همسري سنڌي رسالن ۾ همسري جو ڪو به مقابلو ناهي
ھمسري کي جنم ڏينھن جون لک واڌايون
همسري مئگزين سنڌ جو نمايان مئگزين
مان پهريان ته همسَري سان سلهاڙيل سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو. جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان گذريل ڏهن سالن کان همسَري رسالي جي هارڊ ڪاپيءَ جي سفر کان وٺي سافٽ ڪاپيءَ جي سفر تائين بنا ڪنهن وقفي/ساهيءَ جي وقت جي پابنديءَ سان رسالو شايع ڪندي رهي آهي. نه ته سنڌي رسالن جي وقت جي پابنديءَ سان شايع ٿيڻ جي ڪا چڱي تاريخ ڪونه رهي آهي. مان هن رسالي جي رائيٽرس ڪلب جو ميمبر ته آهيان. ان کان علاوه مان هن رسالي جو پڙهندڙ، نقاد ۽ مبصر به آهيان. مان هڪ مبصر طور اها دعويٰ ڪيان ٿو ته شروع کان وٺي هن رسالي ۾ جيڪي به لکڻيون شايع ٿينديون رهيون آهن اهي معياري، انسان دوست ۽ سنڌ دوست رهيون آهن. پوءِ اهي سياسي، سماجي، ادبي، تعليمي يا بين الاقوامي ڪالم هجن يا کڻي ڪهاڻي هجي يا شاعري…! ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته هن رسالي سدائين سنڌ جي ڪيس کي اَوليت ڏني آهي. ان جي گواهي توهان کي رسالي جو ايڊيٽوريل صفحو ڏيندو…!
سنڌي ٻوليءَ ۾ طارق اشرف جي سُهڻِي مئگزين، حميد سنڌيءَ جي روح رهاڻ، عبدالواحد سنڌيءَ جي نئين زندگي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي دور جي مهراڻ ۽ ويجهڙ ۾ تاج بلوچ جي سوجهري مئگزين ۽ ٻين رسالن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجھه ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته مئگزين جي هڪ تاريخ رهي آهي. سماجي ۽ سياسي تبديلي جي اوزار طور مئگزين جو اهم ڪردار رهيو آهي. مئگزين جي ذريعي تخليقي اوسر، تعليمي شرح ۽ تفريحي مواد جي ترويج ٿئي ٿي. همسري مئگزين سنڌي ٻوليءَ جو مانائتو مئگزين آهي. هارڊ مئگزين کان ڊجيٽل مئگزين تائين، همسريءَ جو سفر ڏاڍو خوبصورت رهيو آهي. معياري مواد تي انھن ڪڏهن به ڪمپرومائيز ناهي ڪيو.
ھمسري سان هم سفر
سڀ کان پهريائين ھمسري مئگزين جي سموري علمي ۽ ادبي سٿ کي ڏھين سالگرھ جون کوڙ ساريون واڌايون هجن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ھمسري مئگزين جو نانءُ ھڪ خوبصورت واڌارو ثابت ٿيو آهي. مان ھمسري مئگزين کي پابنديءَ سان پڙھي رھيو آھيان ۽ وقت بوقت پاڻ به لکندو رهيو آهيان. ھن رسالي ۾ ڇپجندڙ مواد ھر لحاظ کان اثرائتو ۽ وزنائتو هوندو آهي، جنھن کي ھر ڄمار ۽ ھر گھر جو هر فرد پڙھي سگھي ٿو. انتھائي خوبصورتيءَ سان ھر پهلوءَ تي لکيو وڃي ٿو، جنھن سان پڙھندڙن ۾ واڌ آئي آهي. چئي سگهجي ٿو ته ھمسري مئگزين سنڌي صحافت جو ھڪ معياري رسالو آهي. منھنجي دعا آھي ته ھي رسالو اڃان وڌيڪ اڳڀرو ٿئي.
همسري رسالو: منھنجي نظر ۾…
اول ته مان همسري سٿ جو ٿورائتو آهيان جو هڪ ليکڪ طور منهنجي راءِ وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي. همسري ميگزين سان وابستگي يقيني طور منهنجي لاءِ قابل فخر آهي، هڪ اهڙي دور ۾ ادبي ميگزين طور قائم رهڻ همسري لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ادبي رسالا سڪڙجي يا محدود ٿي ويا هجن، همسري ميگزين پنهنجي پاليسي ۽ مواد جي چونڊ جي لحاظ کان ڪافي اهميت رکي ٿو، روايتي مصلحتن، تعلقاتن، ادبي لابنگ، نظرياتي وابستگي جهڙن اثرن کان ڪجھ قدر آزاد رهيو آهي، خود منهنجي وابستگي ان جو واضح مثال آهي. ادي زاهده ابڙو صاحبه پنهنجي صحافت يا ادبي سفر ۾ ڪافي منفرد ڪردار جي مالڪ رهي آهي، سندس ميگزين منفرد صحافت جو هڪ مثال آهي.
همسري رسالي جي ڏهين سالگره متعلق ويچار
ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڌرتيءَ جي قدامت، تھذيب ۽ ثقافت جا سفير ھوندا آھن. انهن جي مطالعي سان جتي ڌرتيءَ جي ماضي ۽ حال جي ڄاڻ ملندي آھي اتي ئي موجوده وقت ۾ زميني حقيقتن کان واقف به ٿبو آھي. محقق ۽ سياح به انهن وسيلي ئي ڪنھن به تھذيب ڏانھن مائل ٿيندا آھن ۽ پنھنجي شوق يا گهرج جي اڃ اجھائڻ لاءِ ھڪ اڻ ڄاتل ڌرتيءَ سان جُڙي پوندا آھن. ادي زاھدہ ابڙو جي ادارت ھيٺ شايع ٿيندڙ ميگزين ھمسري به سنڌ ۽ سنڌ واسين جو نمائندو ميگزين آھي. سنڌ جو ھڪ سھڻو تعارف آھي. ھارڊ ڪاپيءَ کان وٺي سافٽ ڪاپيءَ جي شڪل ۾، ھمسري گذريل ڏھن ورھين کان پاڻ ملهائي رھيو آھي. مامرو سياسي اٿل پٿل جو ھجي يا سماجي برائين جو، ڪارو ڪاريءَ کان وٺي سنڌوءَ جي وھڪرن تي ٿيل ڪاپاري وارن تائين ھمسري جو ڪردار اڳين مورچن تي موجود جوڌن وارو رھيو آھي. ھمسري بنا ڪنھن ڊپَ يا مفاد جي پنھنجو قلمي جھاد پوري سچائيءَ سان جاري رکيو آھي. سنڌ جي تاريخ سوڌو، ڌرتيءَ جي مسئلن، سنڌ جي فطري ڊيگهه ۽ ويڪر سان ھٿ چراند، سياسي جبر، وسيلن تي لڳندڙ راتاھن، ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھه گهاتين، سياست، مذھب، سماج، لطيفيات، علم، ادب ۽ ٻئي ھر محاذ تي پاڻَ ملهايو آھي.
آئون “همسري ميگزين” جي مواد کي شروع کان وٺي سنجيدگيءَ سان پڙهندو آهيان. منھنجي تمنا هُئي ته آئون همسري ميگزينُ ۾ ڪجھ لکان ۽ لکندو رهان. وقت گذرڻ سان مون همسريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ مون کي همسري ميگزين جي ٽيم پاران سُٺي موٽ ملي آهي. جڏهن همسريءَ پاران مون کان خيال وٺڻ جو پيغام پھتو ته آئون اڃان وڌيڪ سرهو ٿيو آهيان. ڇو ته آئون اهڙي شيءِ کي ڪيئن نه ساراهيان جنھن ۾ رُجعتِ پسندي، دُقيانوسي ۽ پِدر شاهيءَ جھڙا مايوس دور دفن ٿيندا رهن ٿا! جڏهن اهڙن شين جي جاءِ ترقي پسند، روشن خيالي ۽ انساني خود مختياريءَ جھڙو مواد وٺي ته ان کي ساراهڻ سماجي فرض بڻي ٿو. هيءُ ميگزينُ سنڌ جو لاڀائتو ميگزينُ آهي. جنھن ۾ هر موضوع تي معياري مواد پڙهڻ وٽان ملي ٿو. سائنس، فلسفو، سياست، افسانويت ۽ شاعريءَ جھڙيون صنفون هن ميگزين جي سڃاڻپ ۽ سونھن آهن. هيءُ ميگزينُ ڄڻ علم جو ڀنڊار آهي. سنڌي عوام کي روشن خيالي، ترقي پسند، جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جھڙي ادب سان سرشار ڪري رهيو آهي. هن ميگزينُ لاءِ نيڪ تمنائون آهن. ڪوشش ڪبي تہ هن ميگزينُ پڙهندڙن کي اڃان وڌيڪ معياري مواد پڙهائجي.
هَمسَرِي: فِڪري تَحريڪ
منهنجي خيال ۾ همسري هڪ بهترين تخليقي آن لائين سنڌي ميگزين آهي.
همسري مئگزين: ادب جي لاٽ
ھمسري ميگزين جا ڏھ سال ..
ماهوار همسري جي ڏهين سالگره تي مبارڪون
همسري جي ڏهين سالگره
“همسري” هڪ فڪري تحريڪ، هڪ تخليقي سفر
ايڊيٽر همسري ميگزين ڏانهن
ادب جي واڌاري ۾ رسالن جو سڀ کان وڌيڪ اھم ڪردار آھي. ايئن چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ھڪ رسالو ادب ۾ ڪرنگهي واري ھڏي وارو ڪم ڪندو آھي، اھو ئي سبب آھي ته مختلف دورن ۾ مختلف رسالا شايع ٿيندا رھيا آھن، پر انھن رسالن ۾ اھي ئي رسالا ڪاميابي طرف وڌيا آھن، جن مقدار کان وڌيڪ معيار کي اهميت ڏني آھي.
انتھائي خوشي محسوس ڪريان ٿو ته مان صفا لائبرري جي پليٽ فارم تان ھمسري رسالي جو پابندي سان ميمبر رھيو آھيان. ھمسري رسالي جي جوڙجڪ ۽ ھمسري ٽيم جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون آھن. جنھن لاءِ پوري سٿ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ دعاڳو آھيان ته اڳتي به پنھنجون منزلون ماڻيندا، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب ٿينديون.
سڃاڻپ، فڪر ۽ احساسن جو آئينو “همسري”
همسري کي سالگره جون واڌايون هجن
ماهوار “همسري” ڏهين سالگره مبارڪ
همسري هڪ انقلابي ميگزين