل شهري ۽ ساڳئي عالمي نظام جي هڪ جهڙن رهاڪن جو خيال ڪرڻ، شفقت ۽ رحمدليءَ سان سلوڪ ڪرڻ به آهي. اسان مان ڪيترائي شايد پاڻ کان به پڇن ٿا ته اسان، پنهنجي پاڻ سان، هڪٻئي سان ۽ خدا سان انصاف ڪيئن ڪيون؟

هتي ڪير به قانون پنهنجي هٿ ۾ نٿو کڻي سگهي ۽ ڪوبه آسماني صحيفن جي بي حرمتي نٿو ڪري سگهي. ان ڪري ته سلمان تاثير (جنهن کي 4 جنوري 2011 ۾ ڪوهسار مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پنهنجي ئي سيڪيورٽي گارڊ ماري وڌو هو) جنهن اها ڳالھه پڇڻ جي همت ڪئي هئي ته اهو قانون تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ آسيه بيبي واري ڪيس ۾ هن رڳو اهو چيو هو ته هن قانون تي نظر ثاني ڪيو ته ممتاز قادري دير ئي نه ڪئي (ان جي زدَ ۾ جاويد مسيح به مارجي ويو هو) ۽ اهوئي جيڪو سلمان تاثير جو محافظ هو، اهوئي هن جي جان ڳڙڪائي ويو. وري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي حياتي به هڪ پوليس جو محافظ ڳڙڪائي ويو، مڃون ٿا ته ڳالهھ جي غلط به ڪري ويو ته هن کي قانون کي ڪٽهري ۾ آندو وڃي ها، ان ڪري ته ڪنهن کي به قانون هٿن ۾ کڻي پنهنجي مرضي هلائڻ جي اجازت ڪابه رياست نٿي ڏئي. حيرت ان ڳالھه تي به آهي ته اسان جهڙي ملڪ ۾ اهڙيون ڳالهيون هاڻي گهڻيون ٿي پيون آهن، ڇو ته سريلنڪا جو مئنيجر پريانتٿا (49 سالن جو سريلنڪن باشندو) جنهن کي 3 ڊسمبر، 2021 تي گجرانوالا ۾ پنهنجي فيڪٽري جي ورڪرن ماري وڌو، جنهن ۾ سوين نامعلوم ماڻهن جي خلاف هڪ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي هئي، پر اها ڳالهھ به ڍڪجي وئي. پاڪستاني ڪورٽن ان ڪيس جي خلاف ڪجھه به نه ڪيو، پر ممتاز قادري جي خلاف ڪورٽ فيصلو ڏنو ۽ ان کي 29 فيبروري 2016 ۾ ڦاهي ڏني وئي، جنهن تي مذهبي ڌرين وڏو احتجاج ڪيو هو، ڳالھه چوڻ جي اها به آهي ته اسان جو خطو مذهبي انتهاپسنديءَ ۾ ايترو ڦاٿل ناهي، جيترو ماڻهن ۾ جنون ڏٺو ٿو وڃي، ان ڪري قانون پاڻ حرڪت ۾ اچي ۽ ان ڏوهي کي گهٽ ۾ گهٽ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جنهن ۾ هو پنهنجي صفائي ڏئي سگهي، ان ڪري پوليس جو ڪم وري به انڪائونٽر ناهي، اهي ملزم کي پڪڙي ڪورٽ تائين پڄائين ۽ ڪورٽ پاڻ انصاف ڪري. هٿيار هٿ ۾ هجڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته اهي ماڻهن تي سڌيون گوليون هلائيندا ۽ پنهنجي مرضي هلائي قانون هٿ ۾ کڻندا، پوءِ ڪورٽون بند ٿيڻ گهرجن.

انهن سڀني ڳالهين کان مٿانهون ٿي ڏسجي ته اسان جهڙن معاشرن ۾ مذهبي جنونيت وڌي وئي آهي (يا وڌائي وئي آهي) جيئن فرقيواراڻي دڪانداري هلي سگهي، ڇو ته هتي “لَترَ پُڄي چَڪَر سان” واري ڳالھه لڳي پئي آهي، ماڻهن جو صحيفن تي ايترو اعتبار ناهي جيترو اعتقاد انهن جو پنهنجي وقت جي وليءَ جي چيل دليلن ۽ اجماع تي آهي، ان ڪري جو اجماع هر دين جو ۽ دين ۾ جڙيل فرقي جو پنهنجو پنهنجو هجي ٿو، پوءِ اهي آرٿوڊاڪس هجن، ڪيٿولڪ هجن، رومن ڪيٿولڪ هجن يا پروٽيسٽنٽ هجن يا ڪي ٻيا، ان ڪري وقت جا ولي پنهنجي وس آهر ۽ عقل جي گهوڙي تي چڙهي ڪجھه به چئي سگهن ٿا ۽ مقتدي ها ۾ ها ملائڻ وارا آهن ۽ ڪير به انهن کي انڪار نٿو ڪري يا ڪير به منڪري نٿو ڪري ۽ جي اتفاق نٿو ڪري ته اهو عقيدي جي دائري مان خارج ٿي ٿو وڃي. مثال هر دين ڌرم جي جنگ ۽ جدال تي لهي اچي ته هن دنيا جي امن جو ڇا ٿيندو؟ يا جيڪي سياسي، تمدني، تهذيبي، لساني، سرحدي ۽ واپاري ميل جول ٿئي ٿي سا ڪٿي پڄندي؟ يا دنيا وري جي ستين صديءَ ۾ ڪاهي به پئي ته هن دنيا جي ترقي داوَ تي لڳي ويندي، جيڪا ڪنهن به رياست جي خارجي پاليسي نه ٿي هجي. ان ڪري عيسائيت، يهوديت، مغريبيت، ٻڌمتيت، جينمتيت يا دهريت کان وٺي هندوئيت به ڪنهن ذمري ۾ آزاد آهن ته اهي جيئن ڪن تيئن ڪري سگهن ٿا. جناح صاحب به پنهنجي شروع وارين تقريرن ۾ ان ڳالھه جو کليو اظهار ڪيو هو ته هتي جيڪي به مذهب آهن، اهي پنهنجي گرجا گهرن، گردوارن، ڪليسائن، عبادت گاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهن، ان ڪري اهي پنهنجي پنهنجي مذهب جي پرچار به ڪري سگهن ٿا، جنهن کان ڪنهن کي به اعتراض ۽ انڪار ناهي.