اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ڪرڪيٽر خالد لطيف تي 5 سال پابندي ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي سي بي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف تي 5 سال پابندي ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل طرفان اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ خالد لطيف خلاف مختصر فيصلو ٻڌايو ويو. پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ خالد لطيف تي بڪيز سان رابطي کي ظاهر نه ڪرڻ تي 5 سال پابندي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻ هجڻ باوجود خالد لطيف بڪيز سان رابطو ڪيو ۽ ان بابت پي سي بي اينٽي ڪرپشن جي ٽربيونل کي آگاهه نه ڪيو ۽ هن ٻين رانديگرن کي به بڪيز سان رابطي تي ڀڙڪايو. ذريعن موجب 6 شقن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي خالد لطيف تي 5 سال پابندي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. خالد لطيف خلاف 6 شقن مان پهريون 3 شقون ڪرپشن، ٻه بڪيز سان رابطن جي ڄاڻ هجڻ باوجود آگاهه نه ڪرڻ بابت آهن. جڏهن ته شرجيل خان ڪيس جي ڀيٽ ۾ خالد لطيف تي هڪ اضافي شق لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڪرڪيٽرن کي اسپاٽ فڪسنگ تي ڀڙڪائڻ آهي، جنهن کي پي سي بي طرفان ثابت ڪيو ويو آهي. شرجيل خان جي ڀيٽ ۾ خالد لطيف تي اڍائي سال وڌيڪ پابندي جي سزا ڏني وئي آهي، جيڪا فيبروري 2017 کان لاڳو ٿيندي.