مدفن
مير منصور مڱريو
“دوائون وٺي اچو ننڍڙي کي ايڊمٽ ڪيو آهي اڄ رات ۾ ئي بهتر ٿي ويندو انشاءَالله…” بهتر جو لفظ ٻڌي منهنجي چهري مان اميد جا ڏيئا اجهامڻ لڳا ڊاڪٽر سمجهي ويو ته هاڻي مان ڇا ڳالهائڻ شروع ڪندس ته ان اڳ ئي مون سان مخاطب ٿيندي چيو.
“هي پيشنٽ بر وقت کڻائي آيا آهيو، ننڍڙو جلدي ٺيڪ ٿي ويندو”
قهر جي گرمي، سج جي تپش ۽ جسم جي پگهر ڪپڙن کي ڀڄائي وڌو هو، اڄ به ان ئي اسپتال ۾ جيڪا اسپتال منهنجو اڌ آشيانو بڻجي چڪي هئي. پارڪ ۾ ڏکايل چهرن، اهي ٿالهن ۾ گجرون ۽ ڇولا وڪڻندڙ معصوم ۽ پيرسنن جا مرجهايل چهرا، رڪشن جي لڳل لائين وارا لٽيندڙ، سيٽي وڄائيندڙ پوليس جي صفا ميري ۽ گدلي ڊريس ۾ چوڪيدار، ٻوهارو ڏيندڙ نٻل مائي، سڀ منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيا هئا، جيڪي هر روز ڏسڻا پوندا هئا اندر ئي اندر ۾ انهن لاءِ ڏک جو احساس ۽ پنهنجي بيوسي مون کي جهوري ڇڏيندي هئي. اسپتال جي پارڪ ۾ هر روز هڪ ڪهاڻي جنم وٺندي هئي پر لاشن کي کڻائي ڪلهو ڏئي دفنائڻ کانپوءِ ڪهاڻيون به اتي ئي دفنائجي وينديون هيون پر اڄ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي وهيل چيئر تي ڏٺم جيڪا ويهن سالن جي به مس هوندي جنهن کي هڪڙو ٻار ڪڇ ۾ ۽ ڪمزرو وڌيل ڏاڙهي سان مرد ان وهيل چيئر کي ڌڪيندو آيو، ٽئي ڄڻا پنهنجي جاءِ ٺاهي سمهڻ لڳا، جيئن سج تيز اک کولي ته مون کي به جاڳ ٿي پئي ۽ مون پهرين ئي ان جاءِ ڏانهن نهار وڌي پر اها ڇوڪري اتي نه هئي گهڙي کن سندس لاءِ سوچيم. وري ڳالهه آئي وئي ٿي وئي ۽ پنهنجي ننڍڙي بابت ڊاڪٽر کان پڇا ڪيم جنهن سندس طبيعت ۾ بهتري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هاڻي گهر وڃڻ به چاهيم پئي پر پنهنجي ڳوٺ کان 300 ڪلو ميٽر پري اسپتال…سفر به ٿڪايو ۽ پاڙيسري اٻوجهه جن کي هي ڊاڪٽر اردو ۽ انگريزي ڳالهائي لٽين ٿا تنهن بابت سوچيم “جيسين ننڍڙو صحتياب نٿو ٿئي گهر نه وڃبو.” ايئن ئي هڪ ڏينهن گذرڻ وارو هو سج ديوتا تيز وکون کڻي اسهڻ طرف وڌي رهيو هو. سانجهي جي ٻانگ اچڻ لڳي ۽ اها نينگري به وهيل چيئر تي پنهنجي بت کي اڇلائي پارڪ ۾ ويٺي ننڍڙي کي ٿڃ پياري رهي هئي صفا ڪمزور ڳريل ڇوڪري جنهن جون ڪمزور هڏڙيون به نظر اچي رهيون هيون پر ان ٻار طرف ويندڙ رزق چپن تي شڪر جا لفظ آڻائي ڇڏيا ۽ ايئن ئي انهن جي سامهون پارڪ ۾ ستو رهيس. رات گذري رهي هئي آسمان جا تارا ڌنڌلا نظر پئي آيا. ايئن ئي صبح جي سج پنهنجن ڪرڻن سان جاڳايو پهرين ئي نظر انهن کي ڳولڻ لڳي پر اڄ به اهي اتي ڪونه هئا، ڪي ئي ڏينهن گذرندا رهيا، انهن جو معمول ايئن ئي هلي رهيو هو. ٽپهري جو وقت هو ۽ سوچي رهيو هئس اڄ ڪهڙي به حالت ۾ ان ويچاري نينگريءَ کان پڇڻو آهي ته “صرف رات جو وڳوڙ گهارڻ هتي ايندا آهيو؟” ۽ اهو گڏ مرد ڪير اٿس؟ انهن سوالن منهنجي ذهن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي. هاڻي بس هنن جي اچڻ جو انتظار هو ۽ مان سوال دهرائي رهيو هئس، سانجهيءَ جو وقت ٿيو ڇوڪريءَ جي وهيل چيئر کي گهليندو سُڪل ڳريل ڪاٺيءَ جهڙو جيءُ اچي پارڪ ۾ ويهاري پاڻ واش روم طرف روانو ٿيو.
دل ٻَڌي هن طرف وڌڻ لڳس سامهون اچي بيٺس ته هن جي ٻوٽيل اکين جي هيٺان ڪارا داغ هن جي خراب صحت بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا “ادي! او! ادي”، “هنئون!! ها؟” مون اجنبي جي سوالن هن کي خار، بڇان بجاءِ پنهنجي لاءِ هڪ مسيحا سمجهيو ۽ هن جي اکين ۾ اميد جي لاٽ ٻرندي محسوس ڪئي مختصر ۽ مايوسي واري دل سان جواب ڏيندي چيائين:
“ور آهي منهنجو”
منهنجي وري سوال ورجائڻ تي ته “روز صبح جو ڪاڏي ويندا آهيو ۽ هر روز هن پارڪ ۾ ڇو؟” ڄڻ ريهون، ڪوڪون، ايلاز، منٿون، ميڙ ڪندي هجي ته ڀاءُ ان سوال جي پچر ڇڏ. پر مان به اهو جواب ٻڌڻ لاءِ اتاولو هئس نيٺ لڙڪ لڙي پيس ۽ روئندڙ آواز ۾ ڳالهائڻ لڳي، “منهنجو مڙس هيروئني آهي، روز سڄي شهر ۾ مون کي پنائڻ وٺي ويندو آهي شام جو ورندا آهيون، بس گذارو ڪيون پيا”. هن جو جواب ٻڌي اڄ مون کان آسمان به لَٽجي ويو جنهن ڏانهن اکيون کڻي ڏسان ڳوڙهن کي اکين ۾ ئي پي ويس. “توهان ايڏا ڪمزور ٿي ويا آهيو علاج ڇو نٿا ڪرايو هن ئي اسپتال مان”
“مون کي ٽي. بي آهي بس جيڪي چار سج آهن اهي به هن ٻچڙي لاءِ رُکا سُکا گهاري رهي آهيان”
“انهيءَ مڙس مان هٿ ڪڍو اهو توهان کان جيئڻ جا چار سج به کسي وٺندو، مائٽ ڪٿي اٿوَ انهن کي گهرايو ۽ علاج ڪرايو”
“مائٽ ڳوٺ ۾ رهن ٿا ۽ مسڪينيءَ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ويلا ڪٽين ٿا، اهي ڪيئن ڪرائيندا علاج؟”
کنگهندو کانگهاريندو سندس مڙس اچي رهيو هو. مان پنهنجي جاءِ وٺي جلدي وڃي ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته ڪهڙي طريقي سان هن جو علاج ڪرايان ۽ مسئلو حل ڪريان. اهڙي معصوم جي ماءُ ايئن ئي عذاب جي آڙاهه ۾ پئي جلي پچي. سوچي ئي رهيو هئس ته رڙين جا آواز آيا، پٺ ورائي ڏٺم ته اُها ئي نينگري پيٽ تي هٿ رکي تيز ريهون ڪوڪون ڪري رهي هئي ٻار جون ننڍڙيون ننڍڙيون رڙيون به ان سان گڏ جواب ڏين پيون ڊوڙندي ڊاڪٽر طرف وڌيس هن چيڪ اپ ڪيو ۽ ٻي اسپتال ۾ کڻائي وڃڻ جو چيو سڄي واٽ ريهون ڪندي آئي ۽ اسپتال پهتاسين ڊاڪٽر چيو جيڪڏهن علاج نه ٿيس ته مائي مري ويندي، مون ڊاڪٽر کي علاج لاءِ چيو.
هوڏانهن پاڙيسرين جون فونن مٿان فونون “تڪڙو اچ ته نڪرون ڳوٺ لاءِ ننڍڙو چاڪ ٿي ويو آهي”
وچ درياءَ جي سِير ۾ ٻڏان پيو ڪوئي فيصلو ڪرڻ جي قابل نه رهيو هئس، اهڙي امتحان جي آڙاهه ۾ اٽڪي پيو هئس جتي پويان به مجبوريون ڪَر کڻي بيٺل هيون ۽ آخر منهنجي دل به ان عورت کي ڇڏي ڳوٺ وڃڻ تي آماده ٿي پئي نڪري آيس پر ان معصوم ٻار جا جهولي مان نڪرندڙ پتڪڙا هٿ، ماءُ جي جهولي ۾ هن جو لڇڻ، ننڍڙيون ننڍڙيون رڙيون ننڊ ڦٽائن پيون ۽ ان نينگريءَ جون ريهون ڪنن ۾ گونجن پيون ته “ادا مون کي پنهنجي ڀيڻ سمجهي ئي سنڀالين ها”. هن جي تڙپندڙ اکين ۾ جيڪا مون کي تڪليف نظر آئي سا هاڻي به مون کي رت روئاڙي ٿي. هن جا آواز ڪنن ۾ ٻُرن ٿا. “جي تنهنجي سڳي ڀيڻ هجان ها ته ايئن اڪيلو مرڻ لاءِ ڇڏين ها…؟”