پيوٽن خود مختيار انٽرنيٽ جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن عالمي انٽرنيٽ کان جدائي اختيار ڪندي پنهنجي ملڪ اندر خود مختيار انٽرنيٽ آڻڻ جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. بل جي پاس ٿيڻ کانپوءِ 1 نومبر کان اهو قانون لاڳو ٿي ويندو. انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پاران هن بل تي تنقيد ڪئي وئي آهي. انهن ادارن جو چوڻ آهي ته هي قانون صرف حڪومتي سينسرشپ کي وڌائيندو. حڪومت پاران ڪرايل هڪ سروي ۾ به 52 سيڪڙو روسي عوام هن بل جي مخالفت ڪئي آهي. ياد رهي ته روس ۾ هن وقت به انٽرنيٽ جي آزادي جي حالت خراب آهي ۽ روس جي حڪومت هن وقت به ويب سائيٽن کي بلاڪ ۽ وي پي اين جي استعمال کي گهٽائي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *