بلاگنئون

همسري هڪ ڏهاڪي جو سفر

همسري سنڌي رسالن ۾ همسري جو ڪو به مقابلو ناهي

اهو مضمونن جي چونڊ، تنقيدي، تجزياتي ۽ ادبي مضمونن، ليکڪن ۽ نقادن جي چونڊ ۽ سنڌ کي درپيش موجوده مسئلن تي بصيرت واري ايڊيٽوريل ۾ بي مثال آهي. مون رسالي لاءِ لکڻ شروع ڪيو جڏهن ان اڃا ٻاروتڻ جي حد کي پار نه ڪيو هو، عالمي معاملن جي هڪ سنجيده موضوع تي.

مان زاهده ابڙو کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن منهنجي مضمونن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي. سندس سنڌي نسخا انساني طور تي ممڪن حد تائين انگريزي ۾ اصل مضمونن جي ويجهو هئا. مون انهن سڀني مضمونن کي موضوع وار بابن ۾ گڏ ڪيو آهي ته جيئن “The Geo-political and Geo-security Dynamics: And challenges for Pakistan” جي عنوان سان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪري سگهجي. اسان مضمونن جي سنڌي نسخن کي هڪ ڪتاب ۾ پڻ مرتب ڪري سگهون ٿا، جنهن جي اهميت شاگردن ۽ استادن لاءِ تمام گهڻي هوندي.

اهو زاهده ابڙو جو جذبو ۽ لگن آهي جنهن 10 سالن تائين همسري کي باقائدگيءَ سان شايع ڪيو آهي، جيئن ته مان ڄاڻان ٿو ته ان ڪيتريون هيٺايون ۽ مٿاهيون ڏٺيون. زاهده ابڙو هڪ پرعزم ثابت قدم ۽ برداشت  ڏيکاريندڙ ايڊيٽر رهي آهي. منهنجون رسالي ۽ ايڊيٽر زاهده ابڙو سان وابستگي جون خوبصورت يادون سانڍيل آهن. هڪ ليکڪ ۽ دوست جي حيثيت سان جيڪڏهن همسري مون کي ڪابه ڊيوٽي ڏني ته مان پنهنجي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندس.

خدا اسان سڀني کي برڪت ڏئي.

***

ڊاڪٽر مشتاق احمد راھو

تعلقو قاضي احمد ضلعو نواب شاھ

محترم ايڊيٽر صاحبه اسلام عليڪم: اميد ته خوش ھوندا سڀ کان پھرئين ته مھرباني جو توھان اسان کي ھمسري مئگزين جي 10 سالا جشن جي موقعي تي ياد ڪيو آھي. همسري ريڊر ڪلب جو حصو هجڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. مان ڪيترن ئي سالن کان مختلف اخبارن ۽ همسري مئگزين ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ سان لاڳاپيل آھيان ۽ ان جا مختلف شمارا پڙهندو رهندو آھيان. همسري نه رڳو معياري ۽ سنجيده مواد پيش ڪري ٿو، پر اهو سنڌي سماج، ادب ۽ تهذيب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي. مان خاص طور تي شريف کوسو، مجيب اوٺو، ڪامران جتوئي ۽ ولي محمد انڙ جا مڪالا وڏي دلچسپي سان پڙهندو آھيان، ڇو ته انهن جي لکڻين ۾ علمي سنجيدگي، تنقيدي سوچ، جديد سائنس ۽ ادبي لذت جو امتزاج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي منهنجي لاءِ صرف پڙهڻ جو سامان نه، پر سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو هڪ نئون در کوليندا آهن جيڪو روح کي پڻ ڇهي ٿو ۽ هڪ اهڙي صداقت آهي، جيڪا لفظن جي ٻاڙ وٺي، دل ۾ گھر ڪري ٿي.

همسري، منهنجي لاءِ صرف هڪ رسالو نه، پر احساسن، سوچن ۽ علمي اکين جي دنيا آهي، جتي لفظن جا ڏيئا ٻرندا آهن. مان ڪيترن ئي سالن کان همسري جي صفحن سان جڙيل آھيان. انهن صفحن مان نه رڳو نون موضوعن، نون ويچارن ۽ نئين دنيا جي دريافت ٿي آهي، پر پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي تهذيب جي نبض تي هٿ رکڻ جو حوصلو به مليو آهي.

همسري جون پاليسيون ۽ ان جو معيار ۽ پوري سٿ هميشه بلند رهيا آهن ۽ اميد ته ايندڙ سالن ۾ به ائين ئي رهندو. همسري جي ڏهين سالگره جي هن حسين لمحي تي مان ادارتي ٽيم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. دعائون ڪيان ٿو ته همسري جو هي ادبي ۽ علمي قافلو وقت جي ويرانين مان لنگهندي، مستقبل جي اونداهين کي به پنهنجن لفظن جي روشني سان روشن ڪندو رهي ۽ همسري مستقبل ۾ به سنڌي سماج جي آگاهي، ترقي ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجي قلم سان روشنيءَ جو سفر جاري رکي. آمين.

***

ھمسري کي جنم ڏينھن جون لک واڌايون

سڀ کان پھريان ھمسري رسالي جي ڏھين سالگره تي سڄي ھمسري ٽيم خاص طور تي ادي زاھدہ ابڙو کي دل جي گھراين سان لک لک واڌايون. ھر مھيني بغير ڪنھن وقفي جي مئگزين کي آڻڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. ھن جي پويان اڻٿڪ محنت، ھمت ۽ جذبي جي ضرورت آھي جنھن جو عملي نمونو ھمسري مئگزين آھي. ھن نئين دور ۾ جڏھن اڄ جي نوجوانن ۾ ڪتاب ۽ رسالا پڙھڻ جي عادت گھٽجي وئي آھي، ھمسري مئگزين اميد جي ھڪ لاٽ آھي. ھمسري مئگزين ۾ ڇپجندڙ زندگي سان لاڳاپيل سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ نفسياتي موضوعن تي ڇپجندڙ مضمون پڙھندڙن جي توجهه جو مرڪز آھن. انھيءَ کان علاوہ بھترين شاعري ۽ ڪھاڻين جي چونڊ کان به پڙھندڙ لطف اندوز ٿئي ٿو. مان ھمسري مئگزين جي ايڊيٽر ادي زاھدہ ابڙو جي ٿورائتي آھيان ته هو اسان لکندڙن کي تمام گھڻي عزت ۽ مان سان همسري مئگزين ۾ شايع ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿي ۽ ھمت افزائي ڪندي رهي ٿي. ھمسري مئگزين لاءِ نيڪ خواھشون سندس ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو سفر جاري رھي-آمين.

***

همسري مئگزين سنڌ جو نمايان مئگزين

همسري مئگزين ۾ جيئن ته هن سال پنهنجي ڏهين سالگره ملهائي رهيو آهي، ان ڪري همسري مئگزين جي سموري سٿ کي واڌايون هجن، جو هُو مستقل مزاجي سان مئگزين کي شايع ڪري رهيا آهن. آئون به هن مئگزين ۾ گذريل ستن اٺن سالن کان لکندو به رهيو آهيان ۽ مئگزين جو پڙهندڙ به رهيو آهيان. همسري مئگزين هن وقت اهو واحد مئگزين آهي. جنهن ۾ سماجيات، ناول، ڪهاڻيون، شاعري، ڪتابن تي تبصرن سميت ٻارڙن لاءِ به مواد موجود هوندو آهي. هن وقت ٻارڙن لاءِ مواد کي شايع ڪندڙ رسالا نه هجڻ برابر آهن، ان ڪري همسري کي انهيءَ شاندار ڪم تي جس هجي.

همسري مئگزين گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي مختلف مسئلن کي تمام وڻندڙ ۽ بيباڪ انداز ۾ پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. انهيءَ ڪري هن کي سنڌ جو نمايان مئگزين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. همسري مئگزين، نون ليکڪن لاءِ هڪ تربيتگاھ به آهي، جتي نون ليکڪن کي لکڻ لاءِ اتساهيو وڃي ٿو. همسري نون توڙي سينئر ليکڪن لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. همسري مئگزين ۾ محترمه زاهده ابڙو پاران ورتل مختلف شخصيتن جا انٽرويو به رسالي جي سونهن رهيا آهن، پر گذريل ڪجهه وقت کان اهو سلسلو بند آهي. منهنجي خيال ۾ اهو يا ان جهڙو ڪو ٻيو سلسلو هلڻ گهرجي. ان سان ملندڙ جلندڙ سلسلو محترمه ارم محبوب به ڪندي هئي، سو به بند آهي. سو، انهن سلسلن کي شروع ڪبو ته رسالي ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ٿيندي. همسري مئگزين لاءِ نيڪ تمنائون ته مئگزين ايئن ئي علم ادب جي خدمت ڪندو رهي.

***

مان پهريان ته همسَري سان سلهاڙيل سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو. جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان گذريل ڏهن سالن کان همسَري رسالي جي هارڊ ڪاپيءَ جي سفر کان وٺي سافٽ ڪاپيءَ جي سفر تائين بنا ڪنهن وقفي/ساهيءَ جي وقت جي پابنديءَ سان رسالو شايع ڪندي رهي آهي. نه ته سنڌي رسالن جي وقت جي پابنديءَ سان شايع ٿيڻ جي ڪا چڱي تاريخ ڪونه رهي آهي. مان هن رسالي جي رائيٽرس ڪلب جو ميمبر ته آهيان. ان کان علاوه مان هن رسالي جو پڙهندڙ، نقاد ۽ مبصر به آهيان. مان هڪ مبصر طور اها دعويٰ ڪيان ٿو ته شروع کان وٺي هن رسالي ۾ جيڪي به لکڻيون شايع ٿينديون رهيون آهن اهي معياري، انسان دوست ۽ سنڌ دوست رهيون آهن. پوءِ اهي سياسي، سماجي، ادبي، تعليمي يا بين الاقوامي ڪالم هجن يا کڻي ڪهاڻي هجي يا شاعري…! ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته هن رسالي سدائين سنڌ جي ڪيس کي اَوليت ڏني آهي. ان جي گواهي توهان کي رسالي جو ايڊيٽوريل صفحو ڏيندو…!

مان ته اهو به لکندي سرهائي محسوس ٿو ڪيان ته همسَري هڪ مڪمل ادبي رسالو آھي، جنھن ۾ سينيئر ليکڪن سان گڏ نوجوانن کي به پنهنجون ادبي صلاحيتون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. مان جڏهن به رسالي جو سِٽاءُ ڏسندو آهيان ته سمجهي ويندو آهيان ته هن ۾ موجود جيڪو به مواد آهي اهو معياري آهي ۽ ڪيئن به ڪري اهو سڀ پڙهڻو آهي. گذريل ڏهن سالن جي مسلسل محنت سان هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ آن لائين هي وڌ ۾ وڌ پڙهيو ويندڙ رسالو بڻجي ويو آهي. اخبارون هجن يا رسالا، اھي ٻوليءَ کي زنده رهڻ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. ايئن ئي همسري رسالي جو به سنڌي ٻوليءَ کي جيئدان ڏيڻ ۾ هڪ ڪردار آهي. ڏَھَ سال ڪنهن منزل تي پهچڻ لاءِ هڪ وڏي وِکَ هوندي آهي. ڇال! اها وِکَ پنهنجي منزل ڏانهن سدائين روان دوان هجي..!

***

سنڌي ٻوليءَ ۾ طارق اشرف جي سُهڻِي مئگزين، حميد سنڌيءَ جي روح رهاڻ، عبدالواحد سنڌيءَ جي نئين زندگي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي دور جي مهراڻ ۽ ويجهڙ ۾ تاج بلوچ جي سوجهري مئگزين ۽ ٻين رسالن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجھه ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته مئگزين جي هڪ تاريخ رهي آهي. سماجي ۽ سياسي تبديلي جي اوزار طور مئگزين جو اهم ڪردار رهيو آهي. مئگزين جي ذريعي تخليقي اوسر، تعليمي شرح ۽ تفريحي مواد جي ترويج ٿئي ٿي. همسري مئگزين سنڌي ٻوليءَ جو مانائتو مئگزين آهي. هارڊ مئگزين کان ڊجيٽل مئگزين تائين، همسريءَ جو سفر ڏاڍو خوبصورت رهيو آهي. معياري مواد تي انھن ڪڏهن به ڪمپرومائيز ناهي ڪيو.

هن وقت سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي مئگزين بند ٿي چڪا آهن ۽ جي ڪجھه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن ته انھن جي معيار تي سواليه نشان آهن. همسري مئگزين ٻين رسالن کان ان ڪري منفرد آهي، جو هِنن معيار کي مقدار تي اهميت ڏني آهي. مئگزين جو ڊزائين ۽ لي آئوٽ ته واقعي به ڪمال جو آهي. معياري لکڻيون شامل ڪرڻ، نوجوان ليکڪن کي جاءِ ڏئي اتساھه پيدا ڪرڻ، سينئر ليکڪن جي فڪري لکڻين کي ڇاپڻ، سياست، آرٽ، ادب، تعليم، سائنس، شاعري، ڪهاڻي ۽ ٻين موضوعن تي ليک شايع ڪرڻ ادارتي ٽيم جو ساراھه جوڳو ڪم آهي. همسري جي سڄي ٽيم خاص ڪري محترمه زاهده ابڙو، سائين غلام نبي سومرو صاحب ۽ ادي ارم محبوب کي جس هجي ۽ مئگزين جي ڏهين سالگره تي کين کوڙ ساريون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون. همسري مئگزين ايڪويهين صديءَ جي ڊجيٽل ورلڊ ۾ ترقي پسند ادب جو اهم مورچو آهي. جڏهن به سنڌي رسالن جي تاريخ لکي ويندي ته همسري مئگزين يقينن اهم جاءِ والاريندو.

***

ھمسري سان هم سفر

هر دور جون پنهنجون تقاضائون هونديون آهن. اهي تقاضائون زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ صنعت ۽ حرفت جي ترقي يافته بيهڪ جي حوالي سان ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پوءِ اهو علم، ادب هجي، تفريح، تعمير يا روزگار هجي. ٿورو ئي اڳ ڪاغذ واري پريس جي ايجاد کي وڏو انقلاب ڄاڻايو ويندو هو. ڪتاب، اخبار ۽ رسالا نه صرف ڄاڻ، تحقيق، تعليم ۽ دنيا جهان جي خبر چار جا ذريعا هوندا هئا، پر تفريح جا به وسيلا هوندا هئا ۽ عام تفريح وانگر چاهيندڙن کي پنهنجو عادي ڪري ڇڏيندا هئا. کوڙ عادي ماڻهو انهن جي انتظار ۾ ضروري ڪم به ڇڏي ڏيندا هئا. اڄ دور بدليو آهي، ان جون تقاضائون به بدليون آهن. ان ماحول ۾ پراڻين ۽ نين تقاضائن کي متوازن ڪري گڏ کڻي هلڻ ڪو سولو نه آهي. مان “همسري” سان شروع کان ہم سفر رهيو آهيان. هن رسالي جي خوش نصيبي آهي جو کيس سٺا ليکاري ۽ محنتي ماڻهو مليا. جيئن هينئر سائين غلام نبي سومرو آهي. هر رسالي لاءِ منهنجي هڪ چريائپ واري خواهش هوندي هئي ته ڀل سڄو رسالو خالي هجي، پر وقت تي اچي. اها خواهش هن رسالي گهڻي حد تائين پوري ڪئي. ظاهر آهي ته اهو چوڻ ۽ خواهش ڪرڻ ته سولو آهي، پر عملي طور ناممڪن جي ويجهو آهي. منهنجي نظر ۾ ان کي وقت تي آڻڻ ۽ ڪاغذ تي قائم رکندي ڊجيٽل دنيا جو به مسلسل پسنديده ڪري پيش ڪرڻ ۾ محترمه زاهده ابڙو جي “همسري” ڪوبه نٿو ڪري سگهي. اهو نور نچوئڻ ۽ پيار جو پورهيو کوڙ ساريون قربانيون گهري ٿو. همسري سان ھم سفري ۾ اسان جون نيڪ تمنائون ھميشه گڏ رهيون آهن ۽ رهنديون.

***

سڀ کان پهريائين ھمسري مئگزين جي سموري علمي ۽ ادبي سٿ کي ڏھين سالگرھ جون کوڙ ساريون واڌايون هجن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ھمسري مئگزين جو نانءُ ھڪ خوبصورت واڌارو ثابت ٿيو آهي. مان ھمسري مئگزين کي پابنديءَ سان پڙھي رھيو آھيان ۽ وقت بوقت پاڻ به لکندو رهيو آهيان. ھن رسالي ۾ ڇپجندڙ مواد ھر لحاظ کان اثرائتو ۽ وزنائتو هوندو آهي، جنھن کي ھر ڄمار ۽ ھر گھر جو  هر فرد پڙھي سگھي ٿو. انتھائي خوبصورتيءَ سان ھر پهلوءَ تي لکيو وڃي ٿو، جنھن سان پڙھندڙن ۾ واڌ آئي آهي. چئي سگهجي ٿو ته ھمسري مئگزين سنڌي صحافت جو ھڪ معياري رسالو آهي. منھنجي دعا آھي ته ھي رسالو اڃان وڌيڪ اڳڀرو ٿئي.

***

همسري رسالو: منھنجي نظر ۾…

ماھوار “همسري” رسالو هڪ اهڙو مئگزين آهي، جيڪو گھڻي وقت کان وٺي مسلسل شايع ٿي رھيو آهي ۽ پنهنجي مواد جي لحاظ کان ادبي دنيا ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو. هي رسالو ادب جي مختلف مواد کي پنهنجي صفحن ۾ سموئي ٿو، جنهن ۾ تاريخ، تحقيق، تنقيد، ٻاراڻو ادب، ۽ ڪھاڻيون توڙي شاعري شامل ھوندي آهي. سنڌ جي ڪن ٿورڙن رسالن کي هر مهيني باقاعدگي سان وقت تي نڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، انھن ۾ “ھمسري” جو نالو سر فھرست آھي ۽ ان ۾ شايع ٿيندڙ مواد پنهنجي معيار جي لحاظ سان پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري ٿو.

آئون وڏي وقت کان وٺي نه صرف “همسري” رسالي جو مطالعو ڪندڙ آھيان، پر ان ۾ لکي به رھيو آھيان. “همسري” ۾ تاريخي موضوعن تي تفصيلي ۽ قابل قدر مواد موجود آهي. تاريخي واقعن ۽ شھرن جي تاريخ تي لکيل تحقيقي مواد پڙهندڙن کي نئين ڄاڻ فراھم ڪري ٿو. اھو تحقيقي مواد شاگردن جي لاءِ راھون روشن ڪندڙ آھي.

“همسري” رسالي ۾ ادب جي مختلف صنفن تي ڇپجندڙ تنقيد پڻ اهميت رکي ٿي. ڪتابن، ناولن، شاعري ۽ ٻين ادبي صنفن تي تنقيد ۾ نئون ۽ جامع تجزيو پيش ڪيو وڃي ٿو. ان تنقيدي مواد ۾ پڙهندڙ کي ادب جي معيار ۽ اهميت کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو، جيڪو ان کي وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. منھنجي لاءِ اھا ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ماھوار “همسري” رسالو ٻاراڻي ادب بابت پڻ مخصوص صفحن تي اهم مواد پيش ڪري ٿو. ٻارن لاءِ آسان ۽ سمجهه ۾ ايندڙ مواد، سندن تخليقي صلاحيتن کي نئين تصور ۾ آڻڻ جو اھم ذريعو بڻجي ٿو. سنڌ اندر ٻاراڻي ادب کي جتي اخباري صفحن پڻ وساري ڇڏيو آھي اتي ماھوار “همسري” رسالو ان معاملي ۾ به پٺتي نظر نٿو اچي.

ڪھاڻين جو حصو ماھوار “همسري” ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو. مختلف لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪھاڻيون ۽ افسانا پڙھڻ جي لاءِ “همسري” جو پڙھندڙ طبقو ھميشه انتظار ڪندو رھي ٿو ته دلچسپ موضوعن، جاندار ڪردارن ۽ اثرائتي تحريرن سان ڪھڙي طرح مشغول رکڻ ۾ ڪامياب ٿيون. فڪشن جي ذريعي، رسالو سماجي ۽ ثقافتي موضوعن تي به روشني وجھي ٿو، جن ۾ انساني جذبن، ڏکن، خوشين ۽ معاشرتي مسئلن کي پيش ڪيو ويندو آهي.

“همسري” رسالي جي اهم ترين خاصيت ان جو اعليٰ معيار آهي. ان ۾ شامل مواد پڙهندڙن کي نه صرف ڄاڻ فراهم ڪندو آهي، پر پڙھندڙن کي فڪر ۽ سمجھڻ جي نون طريقن سان به روشناس ڪندڙ آهي. ان جو باقاعدگي سان نڪرڻ رسالي کي هڪ معتبر ادبي ماخذ بڻائي ٿو، جيڪو هميشه پنهنجي مواد جي لحاظ سان تازو ۽ دلچسپ رهندو آهي.

“همسري” رسالو هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جيڪو ادبي مواد جي لحاظ کان انتهائي اهميت رکندو آهي. ان ۾ شايع ٿيندڙ مختلف صنفن جو مواد ان جي اعليٰ معيار، تنقيدي بصيرت ۽ سماجي موضوعن سان، ادب جي دنيا ۾ هڪ خاص مقام رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ان جو باقاعدگي سان نڪرڻ ۽ پنهنجي مواد ۾ معيار، ان کي هڪ منفرد ادبي رسالو بڻائي ٿو. منھنجي گذارش آھي ته رسالي ۾ شاعريءَ جا صفحا وڌڻ گھرجن. ان کان علاوه سال ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جي تاريخي شھرن بابت خاص نمبر شايع ڪيا وڃن. “ڪھاڻي” ۽ “آتم ڪھاڻي” توڙي “مشاھير” نمبر شايع ڪيا وڃن ته “ھمسري” سنڌي ادب ۽ تاريخ جي اکڙين جو تارو بڻجي سگھي ٿو.

***

اول ته مان همسري سٿ جو ٿورائتو آهيان جو هڪ ليکڪ طور منهنجي راءِ وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي. همسري ميگزين سان وابستگي يقيني طور منهنجي لاءِ قابل فخر آهي، هڪ اهڙي دور ۾ ادبي ميگزين طور قائم رهڻ همسري لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ادبي رسالا سڪڙجي يا محدود ٿي ويا هجن، همسري ميگزين پنهنجي پاليسي ۽ مواد جي چونڊ جي لحاظ کان ڪافي اهميت رکي ٿو، روايتي مصلحتن، تعلقاتن، ادبي لابنگ، نظرياتي وابستگي جهڙن اثرن کان ڪجھ قدر آزاد رهيو آهي، خود منهنجي وابستگي ان جو واضح مثال آهي. ادي زاهده ابڙو صاحبه پنهنجي صحافت يا ادبي سفر ۾ ڪافي منفرد ڪردار جي مالڪ رهي آهي، سندس ميگزين منفرد صحافت جو هڪ مثال آهي.

***

همسري رسالي جي ڏهين سالگره متعلق ويچار‎

زندگيءَ جي رستن تي هلندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موڙ به ايندا آهن، جتي انسان پنهنجو پاڻ سان به ملاقات ڪري وٺي ٿو. منهنجي لاءِ “همسري” رسالي سان لاڳاپو اهڙو ئي هڪ موڙ هو جتان منهنجي ادبي سفر جو باقاعدگيءَ سان آغاز ٿيو. ادب رڳو اکرن جي رَتڻ جو نالو ناهي، پر اهو هڪ احساس، هڪ وابستگي ۽ هڪ جذباتي لاڳاپو پڻ آهي. جڏهن قلم ڪنهن ادبي پليٽ فارم سان جُڙي ٿو ته اها وابستگي وقت سان گڏ رڳو وڌي نه ٿي، پر خوشي به عطا ڪري ٿي. منهنجي لاءِ ماهوار “همسري” رسالو به اهڙو ئي هڪ نانءُ آهي، جيڪو رڳو رسالو ناهي، پر هڪ ادبي آکيرو آهي، جتي مون پنهنجي سوچن کي پَر ڏئي اُڏاريو آهي. مون “همسري” رسالي سان پنهنجو ادبي سفر ڪيترائي سال اڳ شروع ڪيو هو. ان وقت آئون نئون نئون ادب جي دنيا ۾ وک وڌائي رهيو هئس. مون لاءِ سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته منهنجي لکڻيءَ کي “همسري” پنهنجن ورقن تي جاءِ ڏني. اها قبوليت منهنجي ادبي سڃاڻپ جو بنياد بڻجي وئي. ان وقت کان وٺي اڄ تائين “همسري” سان منهنجو ناتو اڻ ٽٽ رهيو آهي. “همسري” رڳو منهنجي تحريرن لاءِ نه، پر منهنجي ادبي تربيت لاءِ به هڪ درسگاهه رهي آهي. هر شمارو، هر تحرير منهنجي لاءِ هڪ نئون سبق، هڪ نئون شعور کڻي ايندو هو. مان ياد ڪري سگهان ٿو ته ڪيترا ڀيرا مان پنهنجي تحريرن کي بار بار پڙهندو هئس ته ڏسان ته ايڊيٽر صاحبه منهنجي متن ۾ ڪهڙيون تبديليون آنديون آهن. مان ڇا سکيس ۽ اڳتي ڇا سکڻ گهرجي. “همسري” منهنجي لاءِ هڪ استاد وانگر آهي، جنهن مون کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ نکارڻ سيکاريو. هن رسالي جي سنجيده معيار، مواد جي چونڊ ۽ ادبي ذوق مون کي هميشه متاثر ڪيو. هتي مون سٺن ليکڪن جا مضمون، ڪهاڻيون، شاعريون پڙهيون جيڪي مون لاءِ سکيا جو ذريعو بڻيو. مون محسوس ڪيو ته “همسري” رڳو ادبي مواد شايع ڪندڙ پليٽ فارم ناهي، پر هڪ فڪر آفرين ادبي تحريڪ به آهي، جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انهن ڏهن سالن دوران جڏهن به ڪو نئون شمارو منهنجي هٿن ۾ آيو ته ان سان گڏ خوشي، تجسس ۽ فخر جا جذبا به اُڀري آيا. “همسري” جي هر ورق تي مون پنهنجي ئي وجود جو عڪس محسوس ڪيو. منهنجي لکڻين جي واڌاري، پهچ ۽ ادبي اوسر ۾ “همسري” جو وڏو حصو رهيو آهي. هي رسالو مون لاءِ هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ مون پنهنجي ادبي شخصيت جي جھلڪ ڏٺي آهي. اڄ جڏهن “همسري” پنهنجي ڏهين سالگره ملهائي رهيو آهي ته مون لاءِ اها رڳو رسالي جي عمر جي مڪمل ٿيڻ جي خوشي ناهي، پر اها منهنجي ادبي سفر جي ڏهاڪي جي به شاهدي آهي. مان “همسري” جي سموري ادارت، خاص طور تي انهن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، جن مون تي ڀروسو ڪيو منهنجي تحريرن کي اهميت ڏني ۽ منهنجي ادبي سڃاڻپ کي سنوارڻ ۾ مدد ڪئي. “همسري” جو هي ڏهون سال صرف ماضي جي يادگيرين جو حوالو ناهي، پر مستقبل جي اميدن جي به نشاني آهي. مان دعاڳو آهيان ته “همسري” پنهنجي ادبي مشن ۾ اڳتي وڌندي رهي ۽ ائين ئي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي رهي.

***

ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڌرتيءَ جي قدامت، تھذيب ۽ ثقافت جا سفير ھوندا آھن. انهن جي مطالعي سان جتي ڌرتيءَ جي ماضي ۽ حال جي ڄاڻ ملندي آھي اتي ئي موجوده وقت ۾ زميني حقيقتن کان واقف به ٿبو آھي. محقق ۽ سياح به انهن وسيلي ئي ڪنھن به تھذيب ڏانھن مائل ٿيندا آھن ۽ پنھنجي شوق يا گهرج جي اڃ اجھائڻ لاءِ ھڪ اڻ ڄاتل ڌرتيءَ سان جُڙي پوندا آھن. ادي زاھدہ ابڙو جي ادارت ھيٺ شايع ٿيندڙ ميگزين ھمسري به سنڌ ۽ سنڌ واسين جو نمائندو ميگزين آھي. سنڌ جو ھڪ سھڻو تعارف آھي. ھارڊ ڪاپيءَ کان وٺي سافٽ ڪاپيءَ جي شڪل ۾، ھمسري گذريل ڏھن ورھين کان پاڻ ملهائي رھيو آھي. مامرو سياسي اٿل پٿل جو ھجي يا سماجي برائين جو، ڪارو ڪاريءَ کان وٺي سنڌوءَ جي وھڪرن تي ٿيل ڪاپاري وارن تائين ھمسري جو ڪردار اڳين مورچن تي موجود جوڌن وارو رھيو آھي. ھمسري بنا ڪنھن ڊپَ يا مفاد جي پنھنجو قلمي جھاد پوري سچائيءَ سان جاري رکيو آھي. سنڌ جي تاريخ سوڌو، ڌرتيءَ جي مسئلن، سنڌ جي فطري ڊيگهه ۽ ويڪر سان ھٿ چراند، سياسي جبر، وسيلن تي لڳندڙ راتاھن، ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھه گهاتين، سياست، مذھب، سماج، لطيفيات، علم، ادب ۽ ٻئي ھر محاذ تي پاڻَ ملهايو آھي.

ادي زاھدہ ابڙو، نه رڳو ھمسري ميگزين، پر ھمسري اخبار ۽ ھمسري يوٽيوب چئنل وسيلي پڻ سنڌ جي خدمت ۾ اڳي کان اڳري ۽ پرجوش آھي. خاص طور تي پنھنجي ميگزين ۽ اخبار ۾ ٻارن جي ادب کي جاءِ ڏئي، ٻارن جي ادب جا صفحا بند ڪندڙ اخبارن ۽ رسالن لاءِ ھڪ مثال پڻ قائم ڪيو اٿن. ھڪ ڏھاڪي جو اڻ ٿڪ ۽ ڀرپور سفر پورو ڪرڻ تي ايڊيٽر زاھدہ ابڙو، ھمسري سٿ ۽ ان سٿ جي ڀائيوار ليکڪن کي لک لک واڌايون پيش ڪيان ٿو. ان سفر جو ھڪ پانڌيئڙو ھئڻ تي مون کي فخر آھي.

***

آئون “همسري ميگزين” جي مواد کي شروع کان وٺي سنجيدگيءَ سان پڙهندو آهيان. منھنجي تمنا هُئي ته آئون همسري ميگزينُ ۾ ڪجھ لکان ۽ لکندو رهان. وقت گذرڻ سان مون همسريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ مون کي همسري ميگزين جي ٽيم پاران سُٺي موٽ ملي آهي. جڏهن همسريءَ پاران مون کان خيال وٺڻ جو پيغام پھتو ته آئون اڃان وڌيڪ سرهو ٿيو آهيان. ڇو ته آئون اهڙي شيءِ کي ڪيئن نه ساراهيان جنھن ۾ رُجعتِ پسندي، دُقيانوسي ۽ پِدر شاهيءَ جھڙا مايوس دور دفن ٿيندا رهن ٿا! جڏهن اهڙن شين جي جاءِ ترقي پسند، روشن خيالي ۽ انساني خود مختياريءَ جھڙو مواد وٺي ته ان کي ساراهڻ سماجي فرض بڻي ٿو. هيءُ ميگزينُ سنڌ جو لاڀائتو ميگزينُ آهي. جنھن ۾ هر موضوع تي معياري مواد پڙهڻ وٽان ملي ٿو. سائنس، فلسفو، سياست، افسانويت ۽ شاعريءَ جھڙيون صنفون هن ميگزين جي سڃاڻپ ۽ سونھن آهن. هيءُ ميگزينُ ڄڻ علم جو ڀنڊار آهي. سنڌي عوام کي روشن خيالي، ترقي پسند، جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جھڙي ادب سان سرشار ڪري رهيو آهي. هن ميگزينُ لاءِ نيڪ تمنائون آهن. ڪوشش ڪبي تہ هن ميگزينُ پڙهندڙن کي اڃان وڌيڪ معياري مواد پڙهائجي.

***

هَمسَرِي: فِڪري تَحريڪ

هَمسَري رڳو هڪ رِسالو ناهي، پر هڪ فِڪري تَحريڪ آهي، جيڪا سِنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سَچ جي اظهار لاءِ هڪ سَگهارو ساٿ مھيا ڪري ٿي.

جون 2015 کان هَمسري نه رڳو لکڻ وارن جي همت افزائي ڪئي آهي، پر ٻولي، ثقافت ۽ سَماجي شعور کي به نئون رخ ڏنو آهي. اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي ته ڏهين سال تائين هڪ ادبي ۽ صحافتي سَفر پَنھنجي معيار، سَچائي ۽ آزاديءَ سان اڳتي وڌندو رهي. هَمسريءَ جو هر شمارو نه رڳو پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏئي ٿو، پر انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.

هَمسريءَ جي ڏهين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون! دُعا آهي ته هي قلمي سَفر سَدائين جاري رهي، نوان فِڪر جنم وٺن ۽ حق جي ڳالهه سَدائين همسريءَ مان گونجندي رهي….!!

***

منهنجي خيال ۾ همسري هڪ بهترين تخليقي آن لائين سنڌي ميگزين آهي.

نئين دور جي تقاضائن جو خيال رکندڙ ۽

سٺن پڙهندڙن جي ادبي چس تي پورو لهندڙ.

***

همسري مئگزين: ادب جي لاٽ

همسري مئگزين، ادب جي آسمان تي روشني وانگر چمڪي رهيو آهي. هن وقت همسري پنهنجي سفر جا ڏهه سال مڪمل ڪري چڪو آهي. ڏهه سال! هي لفظ چوڻ ۾ ته سولو آهي، پر انهن ڏهن سالن جي پسمنظر ۾ ڪيتريون، مشڪلاتون ۽ ڏکيا گُذرگاهه آيا هوندا انهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، پر همسري مئگزين جي سٿ ثابت قدم رهي، ڪٿي به همت نه هاري ۽ مسلسل جدوجهد جو ثمر اهو نڪتو جو اڄ ڏهن سالن ۾ همسري اهڙو مقام حاصل ڪيو آهي، جتي سنڌ جا ناميارا ليکڪ هر مهيني ان جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا آهن. همسري مئگزين جا سمورا سلسلا، ادب، تاريخ، سائنس ۽ جديد علم جي بنيادن تي ترتيب ڏنل مواد سان سينگاريل هوندا آهن. هر موضوع کي اهڙي انداز سان پيش ڪيو ويندو آهي جو پڙهندڙ جي ذهن تي هڪ گهرو تاثر ڇڏي ويندو آهي ۽ ڇا توهان کي خبر آهي ته هن مئگزين نامياري موسيقار محمد قاسم ماڪا سميت ڪيترن ئي باصلاحيت موسيقارن، محققن، اديبن ۽ شاعرن جا انٽرويو شايع ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي؟ اُهي انٽرويو نه رڳو معلومات جو خزانو آهن، پر سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي مختلف پهلوئن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. همسري مئگزين جي محنت سچ پچ ته سرڪش سنڌيءَ جي شعر وانگر آهي ته:

پير تي پير کڄي پر جي لڳاتار کڄي

هجي ڪيڏي به ڊگهي رات کُٽي پوندي آ.

همسري مئگزين به اهڙي ئي مسلسل جدوجهد سان ادب جي اونداهي رات کي ختم ڪري هڪ روشن صبح آندي آهي. جڏهن مهيني جي شروعات ۾ مون کي همسري مئگزين پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته مون کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هي رڳو هڪ رسالو نه، پر ادب جي هڪ اهڙي لاٽ آهي، جيڪا مسلسل ٻرندي رهندي ۽ ايندڙ نسلن کي به روشني ڏيندي رهندي. همسري، حقيقت ۾ ادب جي لاٽ آهي.

***

ايمن جمالي

ھمسري جي ڏھين سالگره

ھمسري گذريل ڏھن سالن دوران پاڻ کي پاڪستان جو نمبر ون آن لائين سنڌي مئگزين ثابت ڪيو آهي، جيڪو بلاشبهه ھڪ وڏي ڪاميابي آهي. ھمسري ھن وقت پنھنجي ڪاميابي جي عروج تي آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي به وڌيڪ ڪامياب ٿيندو. ھمسري جي ڏھين سالگره تي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪريان ٿي. اميد آهي ته ھمسري ھر سالگره تي اڳئين کان به وڌيڪ ڪاميابي ماڻيندو. يقينن ھمسري کي ھلائڻ لاءِ ان جي عملي کي وڏي محنت، جدوجهد ۽ قربانيون ڏيڻي پيون، ڇو ته هي ڪو عام سفر نه هو، جيڪو هر ڪو آسانيءَ سان نڀائي سگهي. ھي ھڪ خاص ۽ پرعزم سفر آهي، جنهن لاءِ حوصلي، ثابت قدمي، بهادري ۽ صحتمند سوچ جي ضرورت هوندي آهي. ھي سڀ خوبيون ميڊم زاهده ابڙو ۾ موجود آهن، جن جي قيادت، جذبي ۽ محنت سبب ھمسري اڄ به پنهنجي جاءِ تي مضبوط ۽ قائم آھي ۽ مسلسل ترقي جي راھ تي گامزن آهي.

منهنجي “ھمسري” سان پهرين واقفيت يونيورسٽي جي ٻئي سال ۾ ٿي، جڏھن مون کي خيال آيو ته سنڌي مئگزين پڙهڻ گهرجي. مون گوگل تي “سنڌي مئگزين” ڳولهيو ته منهنجي سامهون ھمسري نالي مئگزين آيو. نالي جي دلڪشي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ انداز سبب مون ان جو پيج کوليو. ان جي رنگين پرنٽنگ، معياري تصويرن ۽ دلچسپ لکڻين مون کي متوجهه ڪيو ۽ مون کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو. جڏھن مون مئگزين جو مطالعو ڪيو ته مون کي اها ڏاڍي پسند آئي. تڏهن کان ئي سوچيم ته مان به ڪڏهن لکڻ جي ڪوشش ڪنديس. لکڻ جو شوق ته مون کي هميشه کان هو، پر همت نه ٿيندي هئي. دل ۾ وسوسا هوندا هئا ته خبر ناهي، منهنجا لکيل مضمون ڇپبا به يا نه؟ اهڙن خيالن ڪري مان ڪجهه به لکي نه سگهيس ۽ ايئن ڪندي يونيورسٽي جا چار سال پوري ڪري ڇڏيم، پر لکڻ جو خواب اڻپورو ئي رهيو.

نيٺ هڪ ڏينهن مون دل مضبوط ڪئي ۽ سوچيم ته هلي، هڪ ڀيرو لکجي، قسمت آزمائجي. مون پنهنجو پهريون مضمون “ھلي ڪر ھمٿ” لکيو ۽ ھمسري ڏانهن موڪليو. پوءِ هر ڏينهن اُميد سان انتظار ڪندي رهيس ته شايد منھنجو مضمون ڇپجي،  ائين مهينو گذري ويو. جڏھن نئون شمارو شايع ٿيو، مون فهرست ڏٺم ته منھنجو مضمون منهنجي نالي سان شامل ٿيل هو. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي! هاڻي مان پوري يقين سان چئي سگهان ٿي ته منهنجي تخليق جو سفر “ھمسري” کان شروع ٿيو.

ھمسري جي ڪيترين ئي خوبين مان هڪ اهم خوبي اها به آهي ته اها هر نئين تخليقڪار کي پنهنجي اظهار جو موقعو فراهم ڪري ٿي. اھڙي ريت لکندڙن جو حوصلو وڌي ٿو ۽ وڌيڪ محنت ڪرڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي ته جيئن هو پنهنجي لکڻين کي وڌيڪ معياري بڻائين ۽ پنهنجي خوبيون وساري نه ڇڏين. ھمسري مئگزين هر لحاظ کان تعريف جوڳو آهي؛ هن ٿوري عرصي ۾ ئي ڪيترائي معياري ۽ اهم ليک پڙهندڙن تائين پهچايا آهن. اميد آهي ته “ھمسري” ساڳئي ريت پنهنجو سفر جاري رکندو، ايمانداري، شعور ۽ همسريت سان اڳتي وڌندو ۽ قلم کي هميشه حق، سچ ۽ انصاف لاءِ وقف ڪندو.

***

ھمسري ميگزين جا ڏھ سال ..‎

اسلام عليڪم: جيئن ته ھمسري ميگزين جي ڏھن سالن جي سفر لاءِ پنھنجي خيالن جو اظھار ھيٺن لفظن سان ڪري رھيو آھيان. همسري ميگزين جو ڏهن سالن جو سفر علم، ادب، فن ۽ سماج سان جڙيل هڪ تخليقي سفر اڄ جڏهن هي اعليٰ ساک رکندڙ ميگزين پنهنجي ڏهن سالن جي سفر کي شروع ڪري رهيو آهي ته اهو صرف هڪ عرصو نه پر علم ڏاھپ، شعور، فڪر، تخليق تربيت ۽ ذميواريءَ سان ڀريل هڪ تاريخي لمحو آهي. ڏهه سال ڪا معمولي ڳالهه ناهي اهو وقت جو اهڙو پر وقار حصو آهي جنهن ۾ خيالن جا هزارين پنکڙا کليا، لفظن جي مهڪ وکري ۽ سماجي شعور جي شمع روشن ٿي، جنھن جي روشني نه صرف سنڌ، پر ھند سميت سموري دنيا جت جت  سھڻا سنڌي آباد آھن اتي سمايل رھي، ادب جي دنيا ۾ هن ميگزين تخليقڪارن کي آواز ڏنو، نوجوانن کي  تنقيد ۽ مضمونن جي ذريعي نه رڳو زبان جو حُسن پيش ڪيو، پر دل سان  ڳالهائڻ جو موقعو پڻ ڏنو. فن جي ميدان ۾ هن ميگزين مصور، فوٽو گرافر، مجسما ساز، ڊراما نگار ۽ ٻين فنڪارن کي نه رڳو اجاگر ڪيو، پر انهن جي ڪم کي نئين سڃاڻپ پڻ ڏني. مقامي ورثي کان وٺي جديد طرز تائين، هن ميگزين فن جي تسلسل ۽ تبديليءَ کي هڪ فڪري نظر سان پڻ ڏٺو ۽ پنھنجي پڙهندڙن تائين پهچايو.

ھمسري ميگزين سماجي انصاف، ماحوليات، صنفي برابري، تعليم ۽ ثقافتي سڃاڻپ جهڙن اهم موضوعن تي روشني وجهي ھڪ آواز بڻجي سامھون اچي چڪو آهي. ميگزين جا صفحا نه صرف پڙهڻ لاءِ،  پر سوچڻ، سمجھڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ به ڪارگر رهيا آهن. ھمسري بظاھر ته ھڪ ميگزين آھي، پر درحقيقت ھي قيمتي لفظن جو عجائب گھر آھي، جنھن ۾ لاتعداد لفظ پنھنجي  اھميت  افاديت سان محفوظ ٿيل آھن جيڪو ھڪ ثقافتي ورثو پڻ آھي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ھر موضوع جو ھڪ معلوماتي ذريعو پڻ آھي. مان دل جي گهراين سان هن علمي، ادبي ۽ فڪري جدوجهد تي ميگزين جي سموري ٽيم کي اڻ ڳڻيون واڌايون پيش ڪيان ٿو. اوهان سڄي ٽيم جي محنت، ايمانداري ۽ لگن جي مڃتا لاءِ لکيل ھي لفظ يقينن گھٽ رھندا، پر مڃتا لاءِ ننڍڙو ايوارڊ ضرور رھندو. اميد آهي ته هي روشنيءَ جو سفر مستقبل ۾ به اهڙي ئي جذبي سان جاري رهندو ۽ اڃان وڌيڪ وسعتون ماڻي سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش جاري رکندو. ميگزين کي ڏهه سالا جشن جون دل سان واڌايون!

***

ماهوار همسري جي ڏهين سالگره تي مبارڪون

10 سال وقت ۾ وڏو سفر آهي. “همسري” رسالي سان گڏ علم ۽ ادب لاءِ جدوجهد جو نالو آهي. “همسري” سنڌيءَ جو اهڙو مئگزين آهي جيڪو 10 سالن کان هر مهيني باقائدي شايع ٿيندو رهيو آهي. سنڌي ادبي رسالن ۾ “همسري” جو باقاعدگي سان هر مهيني شايع ٿيڻ اهم ڳالهه آهي جو ٻئي ڪنهن به سنڌي رسالي لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو هر مهيني باقاعدگي سان شايع ٿيو هجي. “همسري” موجوده وقت ۾ سنڌي ادب جو نمايان نانءُ آهي. “همسري” ۾ بهتر ادب، موجوده سياسي ۽ سماجي مسئلن جو تجزيو، سائنس ۽ سماجيات جو جائزو ۽ شاعري هر مهيني ڇپجي رهي آهي. ليکڪ ۽ پڙهندڙ همسري سان پنهنجي ذوق مطابق گذريل 10 سالن کان واسطي ۾ آهن. “همسري” مئگزين سان گڏ ادارو آهي.

____انهيءَ کان به وڌيڪ هڪ ارادو پڻ آهي.

“همسري” انهيءَ سان لاڳاپيل ادارو ۽ اهو ارادو، جيڪڏهن انهي تخليقي عمل کي نالو ڏجي ته اهو آهي: محترمه زاهده ابڙو.

***

همسري جي ڏهين سالگره

همسري جو ڏهن سالن جو سفر ڪيئن طئي ٿيو تنهن جي ته خبر ڪونهي، پر لڳ ڀڳ ڏهن مهينن کان همسري جي ڪاروان جي آئون به هڪ ساٿي ۽ شريڪ سفر بڻي آهيان منھنجون تصنيفون شايع ڪرڻ ۾ ميڊم زاهده ابڙو ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ وٽانئس هميشه پنهنجائپ واري موٽ ملي. هن منهنجي لکڻين جي جهجهي مقدار ۾ تعريف ڪئي ۽ لکڻ لاءِ همٿايو، سندس حوصلا افزائي منهنجي اعتماد ۾ اضافو ڪيو. “ٿورا م ٿورا مون تي مارو مير جا”  ھيري جو  قدر جوهر ڄاڻندو آهي، اها راءِ پاڻ لاءِ ناهي، پر ان مان اها مراد آھي ته مون سميت سوين گمنام ليکڪن کي همسري جو پليٽ فارم ۽ ميڊم جهڙي ايڊيٽر ملي. هن سفر ۾ مون کي همسري منهنجو ادبي آشيانو ۽ هڪ گهاٽي بڙ جي ڇانوري جيان لڳو آهي.

سندس ڳالهائڻ همٿائڻ اتساهڻ سميت مڙوئي خوبيون سندس دور انديشي ۽ نظر شناسي جو ڏس ڏين ٿيون. منهنجون ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون ۽ ليک شايع ڪري نه رڳو منهنجي همت ۽ حوصلي کي وڌايو آهي، پر ساڳئي ئي وقت سکڻ، پڙهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مليو آهي. هوءَ بلڪل ماءُ جيان ٻاجهاري ۽ شفيق آهي، اصلاح واري ڏس ۾ پڻ يقين ڏياري درستگي ڪندي آهي. نقاد جي حيثيت سان بلڪل رعايت ڏيڻ تيار ناهي هوندي، يقينن مون کي هڪ سٺي ۽ با وقار ايڊيٽر ملي آهي. ادبي سفر جي شروعات جتي وک وک تي ڏاهن ۽ پاڙهوئن جي ضرورت پوندي آهي، ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيان، بابا سائين ۽ زاهده ميم جو ساٿ مليو. اڪثر نثري نظم ۽ ڪهاڻي تي، بابا جا پڙهيل ڳڙهيل دوست تبصرو ڪندا آهن ۽  مختلف رايا ڏيندا آهن، جيئن منهنجي  پهرين ڪهاڻي  ڏھ جريب، نصير ڪنڀر تنقيدي اک سان ڏٺي ۽ پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو.

سندس چوڻ، (اديءَ وٽ ڏات آهي ڏانءُ ڪانهي). سو بابا کي چيم، مان به اڳيان هلي نوجوان رائيٽرن لاءِ اهڙو ئي پليٽ فارم مهيا ڪنديس، جيئن کين آساني ٿئي، اسلوب ۽ انداز ميڊم جهڙو، چونڊ ۽ معيار طارق اشرف جهڙي هوندي. هن سڄي ڪاروان جو ڪريڊٽ ميڊم زاهده صاحبه ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ڪاميابي سان هن ناو کي منزل تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. بابا الاهي ڪٿان ميڊم زاهده ابڙو جو نمبر وٺي منهنجي ڪهاڻي موڪلي، ميڊم ڪهاڻي پڙهي مون کي بابا جي نمبر تي ڪال ڪئي، سندس پهرين ڪال ۾ شفقت هئي، همت افزائي هئي، پيار جي جهلڪ هئي، هاڻ آئون ميڊم کي پنهنجي استاد، مينٽر ۽ ڦڦي ٿي سمجهان. ميڊم پڻ هر دفعي فون تي لاجواب انداز ۾ رهبري ڪندي رهي ٿي، ماڻهو مقصد کڻي پيدا ٿيندا آهن. هي دليل ناهي، پر حقيقت آهي. تاريخ ۾ اهي انسان مهان رهيا آهن، جيڪي دماغن، جذبن ۽ انسانيت جي ابڪاري ڪندا آهن. يقينن ميڊم زاهده پڻ ساڳي قطار جي اڳواڻ ڪونج آهي، جيڪا پنهنجي ولر کي صحيح دڳ ۾ وٺي هلڻ جي سگهه ۽ ساڃاهه رکي ٿي. ميڊم سنڌ جي نياڻين لاءِ اهو وهائو تارو آهي، جيڪو عميق سمنڊ ۾ به رهبر بڻجي ٻيڙاتن کي واٽ ڏسي ٿو، جڳ جڳ جيئي منهنجي بوا، منهنجي ميم، منهنجي همسري.

***

“همسري” هڪ فڪري تحريڪ، هڪ تخليقي سفر

همسري صرف هڪ مئگزين نه آهي، بلڪه اها هڪ فڪري تحريڪ آهي، جيڪا نئين سوچ، تخليقي اظهار ۽ ادبي سچائيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوشان رهي آهي. گذريل ڏهه ورهين دوران همسري نه صرف لکڻ وارن کي هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪيو، پر پڙهندڙن کي به انهن موضوعن سان روشناس ڪرايو، جيڪي عام ميڊيا کان اوجهل رهيا. جون 2015 کان وٺي جون 2025 تائين جو هي ڏهاڪو، همسري جي واڌ ويجھه، ادبي ساک ۽ فڪري جدوجهد جو شاهد رهيو آهي. همسري اهو نالو آهي، جيڪو اصولي صحافت، علمي گفتگو ۽ سماجي ذميواريءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي.

منهنجو همسري لاءِ لکڻ صرف تحرير ڪرڻ نه رهيو آهي، پر اهو پنهنجي اندر جي آواز سان ڳالهائڻ ۽ سماج جي نبض تي آڱر رکڻ جيترو اهم آهي. همسري مون جهڙن ڪيترن ئي ليکڪن کي اها همت ڏني ته هو بيباڪ لکن، سچ لکن ۽ تخليقن سان دلين ۾ جاءِ پيدا ڪن. همسري جو خاصو هميشه اهو رهيو آهي ته اهو هر موضوع تي دليريءَ سان لکڻ جي آزادي ڏئي ٿو، پوءِ اها عورتن جي حقن جي ڳالهه هجي، نوجوانن جي مسئلن تي تجزيو هجي، ٻارن جي ادب بابت تحريرون هجن يا جديد دور جي ٽيڪنالاجي تي تنقيد. همسري نه رڳو نوان قلمڪار ڳولهي لڌا، پر انهن جي واڌاري لاءِ تربيت، حوصلا  افزائي ۽ شايع ٿيڻ جا موقعا به فراهم ڪيا. مون پاڻ ڏٺو آهي ته ڪيئن هڪ نوآموز  ليکڪ وقت سان پڪو قلمڪار بڻجي ٿو، صرف ئي صرف همسري جي تعاون سان.

اڄ جڏهن همسري پنهنجي ڏهين سالگره ملهائي رهيو آهي ته ان جي پويان ان سخت محنت، ايمانداري ۽ ادبي جذبي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واجب آهي، جيڪو ايڊيٽوريل ٽيم کان وٺي مضمون نگارن تائين سڀني وٽ موجود رهيو. همسري هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو هاڻ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب بڻجي چڪو آهي. هي رڳو لفظن جي اشاعت نه، پر خوابن، اميدن ۽ جدوجهدن جي تشريح آهي. همسري جي هر صفحي مان هڪ نئين سوچ، هڪ نئين ساهه ۽ هڪ نئين فڪر جي خوشبو اچي ٿي، جيڪا پڙهندڙن جي شعور کي ڇهي ٿي. اها اخبار نوان سوال پيدا ڪري ٿي، جوابن جي ڳولها لاءِ تحريڪ پيدا ڪري ٿي ۽ ذهني ارتقا جي راهه هموار ڪري ٿي. همسري اهڙي واٽ آهي، جتي لفظن کي پر ڏئي اڏامڻ جو حوصلو ملي ٿو. ان جي ايڊيٽوريل پاليسي، مواد جي چونڊ ۽ تخليقي ساهه هڪ اهڙي ميلاپ جو ثبوت آهي، جيڪو ٻين اشاعتن لاءِ به رستي جو اشارو ٿي سگهي ٿو. همسري جي ڏهين سالگره جي موقعي تي دعا آهي ته هي ادارو هميشه علم، فڪر ۽ سچائيءَ جي راهه تي گامزن رهي ۽ نئين نسل لاءِ روشنيءَ جو مينار بڻجي.

***

ايڊيٽر همسري ميگزين ڏانهن

آئون ڪجهه وقت کان ئي هن رسالي جي ايڊيٽر سان ڳنڍجي آهيان. هڪ سنڌي ليکڪا جي حيثيت سان مان سندس اجازت سان پنهنجا مضمون موڪليان ٿي ۽ هوءَ واعدو ڪندي آهي ته ايندڙ آن لائن ميگزين ۾ منهنجو مضمون شايع ڪيو ويندو.

خوشي ان ڳالهه جي آهي ته همسري سڀني جو ميگزين آهي. هڪ پيپلز ميگزين وانگر نظر اچي ٿو. منهنجي پنهنجي رسالي وانگر، اهو ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. مان 2015 کان 2025 تائين مسلسل شايع ٿيندڙ همسريءَ جي سفر لاءِ پنهنجون نيڪ خواهشون ارپن ڪيان ٿي.

***

ادب جي واڌاري ۾ رسالن جو سڀ کان وڌيڪ اھم ڪردار آھي. ايئن چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ھڪ رسالو ادب ۾ ڪرنگهي واري ھڏي وارو ڪم ڪندو آھي، اھو ئي سبب آھي ته مختلف دورن ۾ مختلف رسالا شايع ٿيندا رھيا آھن، پر انھن رسالن ۾ اھي ئي رسالا ڪاميابي طرف وڌيا آھن، جن مقدار کان وڌيڪ معيار کي اهميت ڏني آھي.

ھمسري رسالي سان منھنجي وابستگي گھڻي پراڻي ناھي، پر پنجن ستن سالن کان لکڻ پڙھڻ وارو رشتو جڙيل آھي. ان عرصي ۾ لکڻ توڙي پڙھڻ ۾ ھمسري رسالو مونکي ادب جي دنيا ۾ ٻين رسالن کان وڌيڪ منفرد نظر آيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھمسري رسالي وٽ اوليت ڪنھن شخصي سڃاڻپ بجاءِ معيار جي آھي. رسالي جي پاليسين ۾ ئي اھو ڏسڻ ايندو آھي ته ھن رسالي لاءِ اسان کي مواد جي مقدار کان وڌيڪ معيار جي ضرورت آھي. تنهنڪري اوھان  لکڻين جي معيار ذريعي ئي همسري رسالي توڙي پڙھندڙن تائين پنھنجو رابطو قائم ڪري سگھو ٿا.

ھمسري جي پرنٽنگ پڌرائيءَ کان ڊجيٽل پڌرائي تائين ڏهن سالن جي سفر ۾ جيڪا ھمسري رسالي ادب جي دنيا ۾ پنھنجي منفرد حيثيت قائم ڪئي آھي، ان جو مثال ھمسري پاڻ آھي، جنھن جو سڄو سھرو ھمسري ايڊيٽر ميڊم زاھده ابڙو ڏانھن وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو سندن مسلسل محنتن ۽ ڪاوشن جي نتيجو آھي، مونکي اميد آھي ته ايندڙ وقت ۾ به ھمسري پنھنجي ان معيار سان ادب جي دنيا ۾ ھر مھيني نئون جنم وٺندو رھندو.

ھمسري جي ڏھين سالگرھ جي موقعي تي سڀني پڙھندڙن، لکندڙ توڙي رسالو جاري ڪندڙن کي ھمسري مبارڪ!

***

انتھائي خوشي محسوس ڪريان ٿو ته مان صفا لائبرري جي پليٽ فارم تان ھمسري رسالي جو پابندي سان ميمبر رھيو آھيان. ھمسري رسالي جي جوڙجڪ ۽ ھمسري ٽيم جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون آھن. جنھن لاءِ پوري سٿ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ دعاڳو آھيان ته اڳتي به پنھنجون منزلون ماڻيندا، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب ٿينديون.

ھمسري رسالي جي سربراھ ميڊم زاهده ابڙو جنهن اڻٿڪ انمول انٽرويو ڪيا آهن، انهن جو تعداد تمام گھڻو آھي. نوجوان نسل کي تعليم حاصل ڪرڻ جا گس پڻ ڏيکاريا آھن.

آخر ۾ همسري کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مان ۽ شان واري ڀيڻ زاھده ابڙو ۽ سندس سٿ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

***

سڃاڻپ، فڪر ۽ احساسن جو آئينو “همسري”

ادب ھميشه قومن جي سڃاڻپ، فڪر ۽ احساسن جو آئينو رھيو آھي. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي رسالا آيا ۽ ويا، پر ڪيئي اھڙا رسالا آھن جن جي روشني وقت جي وهڪري ۾ به مڌم نه ٿي. “ھمسري” رسالو جيڪو 2015ع کان حيدرآباد مان شايع ٿي رھيو آھي، ھڪ اھم نالو آھي جيڪو سنڌي ادب جي خدمت ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو.

“ھمسري” جو بنياد 2015ع ۾ پيو جڏھن سنڌي ادب کي نون آوازن، نون خيالن ۽ نون موضوعن جي ضرورت ھئي. ھن رسالي جو مقصد صرف ادبي تخليقن کي شايع ڪرڻ نه، پر نون ليکڪن کي ھڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ به ھو جتي اھي پنھنجا احساس، تجربا ۽ فڪر پيش ڪري سگھن. “ھمسري” رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن، ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جو تنوع ان جي ادبي وسعت جو ثبوت آھي. ھمسري ۾ ادبي تنقيد جديد ۽ روايتي ادب تي تنقيدي مضمون جيڪي پڙھندڙن کي نئين سوچ مهيا ڪن ٿا.

شاعري: سنڌي شاعريءَ جا مختلف رنگ، جن ۾ محبت، درد، سماجي مسئلا، ۽ فڪر شامل آھن.

ڪھاڻيون: مختصر ڪھاڻيون جيڪي انساني جذبن، سماجي حالتن ۽ ثقافتي پسمنظر کي پيش ڪن ٿيون.

تحقيق ۽ مقالا: ادبي تحقيق تي ٻڌل مقالا جيڪي پڙھندڙن جي علم ۾ واڌارو ڪن ٿا.

“ھمسري” نه رڳو ادب تائين محدود آھي، پر ان جي مواد جي موضوعاتي وسعت حيرت انگيز آھي. عالمي ۽ مقامي سياست، جيوپوليٽڪس، تاريخ، ثقافت ۽ سماجيات سميت ھر موضوع تي اھڙو مواد شايع ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن به تعصب، نظرياتي جانبداري يا پروپيگنڊا کان پري هوندو آھي. ھن رسالي جي سڀ کان وڏي خوبي اها آھي ته اھو پڙهندڙن کي صرف معلومات مهيا نٿو ڪري، پر انھن کي سوچڻ سوال ڪرڻ ۽ نون نقطن کي سمجهڻ جي دعوت ڏئي ٿو. اڄ جي دور ۾ جتي ميڊيا جو وڏو حصو مخصوص مفادن جي واڪ ۾ آيل آھي، “ھمسري” هڪ اهڙو ادارو بڻجي بيٺو آھي جيڪو ايمانداري، غير جانبداري ۽ ذميواريءَ سان لکڻ جو اعليٰ مثال قائم ڪري ٿو.

“ھمسري” جو ھڪ وڏو ڪارنامو نون ليکڪن کي متعارف ڪرائڻ آھي. ھن رسالي ڪيترن ئي نون قلمڪارن کي اھو اعتماد ڏنو آھي ته اھي پنھنجا خيال ۽ احساس لفظن جي صورت ۾ پيش ڪن. مان پاڻ به ڪافي سالن کان ھن رسالي سان لاڳاپيل آھيان ۽ مون کي ھميشه اھو محسوس ٿيو آھي ته “ھمسري” نون ليکڪن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ۽ انھن کي ادبي دنيا ۾ پنھنجو مقام ٺاهڻ جو موقعو ڏئي ٿو.

“ھمسري” ادبي معيار تي ڪڏھن به سمجھوتو نه ڪيو آھي. رسالي جي ترتيب، مواد جي چونڊ ۽ پيشڪش ھميشه اعليٰ معيار جي رھي آھي ھن رسالي جي ايڊيٽوريل ٽيم جي محنت ۽ لگن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي جن جي ڪوششن سان ھر شمارو پڙھندڙن لاءِ ھڪ ادبي تحفو بڻجي ٿو.

“ھمسري” صرف ادبي رسالو نه، پر ھڪ ثقافتي ۽ سماجي شعور جو ذريعو به آھي ھن رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن ۽ ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن، ثقافتي روايتن ۽ انساني قدرن تي روشني وڌي وئي آھي اھو رسالو پڙھندڙن کي صرف تفريح نه پر سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿو.

“ھمسري” جو ادبي سفر جاري آھي ۽ ان جي مستقبل بابت اميدون روشن آھن. جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾، جتي ڊجيٽل ميڊيا جو اثر وڌي رھيو آھي، “ھمسري” به آن لائين پليٽ فارم تي پنھنجو ڪردار وڌائي ٿو ۽ جدت ڏانھن وڃي ٿو جنھن سان ان سان رسالي جي رسائي وڌندي ۽ وڌيڪ پڙھندڙن تائين پھچ ممڪن ٿيندي.

مان ذاتي طور تي لکڻ جو آغاز ٻين مختلف پليٽ فارمن تان ڪيو جتي مون کي لفظن جي چونڊ، موضوعن جي پيشڪش ۽ اظهار جي آزاديءَ بابت ڪيترن ئي بندشن کي منهن ڏيڻو پيو، پر جڏھن مون ڪجهه سال اڳ “ھمسري” سان وابستگي اختيار ڪئي تڏھن مون کي اهو احساس ٿيو ته اھو صرف ھڪ ادبي رسالو نه، پر ھڪ فڪري آزاديءَ جو ميدان آھي. “ھمسري” اھڙو پليٽ فارم آهي جتي نه روايتي جھل پل آھي نه فڪر تي پابندي نه اظهار تي ڪا روڪ. ھمسري ۾ “اھو لک، ھو نه لک” جھڙي ڪا پاليسي ناھي بلڪه صرف ۽ صرف خلوص سان لکڻ جي ترغيب ملي ٿي. اڄ جي دور ۾ جتي فريڊم آف اسپيچ جي تعريف به ڪيترن ئي قيد و بند سان جڪڙجي وئي آھي اتي “ھمسري” هڪ اهڙو ادارو بڻجي اڀريو آهي جيڪو ايمانداري، آزادي ۽ ادبي ساھ کي حقيقي معنيٰ ڏئي ٿو. مان ذاتي طور تي “ھمسري” جي اعليٰ ادارت ان جي فڪر سان سچائيءَ سان جڙيل رويي ۽ لکڻ وارن لاءِ مهيا ڪيل وقار کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. مان فخر سان چوان ٿو ته مون کي به هن ادبي سفر ۾ “ھمسري” سان حصو وٺڻ جو موقعو مليو جيڪو منهنجي قلمي سڃاڻپ جو اهم حصو بڻجي چڪو آهي.

ادب جي دنيا ۾ “ھمسري” رسالي جو ڪردار قابلِ تعريف آھي. ان جون ادبي خدمتون، نون ليکڪن جي حوصلا افزائي ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون ان کي ٻين رسالن کان ممتاز بڻائين ٿيون. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجھان ٿو جو مان ھن ادبي سفر جو حصو آھيان ۽ اميد رکان ٿو ته “ھمسري” جو روشن سفر مستقبل ۾ به جاري رھندو

***

همسري کي سالگره جون واڌايون هجن

ادب جي دنيا ۾ جڏهن لکڻ خاطر قلم کي حرڪت ٿي ڏجي ته مٿو چڪرائجي ٿو وڃي ته ڪٿان شروعات ڪجي ۽ ڪٿي اختتام ڪجي ڇو ته ادب ڪو واهه يا ڪو درياءَ ڪونهي ڪو، پر ادب هڪ اهڙو سمنڊ آهي جو ڪوبه غوطاخور هن جي تري تائين نٿو پهچي سگهي، بيشڪ ادب جو سمنڊ موتين سان ڀريل رهي ته به بس ضرورت انهيءَ ڳالھ جي آهي ته ڪوئي انهن موتين کي حاصل ٿو ڪري ته وري ڪوئي ڪناري تي بيهي سمنڊ جي ڇولين جو نظارو ڪري واپس ٿو وري، مطلب هٿين خالي ٿو موٽي، ها سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي ڇو ته ٽٻي هڻڻ جان جوکي ۾ وجهڻ جي برابر آهي. ڪو وقت هو جڏهن اخبارون ۽ مئگزين تمام ٿوري تعداد ۾ شايع ٿيندا هئا، پر جڏهن کان ڪمپيوٽر آيو آهي تڏهن کان ادب کي به ڄڻ ته طاقت ملي وئي آهي. اخبارن ۽ رسالن جي انگ ۾ ڪافي واڌ اچي وئي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪافي ساريون اخبارون ۽ کوڙ سارا مئگزين شايع ٿيڻ لڳا آهن. ايترو ئي نه، پر ماضيءَ ۾ اخبارن ۽ رسالن کي ڪافي اشتهار به ملندا هئا جنهن سان ادارن جي مالي سهائتا ٿيندي هئي، پر جڏهن کان موبائل ۽ پي ڊي ايف جو جهان شروع ٿيو آهي تڏهن کان ته هارڊ جي ڀيٽ ۾ پي ڊي ايف تحت هر شهر کان روزاني جي بنياد تي لاتعداد اخبارون شايع ٿي رهيون آهن ۽ ايئن ئي رسالن ۽ مئگزينن جي انگ ۾ به اضافو ٿيو آهي، جيڪو هڪ طرح سان ادب جي لاءِ سٺو سنوڻ ۽ قدم آهي. ڇو ته شاعر ۽ اديب به ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌي ويا آهن، جيئن نماز جنت جي ڪنجي آهي، تيئن ئي محنت ڪاميابي جي ڪنجي آهي جيڪو به انسان جنهن به اداري ۾ محنت ڪري ٿو اهو سڦلتا ۽ عزت حاصل ڪري ٿو، ايئن ادب جي دنيا ۾ جن به محنت ڪئي انهن کي مان مليو آهي ۽ اهي منزلون طئي ڪندي ڪامياب ٿيا آهن، سو هتي اڄ مختصر طور تي ذڪر ڪبو ماهوار مئگزين همسري حيدرآباد جو جيڪو ڏهن سالن جي لڳاتار اشاعت بعد پنهنجي سالگره ملهائي رهيو آهي.

ڪڏهن ٻڌبو هيو ته فلاڻي خان ۽ ٽيري خان جي سالگره آهي، پر جڏهن کان خاص ڪري اسڪرين ميڊيا جو وجود قائم ٿيو آهي تڏهن کان سالگرهون ايئن ٿيون ملهائجن ڄڻ ته ڪا برسات ٿيندي هجي ٻيو ته ٺهيو پر مري ويلن کي به ياد ڪري انهن جي ورسين کان علاوه سندن سالگرهون به ڌڙاڌڙ ٿيون ملهائجن، سو اهڙي عمل جو ڪو مخالف آهي ته ڪو حامي آهي، مگر اهو سٺو عمل آهي جو انهيءَ بهاني ماڻهو گڏجن ٿا مري ويل کي ياد ڪن ٿا. تحرير کي مختصر ڪندي لکجي ٿو ته:

سڄڻ سالگره جون، ور ور توء واڌايون،

صاحب ڪندء سڻايون، سکيو هوندين سنسار ۾- (مهر فقير)

همسري ميڊيا هائوس جو بنياد جون 2015ع ۾ پيو ۽ جون 2025ع ۾ همسري جي ڏهين سالگره ملهائي ويندي. همسري جديد دور جو اهو واحد مئگزين آهي، جيڪو 2015ع کان بنا ڪنهن وقفي ۽ تاخير جي ادب جي خدمت ڪندو پيو رهي، همسري جي سموري سٿ کي جس هجي جيڪي اڻٿڪ محنت سان همسري کي ادب دوستن تائين پهچائي ادبي فرض جو پورائو ڪري رهيا آهن. مان هتي هڪ ڳالھ فخر سان لکڻ ٿو چاهيان ته همسري ڪڏهن به سينيئر ۽ جونيئر وارو فرق ناهي ڪيو، ڇو ته هتي هميشه تحرير جي معيار کي ئي مان مليو آهي. همسري جو هڪ ٻيو به بهترين پاسو آهي ته هن مئگزين ۾ جيڪو به مواد شامل ٿيو آهي سو سڄي سنڌ جي رهنمائي ڪندڙ هوندو آهي، ڇو ته هتي پڙهندڙ کي پرڏيهي ادب کان علاوه ملڪي ادب جنهن ۾ حالات ۽ واقعات، سياسي تجزيا، ڪتابن تي تبصرا، ٻارن لاءِ مواد، شعر و شاعري، ڊائري جا پنا، سماجي ڪٿائون، عورتن سان ٿيندڙ انياءُ ۽ عورتن جي حقن بابت تحريرون وغيره وغيره شامل هونديون آهي. سچ ته اڪثر ڪري دوستن کي همسري جو انتظار ايئن رهندو آهي جيئن روزائتن کي عيد جي چنڊ جو انتظار رهندو آهي. همسري جي اها به خوبي آهي ته مئگزين جي سٿ ڪڏهن به ڪنهن به رائيٽر کي مايوس ۽ نااميد ناهي ڪيو بلڪه سدائين لکندڙن کي همٿايو آهي هنن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪئي آهي، ڇو ته هي هڪ ادارو آهي. همسري مئگزين ته هڪ ماهوار مئگزين آهي پر همسري روزاني اخبار به آهي جيڪا به مئگزين وانگر پڙهندڙن کي وستين واهڻن جي هر خبر کان باخبر رکي قومي فرض ادا ڪري رهي آهي، سچ ته همسري سٿ هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي سٿ آهي جيڪا بنا ڪنهن ٿڪ ۽ ساهي جي صف اول تي نمايان نظر ايندي آهي.

رهي شل سلامت دلبرن جي دلبري،

هجئي سالگره مبارڪ اي همسري.

     همسري ادب ۾ رهنما ۽ رهبر وارو ادبي ڪردار ادا ڪندڙ ادارو آهي جتان ڪئي سيکڙاٽ سکيا حاصل ڪري ادب جي خدمت ۾ مصروف آهن، سو هاڻي جيئن ته همسري ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ جا ڏھ سال مڪمل ڪرڻ تي سالگره ملهائي رهيو آهي ته اهڙي پرمسرت موقعي تي اسان دل جي اٿاھ گهراين سان همسري کي لاتعداد واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ دل سان دعا ٿا ڪريون ته رب ڪريم همسري کي اڳتي ڪاميابي ۽ ڪامراني عطا ڪري ته جيئن ادب ۽ اديبن جي آبياري ٿيندي رهي.آمين- سالگره جون لک لک واڌايون هجن.

***

ماهوار “همسري” ڏهين سالگره مبارڪ

ماهوار مئگزين “همسري” جي ڏهين سالگره جي موقعي تي آئون سموري ٽيم کي مبارڪ ڏيندي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن مئگزين پنهنجي ليکڪن توڙي پڙهندڙن کي وڏو مانُ ڏنو آهي. انهن خوش قسمتن ۾ آئون به هڪ آهيان. مون کي ماهوار “همسري” ۾ لکندي لڳ ڀڳ چئن سالن جي عرصي کان مٿي ٿي چڪو آهي انهيءَ کان اڳ ۾ ماهوار “همسري” جو مسلسل پڙهندڙ رهيو آهيان. هي مئگزين توڙي جو مختصر صفحن تي مشتمل هوندو آهي، پر پنهنجي لکندڙن کي مانائتي انداز ۾ اتساهه جو سبب بڻبو آهي. آئون همسري لاءِ مختلف موضوعن تي لکندو آهيان ته انهيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري سٺن موضوعن جي چونڊ ڪندو آهيان ۽ انهن موضوعن کي بنا ڪاٽ ڪوٽ جي جيئن جو تيئن شايع ڪيو ويندو آهي انهيءَ لاءِ آئون ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. ڇاڪاڻ جو انهن مضمونن ۾ منهنجي جذبن جو مڪمل احترام ڪيو ويندو آهي، ٻئي طرف آئون ٻين مانائتن ليکڪن جا مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل هوندا آهن جن ۾ عالمي معلومات کان ويندي،  فلسطين ڪشمير ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سياسي مسئلن کان ويندي، غزه جي ڀيانڪ صورتحال، بک، خوف، غربت، جنگ جي زخمين معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا. سنڌ جي تعليم جا مسئلا ۽ انهن جي حل ڪرڻ جا رستا ٻڌايا ويندا آهن. سنڌ جي يونيورسٽين انهن جي هاسٽلن ۾ سهولتن نه هئڻ تي شاگردن ۽ استادن جي احتجاج کان ويندي علم و ادب جي وسيع موضوعن تي خاص ليک شامل هوندا آهن. بهرحال ماهوار مئگزين “همسري” پنهنجي ابتدائي مرحلن کان وٺي اڄ تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، اهو انتهائي شاندار ۽ پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي. نون لکندڙن جي آجيان ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي رسالي ۾ مانائتي جاءِ ڏئي سڃاڻپ پيدا ڪئي ويندي آهي، اهو سمورو سهرو هن مئگزين جي سموري ٽيم جي سچائي ۽ دل و جان سان ڪم ڪرڻ ڪري مئگزين کي چار چنڊ لڳندا رهن ٿا. انهن ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته ماهوار “همسري” جي سموري ٽيم جو هڪٻئي سان جيڪڏهن گهر جي ڀاتين وانگر هي ساٿ نه هجي ها ته اهڙي قسم جو شاهڪار ڪم نه ٿي سگهي ها. هڪ طرف پنهنجي ليکڪن جو خاص خيال رکڻ، ته ٻئي طرف انهن جي همت افزائي ڪرڻ اها وڏي سچائي چئبي پنهنجي ٻوليءَ سان، پنهنجي تاريخ ۽ قوم سان، جنهن لاءِ سموري ٽيم مبارڪن جي لائق آهي. آئون هن مئگزين جي روح روان ايڊيٽر ميڊم زاهده ابڙو کي جس ڏيان ٿو جنهن جي ڪمال ذهانت جو هي هڪ واضح ثبوت آهي، جنهن جي ٽيم پنهنجي دل جي سچائي سان ڪم ڪري ٿي. آئون هڪ ٻئي ٽيم جي علمي گوهر محترم غلام نبي سومرو صاحب جو ذڪر ڪريان جنهن جو ٽيم ورڪ ۾ وڏو حصو آهي ۽ ٻيا مانوارا انهن ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ارم محبوب، ڊجيٽل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سيد مدد علي شاھ، ڪمپوزر محترم سليم سولنگي ۽ شهزاد علي منگواڻي صاحب کي به جس آهي ۽ خوبصورت مئگزين جي ڏهين سالگره جون مبارڪون آهن. مون سميت ماهوار مئگزين “همسري” ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو پسنديده مئگزين آهي، جيڪو مئگزين جي تمام گهڻن لکندڙ مان محسوس ٿي رهيو آهي. انهن مان ڪي هي آهن: مشتاق ميراڻي، شوڪت لوهار، خليق ٻگهيو، رياض ابڙو، شهريار، حسيب ناياب منگي، ڪامران جتوئي، امتياز احمد عرساڻي، ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاھ، طفيل مگسي، پروفيسر مولا بخش محمدي، سرور رشيد صديقي، سرمد کوسو، نذير ٻٻر، ايمن جمالي، بختاور رزاق درس، زاهده ابڙو، ڀون سنڌي، غلام علي کوساڻي، احسان ابڙو منهنجو ڳوٺائي سرمد عباسي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، محترم عبدالوهاب سهتو، سانول، ڪشور لالواڻي، انووادڪ، پروفيسر شبير سومرو ۽ هن مئگزين جي ٻين ليکڪن کي همسريءَ جي ڏهين سالگره جون واڌايون پيش ڪريان ٿو. اوهان جي تخليقي پورهئي هن پليٽ فارم تي جيڪو مواد ڏنو آهي، اهو ڏاڍو ڀلو آهي. اوهان جو مختلف موضوعن تي معلوماتي مواد پڙهندڙن کي ڏئي پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهيو. پنهنجي ناياب نسل جي انسانن جي خدمتن ۽ علمي پورهئي کي به آڏو رکو ٿا. مطلب ته هن مئگزين پنهنجي ڏهن سالن جي سفر ۾ انتهائي شاندار ڪم سر انجام ڏنا آهي، جنهن ۾ گونا گون موضوع ادب، سياست، تاريخ، سماجيات، ناول، ڊائريون، ڪتابن تي تبصرا، مثالي شخصيتن جا ڪارائتا انٽرويو، ٻارن جي لاءِ مواد، ڪهاڻيون ۽ شاعري، وغيره وغيره هن رسالي جا موضوع مئگزين جي سونهن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڪندا رهن ٿا. مٿين سمورين خوبين جي ڪري هن مئگزين جو نالو عالمي طور تي مقبول ٿي رهيو آهي. اڄ ماهوار مئگزين “همسري” جي ڏهين سالگره جون سموري ٽيم، پڙهندڙ ۽ لکندڙن کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

***

همسري هڪ انقلابي ميگزين

اخبار ۽ ماهوار ميگزين جي اهميت تي جي ڳالهائجي ته اتي همسري ميگزين جو ذڪر ضرور ايندو، ان ڪري ته ان ميگزين جي اڻت ۽ ترتيب ۾ ميڊم زاهده ابڙو جي بي لوث محنت ۽ خلوص شامل آهي، جيڪو محترمه 2015 کان وٺي پنهنجي اڻٿڪ محنت سان ۽ ادبي لگن سان ثابت ڪيو پئي اچي. عورتن جي هن سماجي، سياسي ۽ ادبي کيتر ۾ جي ڳالهھ ڪجي ته هتان جو عورتون فيمنزم جي ٿڪل ۽ اڊڙيل احساس هوندي به پاڻ ملهائين پيون، اهي سمجهن ٿيون ته هن معاشري کي سياسي، سماجي ۽ ادبي دائري ۾ اهڙيون بي لوث خدمتون آڇڻيون پونديون، جن جي هن سماج کي اشد ضرورت آهي. ميڊم زاهده ابڙو جون ان ڏس ۾ ادبي خدمتون بيشمار آهن، جن جي ترتيب ميڊم جي روزاني همسري اخبار ۽ ماهوار همسري ميگزين مان پروڙي سگهجن ٿيون، جيڪو هن دور ۾ هڪ بهترين اخباري تحفو ۽ ادبي گلدستو پڻ آهي، جنهن ۾ رنگ برنگي مواد ۽ هر قسم جي معلومات شايع ٿئي ٿي، جنهن جي لاءِ ميگزين جي سٿ ۽ خاص ميڊم زاهده پاڻ پتوڙي ٿي. جنهن جي لاءِ هوءَ ۽ سندس ٽيم جس لهڻي.

ڳالھه وري به ميڊم زاهده ابڙو جي ڪبي، جيڪا بي باڪي سان عالمي معلومات، ڪرنٽ اشوز، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اٿل پٿل جي عيوض خبرون چارون ڏيندي رهي ٿي. هن ميگزين ۾ مضمون، سياسي ۽ سماجي تبصرا، ڪهاڻيون، ڪتابن تي تبصرا، شاعريون ۽ ٻيو کوڙ سارو مواد جنهن جي پرک جي لاءِ هڪ عقابي اک درڪار هجي ٿي، هڪ جوهري جيڪو ان مواد کي پرکي، پر انهن سڀني پَرکُن، جاچن ۽ ادبي سڃاڻپ جي لاءِ هڪ خاص تُڪ ۽ تُز کپي ٿي ۽ انهن مڙني ڳالهين جي پورائي لاءِ گهڻ پاسائي معلومات جي ضرورت پوي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي ۽ ٻين موادن تي عقابي اک رکي سا گهرج ميڊم پوري ڪري ٿي. ايڊيٽر جي لاءِ رڳو پروف ته پنهنجي جاءِ تي، پر مواد جي وقتائتي هجڻ تي به نظر رکڻي پوي ٿي ته جيئن پڙهندڙ لطف اندوز ٿ سگهن ۽ پڙهندڙ اها ڳالھه نه سمجهي ته ايڊيٽر شين کي نظرانداز ڪرڻ ۾ سڀ ڪجھه تياڳي مڙئي پئي ڪم هلايو آهي. هتي هڪڙي ڳالھه ضرور ڪبي ته جيڪي شيون ٻولين جا ماهر، Language Authority وارا يا ڊڪشنري ترتيب ڏيڻ جو ڪم ڪن ٿا، اهي سڀ ڪم ميڊم پنهنجي ميگزين ۾ سرانجام ڏئي پئي، ان ڪري ته محترمه تمام گهڻي دلچسپي سان ڪم ڪري ٿي. هوءَ ٻولي جي ماهر به آهي ته سياسي سُڻ بُڻ به رکي ٿي ته سماجي اوڻاين تي به اک رکي ٿي.

هن ميگزين کي ماضيءَ جي انهن انقلابي ميگزين جي جاءِ ڏئي سگهجي ٿي، جيڪي پنهنجي دور جا ۽ ايم آر ڊي تحريڪن ۾ وڏا مَتل ۽ مشهور هوندا هئا، جن جا ايڊيٽوريل به انقلابي هوندا هئا. ساڳي ڳالھه وانگي هن ميگزين ۾ به ايتري جاڳرتا، مهم جوئي، ڄاڻ، سنڌ جي مسئلن جي اپٽار، ٻولي جي سُڌ ٻُڌ، تعليم جي مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻي ۽ خواندگيءَ جي باري ۾ معلومات، تاريخي ماڳن جي مالڪي، سمنڊ ۽ سامونڊي ٻيٽن کان وٺي درياءَ جي پاڻي تي ڇهن ڪينالن جي صورت لڳل ڌاڙي تي لکيل زبردست ايڊيٽوريل ۽ ترتيب ڏنل مضمون به ان ڳالھه جا واحد شاهد آهن ته همسري ميگزين پاڻ ملهايو آهي ۽ هي ميگزين انهن سڀني مهمن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح حصو رهيو آهي، ان کان علاوه ڪارپوريٽ فارمنگ کان وٺي، سنڌ جي زرعي ۽ رهائشي اسڪيم بحريا ٽائون تي جيتري قلم بازي هن ميگزين ۾ ڪئي وئي آهي، سا يقينن ساراھ جوڳي آهي.

عام طور تي رسالا سماج ۽ ثقافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، گهري معلومات فراهم ڪندي، ثقافتي سمجھه کي فروغ ڏيندي، عوامي گفتگو کي وڌائيندي ۽ ڇِيھَه ڏيندي معاشي ترقي ۾ حصو وٺندي، اهي بصري ۽ متني مواد جو هڪ منفرد ميلاپ پيش ڪن ٿا. اهڙا ميگزين مختلف قسم جي دلچسپين کي به وڌائين ٿا ۽ مختلف نقطهءِ نظر لاءِ هڪ پليٽ فارم به فراهم ڪن ٿا. اها ڳالھه مڃون ٿا ته سماج کي سڌريل شڪل ڏيڻ ۾ رسالن جو ڪردار اهم رهيو آهي، اهي ڊگهي عرصي کان سماجي قدرن ۽ رجحانن کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. خاص طور تي، رسالا خوبصورتي جي معيارن، صارفين جي روين ۽ ثقافتي تحريڪن کي بيان ڪرڻ ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ ۾ اثرائتا رهيا آهن. رسالي ۾ گهڻي ڀاڱي مختلف قسم جا مضمون شامل هوندا آهن ۽ عام طور تي رسالن جي ڪجھه اشتهارن جي ذريعي مالي مدد به ڪئي ويندي آهي، گهڻي ڀاڱي رسالا پڙهندڙن طرفان خريد ڪيا ويندا هئا، پر هاڻوڪي سوشل ميڊيا جي هَڻُ هَڻا جي ڪري ۽ ڪاغذ جي مهانگي هجڻ جي ڪري، اهي رجحان گهٽجي ويا آهن ۽ جيڪي به روزاني مشهور اخبارون آهن، اهي به هاڻي ڊجيٽل ۽ آن لائين ميگزين هلائين ٿيون يا انهن به بند ڪري ڇڏيا آهن، ڇو ته سيڙاءُ پنهنجي جاءِ تي، پر انهن رسالن تي ڪيل خرچ به نٿو نڪري، ان ڪري اهڙن رجحانن جي اڻاٺ جي ڪري اهي ميگزين هاڻي اچڻ بند ٿي ويا آهن، نه تو ڪو دور هو جو عام ماڻهو به ميگزين وٺي ان کي پڙهي وري دوستن ۽ مٽن مائٽن يا پنهنجي ڊرائنگ روم جي ٽيبل تي سجائي رکندا هئا ۽ دوستن يارن مٽن مائٽن کي اڌارو پڙهڻ لاءِ به ڏيندا هئا، پر هاڻي دور مٽجي ويو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪتابن جو ڇپايون به گهٽجي وڃن ۽ ڪتاب به ڊجيٽل ۽ آن لائين اچڻ شروع ٿي وڃن.

ڪجھه رسالا عام طور تي هفتيوار، ماهوار، ٻه ماهي يا ٽه ماهي به شايع ڪيا ويندا آهن، جن جي سر ورق تي هڪ تاريخ هوندي آهي، جيڪا اصل ۾ شايع ٿيڻ جي تاريخ کانپوءِ هوندي آهي. اهي اڪثر ڪري رنگين ڪاغذ تي ڇپيل هوندا آهن ۽ هڪ نرم سرورق سان جڙيل هوندا آهن. اخبارن جي برعڪس، رسالا غير خبري مواد کڻندڙ هوندا آهن. اينڊريو بريڊفورڊ جي “آمريڪن ميگزين” ۽ بينجمن فرينڪلن جي “جنرل ميگزين” کي پهريون رسالو سمجهيو ويندو آهي، اهي 1740 جي ڏهاڪي ۾ شايع ٿيا هئا. اڳي رسالا ڪتابن جيترا مهانگا هوندا هئا. تنهنڪري اهي صرف امير ماڻهن لاءِ سستا هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ رسالا خريد ڪرڻ هڪ مالي حيثيت جي علامت هوندي هئي، پر پاور پريس جي ايجاد سڄي دنيا ۾ رسالن جي تيزيءَ سان ڇپائي جي واڌ جو سبب بڻي. گهڻا ابتدائي رسالا اخباري تنظيمن پاران شروع ڪيا ويا هئا. هاڻي به رسالن کي ماس ميڊيم سمجهيو ويندو آهي، جيڪو ثقافت ۽ قوم پرستي کي پکيڙيندو آهي. رسالو اصل ۾ هڪ فرانسيسي لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي “اسٽور هائوس” صحافتي اصطلاحن ۾ رسالو سياسي سماجي مضمونن، ڪهاڻين، اشتهارن ۽ نظمن وغيره جي مواد جو مجموعو هوندو آهي،  ايڊيٽرن جو خيال آهي ته پڙهندڙرسالن کي وڏي دلچسپي سان وٺندا ۽ پڙهندا هوندا. “دي اسپيڪٽيٽر” 1711 ۾ انگلينڊ جي جوزف ايڊيسن پاران شايع ٿيل انگريزي ۾ پهريون مڪمل رسالو سمجهيو ويندو آهي. رسالن جي باقاعده اشاعت ارڙهين صدي ۾ برطانيه ۾ شروع ٿي، عوامي بحث ۽ حڪومت بابت دليلن لاءِ پارليامينٽ پاران ڏنل اجازت ۽ عطا ڪيل آزادي جي نتيجي ۾ اڳوڻن رسالن سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ادبي معاملن تي به ڌيان ڏنو.

تعليم جي جديد واڌاري سبب، قيمتي ۽ مؤثر صنعتي پيداوار جي جدت جي ڪري، پرنٽنگ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي اچڻ جي ڪري، فوٽوگرافي ۾ نوان طريقا ۽ نيون ايجادون اچڻ جي ڪري، ٽرانسپورٽ جون نت نيون سهولتون آڻڻ جي ڪري، نون ليکڪن جي ظهور سبب، پڙهڻ جي ڪلچر ۾ واڌ، سماجي مسئلن تي بحث ڪرڻ جي سياسي آزادي ۽ متنوع مواد جي شموليت، آبادي ۾ وڏي واڌ ۽ اشتهارن جي آمدني ۾ اضافي سبب ماهوار رسالن جي وڏي پيماني تي پيداوار ۽ ورڇ کي تيز ڪيو، پر هاڻي شيون ڪجھه تبديل ٿي ويون آهن. پهرين يورپ ۽ آمريڪا ۾، پوءِ 19 صدي جي وچ ۾ هندستان جهڙن ملڪن ۾ هڪ وڏي پيماني تي ميڊيا جي اوتار کانپوءِ، رسالن پڙهندڙن جي خاص طبقن جهڙوڪ: عورتن، ٻارن، پيشه ور ماڻهن وغيره کي راغب ڪرڻ شروع ڪيو، ان ڏس ۾ پهريون رجحان عورتاڻن رسالن جو عروج هو. سڀ کان اهم سنگ ميل 1830ع ۾ Godey’s Lady’s Book جي اشاعت هئي، آمريڪا ۾ لوئس اي گوڊي پاران شروع ڪئي وئي هئي، جنهن جا ان وقت ۾ 150000 کان وڌيڪ پڙهندڙ هئا.

صنعتي انقلاب ۽ مارڪيٽ جو عروج ماس ميڊيا ڏانهن اشتهارن جي آمد جو سبب بڻيو ۽ رسالن به هن موقعي مان فائدو ورتو. فرينڪ منسي، (هڪ آمريڪي ميگزين جي مالڪ) مڃيو ته اشتهار رسالي جي پيداوار جي خرچ جو گهڻو حصو ادا ڪري سگهن ٿا ۽ رسالن جي گهٽ قيمت لکين پڙهندڙن کي راغب ڪري سگهي ٿي، ان ڪري هن اشتهار ڏيندڙن کي وڌيڪ راغب ڪيو. اهڙي طرح ميگزين انڊسٽري ميڊيا جي شعبي ۾ منافعي بخش ڪاروبار طور وڌي وئي. 20 صدي جي شروعات ۾ رسالن ۾ سنسني خيز خبرن، مشهور شخصيتن جون زندگين، ناول، مختصر ڪهاڻين وغيره ڇپجڻ جا رجحان هوندا هئا. 20 صدي جي آخر ۾ ٽيليويزن جي وسيع ترين رسائي رسالن جي لاءِ چئلينج پيدا ڪيا.

بهرحال همسري ميگزين جي سالگره جي موقعي تي اهو چوڻ بجا آهي ته هي رسالو انهن سڀني لوازمات تي پورو لهي ٿو ۽ هي به پڙهندڙن جي هرTaste ۽ Genreوٽان آهي، جنهن مان هر پڙهندڙ لطف اندوز ٿئي ٿو. همسريءَ جي پوري ٽيم جي لاءِ نيڪ تمنائون.

***